Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

14 'Ibrāhīm إِبْرَاهِيم

< Previous   52 Āyah   Abrahim      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

14:1 الٓر ۚ كِتَـٰبٌ أَنزَلْنَـٰهُ إِلَيْكَ لِتُخْرِجَ ٱلنَّاسَ مِنَ ٱلظُّلُمَـٰتِ إِلَى ٱلنُّورِ بِإِذْنِ رَبِّهِمْ إِلَىٰ صِرَٰطِ ٱلْعَزِيزِ ٱلْحَمِيدِ
14:1
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الٓرٰ، ھي ڪتاب آھي جو (اي پيغمبر) اُھو اسان توڏانھن ھن لاءِ نازل ڪيو آھي ته ماڻھن کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍين، (۽) سندس رب جي حُڪم سان انھي ساراھيل جي واٽ تي آڻين.

14:2 ٱللَّهِ ٱلَّذِى لَهُۥ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ ۗ وَوَيْلٌ لِّلْكَـٰفِرِينَ مِنْ عَذَابٍ شَدِيدٍ
14:2
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جنھن جو اُھو (سڀئي) آھي جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي، ۽ سخت عذاب جي خرابي انھن ڪافرن لاءِ آھي.

14:3 ٱلَّذِينَ يَسْتَحِبُّونَ ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا عَلَى ٱلْـَٔاخِرَةِ وَيَصُدُّونَ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ وَيَبْغُونَهَا عِوَجًا ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ فِى ضَلَـٰلٍۭ بَعِيدٍ
14:3
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي حياتيءَ کان وڌيڪ پيارو رکندا آھن ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھليندا آھن ۽ ان جي ڏنگائي گھرندا آھن، اھي وڏيءَ گمراھي ۾ آھن.

14:4 وَمَآ أَرْسَلْنَا مِن رَّسُولٍ إِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهِۦ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ ۖ فَيُضِلُّ ٱللَّهُ مَن يَشَآءُ وَيَهْدِى مَن يَشَآءُ ۚ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
14:4
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ڪنھن پيغمبر کي سندس قوم جي ٻوليءَ کانسواءِ ٻيء (ٻوليءَ) سان نه موڪليوسون (ھن لاءِ) ته انھن کي (پڌرو) بيان ڪري، پوءِ الله جنھن کي گھري ٿو تنھن کي ڀُلائي ٿو ۽ جنھن لاءِ وڻيس تنھن کي ھدايت ٿو ڪري، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.

14:5 وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ بِـَٔايَـٰتِنَآ أَنْ أَخْرِجْ قَوْمَكَ مِنَ ٱلظُّلُمَـٰتِ إِلَى ٱلنُّورِ وَذَكِّرْهُم بِأَيَّىٰمِ ٱللَّهِ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَـٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُورٍ
14:5
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجن معجزن سان موڪليوسون (چيوسون) ته پنھنجي قوم کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍ، ۽ کين الله (جي ڏمر) وارا ڏينھن ياد ڏيار، بيشڪ اُن ۾ ھر ڪنھن صابر شاڪر لاءِ نشانيون آھن.

14:6 وَإِذْ قَالَ مُوسَىٰ لِقَوْمِهِ ٱذْكُرُوا۟ نِعْمَةَ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ أَنجَىٰكُم مِّنْ ءَالِ فِرْعَوْنَ يَسُومُونَكُمْ سُوٓءَ ٱلْعَذَابِ وَيُذَبِّحُونَ أَبْنَآءَكُمْ وَيَسْتَحْيُونَ نِسَآءَكُمْ ۚ وَفِى ذَٰلِكُم بَلَآءٌ مِّن رَّبِّكُمْ عَظِيمٌ
14:6
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو جڏھن ته فرعون جي (انھن) ماڻھن کان اوھان کي بچايائين جيڪي اوھان کي سخت عذاب چکائيندا ھوا، ۽ اوھان جي پُٽ ڪُھندا ھوا ۽ اوھان جون ڌيئرون جيئريون ڇڏيندا ھوا، ۽ ھن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي آزمائش ھُئي.

14:7 وَإِذْ تَأَذَّنَ رَبُّكُمْ لَئِن شَكَرْتُمْ لَأَزِيدَنَّكُمْ ۖ وَلَئِن كَفَرْتُمْ إِنَّ عَذَابِى لَشَدِيدٌ
14:7
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جڏھن اوھان جي پالڻھار اوھان کي خبردار ڪيو ته جيڪڏھن اوھين (منھنجو) شڪرانو ڪندؤ ته اوھان کي ضرور وڌيڪ ڏيندس ۽ جيڪڏھن بي شُڪري ڪندؤ ته بيشڪ منھنجو عذاب سخت آھي.

14:8 وَقَالَ مُوسَىٰٓ إِن تَكْفُرُوٓا۟ أَنتُمْ وَمَن فِى ٱلْأَرْضِ جَمِيعًا فَإِنَّ ٱللَّهَ لَغَنِىٌّ حَمِيدٌ
14:8
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ موسىٰؑ چيو ته اوھان جو ۽ سڀني جھان وارن جو انڪار ڪرڻ (الله کي ڪجھ نقصان لائي نه سگھندو) ڇوته الله بي پرواھ ساراھيل آھي.

14:9 أَلَمْ يَأْتِكُمْ نَبَؤُا۟ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِكُمْ قَوْمِ نُوحٍ وَعَادٍ وَثَمُودَ ۛ وَٱلَّذِينَ مِنۢ بَعْدِهِمْ ۛ لَا يَعْلَمُهُمْ إِلَّا ٱللَّهُ ۚ جَآءَتْهُمْ رُسُلُهُم بِٱلْبَيِّنَـٰتِ فَرَدُّوٓا۟ أَيْدِيَهُمْ فِىٓ أَفْوَٰهِهِمْ وَقَالُوٓا۟ إِنَّا كَفَرْنَا بِمَآ أُرْسِلْتُم بِهِۦ وَإِنَّا لَفِى شَكٍّ مِّمَّا تَدْعُونَنَآ إِلَيْهِ مُرِيبٍ
14:9
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اوھان کي انھن جي سُڌ نه پھتي آھي ڇا جيڪي اوھان کان اڳ نوح ۽ عاد جي قوم جا ھوا، ۽ جيڪي کانئن پوءِ ھوا، جن کي الله کان سواءِ ڪو ڪونه ڄاڻندو ھو، سندن پيغمبر وٽن پڌرن مُعجزن سان آيا پوءِ پنھنجا ھٿ واتن ۾ ورايائون ۽ چيائون ته جنھن شيء سان اوھان کي موڪليو ويو آھي تنھن جا اسين مُنڪر آھيون ۽ جنھن ڏانھن اوھين اسان کي سڏيندا آھيو تنھن کان اسين سخت شڪ ۾ پيل آھيون.

14:10 ۞ قَالَتْ رُسُلُهُمْ أَفِى ٱللَّهِ شَكٌّ فَاطِرِ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ يَدْعُوكُمْ لِيَغْفِرَ لَكُم مِّن ذُنُوبِكُمْ وَيُؤَخِّرَكُمْ إِلَىٰٓ أَجَلٍ مُّسَمًّى ۚ قَالُوٓا۟ إِنْ أَنتُمْ إِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا تُرِيدُونَ أَن تَصُدُّونَا عَمَّا كَانَ يَعْبُدُ ءَابَآؤُنَا فَأْتُونَا بِسُلْطَـٰنٍ مُّبِينٍ
14:10
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
سندن پيغمبر چيو ته (اوھان کي) آسمانن ۽ زمين جي بڻائيندڙ الله جي بابت ڪو شڪ آھي ڇا؟ (اُھو) اوھان کي ھن لاءِ سڏيندو آھي ته اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ ٺھرايل مُدّت تائين اوھان کي مُھلت ڏئي، چيائون ته اوھين به رڳو اسان جھڙا ماڻھو آھيو (تنھنڪري اوھانجي چوڻ تي ڪئن لڳون)، جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تن کان اسان کي جھلڻ جو ارادو رکندا آھيو (جي سچا آھيو) ته اسان وٽ ڪو پڌرو دليل آڻيو.

14:11 قَالَتْ لَهُمْ رُسُلُهُمْ إِن نَّحْنُ إِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ وَلَـٰكِنَّ ٱللَّهَ يَمُنُّ عَلَىٰ مَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦ ۖ وَمَا كَانَ لَنَآ أَن نَّأْتِيَكُم بِسُلْطَـٰنٍ إِلَّا بِإِذْنِ ٱللَّهِ ۚ وَعَلَى ٱللَّهِ فَلْيَتَوَكَّلِ ٱلْمُؤْمِنُونَ
14:11
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
سندن پيغمبر کين چيو ته اسين اوھان جھڙا ئي ماڻھو آھيون پر الله پنھنجي ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي احسان ڪندو آھي، ۽ الله جي حُڪم کانسواءِ اوھان وٽ ڪنھن دليل جي آڻڻ جي اسان کي ڪا سگھ نه آھي، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن.

14:12 وَمَا لَنَآ أَلَّا نَتَوَكَّلَ عَلَى ٱللَّهِ وَقَدْ هَدَىٰنَا سُبُلَنَا ۚ وَلَنَصْبِرَنَّ عَلَىٰ مَآ ءَاذَيْتُمُونَا ۚ وَعَلَى ٱللَّهِ فَلْيَتَوَكَّلِ ٱلْمُتَوَكِّلُونَ
14:12
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي ته الله تي ڀروسو نه ڪريون ۽ بيشڪ اسان کي اسانجي سِڌن رستن جي ھدايت ڪيائين، ۽ جيڪي اسان کي ڏکوئيندا آھيو تنھن تي ضرور صبر ڪنداسون، ۽ ڀروسي ڪندڙن کي الله تي ڀروسو ڪرڻ گھرجي.

14:13 وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لِرُسُلِهِمْ لَنُخْرِجَنَّكُم مِّنْ أَرْضِنَآ أَوْ لَتَعُودُنَّ فِى مِلَّتِنَا ۖ فَأَوْحَىٰٓ إِلَيْهِمْ رَبُّهُمْ لَنُهْلِكَنَّ ٱلظَّـٰلِمِينَ
14:13
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ڪافرن پنھنجن پيغمبرن کي چيو ته اوھان کي پنھنجي مُلڪ مان ڪڍي ڇڏينداسون يا اسان جي مذھب ڏانھن ضرور موٽي اچو، پوءِ سندن پالڻھار انھن ڏانھن وحي ڪيو ته ظالمن کي ضرور ناس ڪنداسون.

14:14 وَلَنُسْكِنَنَّكُمُ ٱلْأَرْضَ مِنۢ بَعْدِهِمْ ۚ ذَٰلِكَ لِمَنْ خَافَ مَقَامِى وَخَافَ وَعِيدِ
14:14
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اُنھن کان پوءِ مُلڪ ۾ اوھان کي ضرور رھائينداسين، اِھو انجام انھي لاءِ آھي جيڪو منھنجي اڳيان بيھڻ کان ڊڄي ۽ منھنجي دڙڪي کان ڊڄي.

14:15 وَٱسْتَفْتَحُوا۟ وَخَابَ كُلُّ جَبَّارٍ عَنِيدٍ
14:15
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ (پيغمبرن) سوڀ جون دُعائون گھريون ۽ سڀڪو ھٺيلو ضدي نامراد ٿيو.

14:16 مِّن وَرَآئِهِۦ جَهَنَّمُ وَيُسْقَىٰ مِن مَّآءٍ صَدِيدٍ
14:16
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ان جي پويان دوزخ آھي ۽ اُن کي پُونءَ جو پاڻي پياريو ويندو.

14:17 يَتَجَرَّعُهُۥ وَلَا يَكَادُ يُسِيغُهُۥ وَيَأْتِيهِ ٱلْمَوْتُ مِن كُلِّ مَكَانٍ وَمَا هُوَ بِمَيِّتٍ ۖ وَمِن وَرَآئِهِۦ عَذَابٌ غَلِيظٌ
14:17
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ان کي ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئندو ۽ اُن کي ڳيت ڏئي پي نه سگھندو ۽ سڀڪنھن پاسي کان موت ايندس ۽ ھو مُئل نه ھوندو، ۽ ان جي پويان سخت عذاب آھي.

14:18 مَّثَلُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِرَبِّهِمْ ۖ أَعْمَـٰلُهُمْ كَرَمَادٍ ٱشْتَدَّتْ بِهِ ٱلرِّيحُ فِى يَوْمٍ عَاصِفٍ ۖ لَّا يَقْدِرُونَ مِمَّا كَسَبُوا۟ عَلَىٰ شَىْءٍ ۚ ذَٰلِكَ هُوَ ٱلضَّلَـٰلُ ٱلْبَعِيدُ
14:18
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جن پنھنجي پالڻھار کان انڪار ڪيو تن جي ڪرتوتن جو مثال انھيءَ ڪيريءَ جھڙو آھي جنھن کي آنڌيءَ واري ڏينھن ۾ واءُ اڏائي، جيڪي ڪمايائون تنھن جي ذري تي پُھچي نه سگھندا، اھا ئي وڏي گمراھي آھي.

14:19 أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱللَّهَ خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ بِٱلْحَقِّ ۚ إِن يَشَأْ يُذْهِبْكُمْ وَيَأْتِ بِخَلْقٍ جَدِيدٍ
14:19
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايو آھي، جيڪڏھن وڻيس ته اوھان کي نئي ۽ ٻي نئين خلق آڻي.

14:20 وَمَا ذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ بِعَزِيزٍ
14:20
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اِھو (ڪرڻ) الله تي اوکو نه آھي.

14:21 وَبَرَزُوا۟ لِلَّهِ جَمِيعًا فَقَالَ ٱلضُّعَفَـٰٓؤُا۟ لِلَّذِينَ ٱسْتَكْبَرُوٓا۟ إِنَّا كُنَّا لَكُمْ تَبَعًا فَهَلْ أَنتُم مُّغْنُونَ عَنَّا مِنْ عَذَابِ ٱللَّهِ مِن شَىْءٍ ۚ قَالُوا۟ لَوْ هَدَىٰنَا ٱللَّهُ لَهَدَيْنَـٰكُمْ ۖ سَوَآءٌ عَلَيْنَآ أَجَزِعْنَآ أَمْ صَبَرْنَا مَا لَنَا مِن مَّحِيصٍ
14:21
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ مڙيئي الله جي اڳيان حاضر ٿيندا پوءِ ھيڻا ھٺيلن کي چوندا ته اسين اوھان جي پٺيان لڳا ھئاسون پوءِ اوھين الله جي عذاب مان ڪجھ اسان کان ٽارڻ وارا آھيو ڇا؟ (ھٺيلا) چوندا ته الله اسان کي ھدايت ڪري ھا ته اسين به اوھان کي ھدايت ڪريون ھا، (ھاڻي) اسان جو رئڻ رڙڻ يا اسان جو صبر ڪرڻ اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھي اسان کي ڪا واہ ڪانه آھي.

14:22 وَقَالَ ٱلشَّيْطَـٰنُ لَمَّا قُضِىَ ٱلْأَمْرُ إِنَّ ٱللَّهَ وَعَدَكُمْ وَعْدَ ٱلْحَقِّ وَوَعَدتُّكُمْ فَأَخْلَفْتُكُمْ ۖ وَمَا كَانَ لِىَ عَلَيْكُم مِّن سُلْطَـٰنٍ إِلَّآ أَن دَعَوْتُكُمْ فَٱسْتَجَبْتُمْ لِى ۖ فَلَا تَلُومُونِى وَلُومُوٓا۟ أَنفُسَكُم ۖ مَّآ أَنَا۠ بِمُصْرِخِكُمْ وَمَآ أَنتُم بِمُصْرِخِىَّ ۖ إِنِّى كَفَرْتُ بِمَآ أَشْرَكْتُمُونِ مِن قَبْلُ ۗ إِنَّ ٱلظَّـٰلِمِينَ لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
14:22
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جڏھن ڪم فيصل ڪيو ويندو تڏھن شيطان چوندو الله اوھان سان سچو انجام ڪيو ھو ۽ مون اوھان سان (ڪوڙو) وعدو ڪيو ھو پوءِ اوھان سان نه پاڙيم، مون کي اوھان تي اوھان جي سڏڻ کانسواءِ (ٻيو ڪو) زور نه ھو پوءِ اوھان منھنجو چيو قبول ڪيو، تنھنڪري مون کي ڦٺ جٺ نه ڪريو ۽ (ھاڻي) پاڻ کي ڦٺ جٺ ڪريو، آءٌ اوھان جي دانھن ورنائڻ وارو نه آھيان ۽ نڪي اوھين منھنجي دانھن ٻڌڻ وارا آھيو، اوھان اڳي مون کي (الله) جو شريڪ بڻايو ھو تنھن کان آءٌ بيزار آھيان، ڇوته ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

14:23 وَأُدْخِلَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ جَنَّـٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَـٰرُ خَـٰلِدِينَ فِيهَا بِإِذْنِ رَبِّهِمْ ۖ تَحِيَّتُهُمْ فِيهَا سَلَـٰمٌ
14:23
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي (انھن) باغن ۾ داخل ڪيا ويندا جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن پنھنجي پالڻھار جي موڪل سان منجھن سدائين رھندڙ آھن، منجھس سندين کيڪار سلام آھي.

14:24 أَلَمْ تَرَ كَيْفَ ضَرَبَ ٱللَّهُ مَثَلًا كَلِمَةً طَيِّبَةً كَشَجَرَةٍ طَيِّبَةٍ أَصْلُهَا ثَابِتٌ وَفَرْعُهَا فِى ٱلسَّمَآءِ
14:24
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اي پيغمبر) توکي معلوم نه آھي ڇا؟ ته الله ڪھڙو مثال بيان ڪيو آھي پاڪ ڪلمون پاڪ وڻ وانگر آھي سنديس پاڙ مُحڪم آھي جنھن جون ٽاريون آسمان آھن.

14:25 تُؤْتِىٓ أُكُلَهَا كُلَّ حِينٍۭ بِإِذْنِ رَبِّهَا ۗ وَيَضْرِبُ ٱللَّهُ ٱلْأَمْثَالَ لِلنَّاسِ لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ
14:25
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پنھنجي پالڻھار جي حُڪم سان سڀ ڪنھن وقت پنھنجا ميوا پچائيندو آھي، ۽ الله ماڻھن لاءِ مثال بيان ڪندو آھي مانَ اُھي نصيحت وٺن.

14:26 وَمَثَلُ كَلِمَةٍ خَبِيثَةٍ كَشَجَرَةٍ خَبِيثَةٍ ٱجْتُثَّتْ مِن فَوْقِ ٱلْأَرْضِ مَا لَهَا مِن قَرَارٍ
14:26
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ بڇڙي ڳالھ جو مثال بڇڙي وڻ وانگر آھي جو زمين تان پٽيو ويو اُن کي ڪو ٽِڪاءُ نه آھي.

14:27 يُثَبِّتُ ٱللَّهُ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ بِٱلْقَوْلِ ٱلثَّابِتِ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا وَفِى ٱلْـَٔاخِرَةِ ۖ وَيُضِلُّ ٱللَّهُ ٱلظَّـٰلِمِينَ ۚ وَيَفْعَلُ ٱللَّهُ مَا يَشَآءُ
14:27
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جن ايمان آندو تن کي الله دُنيا جي حياتيءَ ۾ ثابت قول سام مُحڪم رکندو آھي ۽ آخرت ۾ به، ۽ الله ظالمن کي ڀُلائيندو آھي، ۽ الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.

14:28 ۞ أَلَمْ تَرَ إِلَى ٱلَّذِينَ بَدَّلُوا۟ نِعْمَتَ ٱللَّهِ كُفْرًا وَأَحَلُّوا۟ قَوْمَهُمْ دَارَ ٱلْبَوَارِ
14:28
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اي پيغمبر) توکي اُھي معلوم نه آھن ڇا؟ جن بي شُڪريءَ سببان الله جي نعمتن کي مٽايو ۽ پنھنجي قوم کي ھلاڪيءَ جي گھر ۾ وڌو.

14:29 جَهَنَّمَ يَصْلَوْنَهَا ۖ وَبِئْسَ ٱلْقَرَارُ
14:29
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جو دوزخ آھي، اُھي منجھس گھڙندا، اُھو بڇڙو ٽڪاڻو آھي.

14:30 وَجَعَلُوا۟ لِلَّهِ أَندَادًا لِّيُضِلُّوا۟ عَن سَبِيلِهِۦ ۗ قُلْ تَمَتَّعُوا۟ فَإِنَّ مَصِيرَكُمْ إِلَى ٱلنَّارِ
14:30
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله سان شريڪ مقرّر ڪيائون ته سندس واٽ کان ماڻھن کي ڀُلائين، (اي پيغمبرکين) چؤ ته اوھين آسودا رھو ڇوته اوھان جو (دوزخ جي) باہ ڏانھن موٽڻ آھي.

14:31 قُل لِّعِبَادِىَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ يُقِيمُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَيُنفِقُوا۟ مِمَّا رَزَقْنَـٰهُمْ سِرًّا وَعَلَانِيَةً مِّن قَبْلِ أَن يَأْتِىَ يَوْمٌ لَّا بَيْعٌ فِيهِ وَلَا خِلَـٰلٌ
14:31
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اي پيغمبر) منھنجن اُنھن ٻانھن کي چؤ جن ايمان آندو آھي ته نماز پڙھندا رھن ۽ جيڪي کين رزق ڏنو اٿون تنھن منجھان ڳجھو ۽ پڌرو اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪندا رھن جنھن ۾ نڪو واپار ۽ نڪا يراني ھوندي.

14:32 ٱللَّهُ ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَأَنزَلَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءً فَأَخْرَجَ بِهِۦ مِنَ ٱلثَّمَرَٰتِ رِزْقًا لَّكُمْ ۖ وَسَخَّرَ لَكُمُ ٱلْفُلْكَ لِتَجْرِىَ فِى ٱلْبَحْرِ بِأَمْرِهِۦ ۖ وَسَخَّرَ لَكُمُ ٱلْأَنْهَـٰرَ
14:32
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ آسمان کان (مينھن جو) پاڻي وسايو پوءِ اُن سان سڀڪنھن جنس جي ميون مان اوھان جي روزي ڪڍيائين، ۽ اوھان کي ٻيڙيون ھن لاءِ نِوائي ڏنائين ته سندس حُڪم سان سمنڊ ۾ ترنديون رھن، ۽ اوھان کي نديون (به) نوائي ڏنائين.

14:33 وَسَخَّرَ لَكُمُ ٱلشَّمْسَ وَٱلْقَمَرَ دَآئِبَيْنِ ۖ وَسَخَّرَ لَكُمُ ٱلَّيْلَ وَٱلنَّهَارَ
14:33
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اوھان لاءِ سدائين ھلندڙ سج ۽ چنڊ نوائي ڏنائين، ۽ اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن نوائي ڏنائين.

14:34 وَءَاتَىٰكُم مِّن كُلِّ مَا سَأَلْتُمُوهُ ۚ وَإِن تَعُدُّوا۟ نِعْمَتَ ٱللَّهِ لَا تُحْصُوهَآ ۗ إِنَّ ٱلْإِنسَـٰنَ لَظَلُومٌ كَفَّارٌ
14:34
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪا شيءِ کانئس گھريوَ تنھن سڀ مان ڪي اوھان کي ڏنائين، ۽ جيڪڏھن الله جي نعمتن کي ڳڻيندؤ ته اُھي ڳڻي نه سگھندؤ، بيشڪ ماڻھو ضرور بي انصاف بي شڪر آھي.

14:35 وَإِذْ قَالَ إِبْرَٰهِيمُ رَبِّ ٱجْعَلْ هَـٰذَا ٱلْبَلَدَ ءَامِنًا وَٱجْنُبْنِى وَبَنِىَّ أَن نَّعْبُدَ ٱلْأَصْنَامَ
14:35
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم چيو ته اي منھنجا پالڻھار ھن شھر (مڪي) کي امن وارو ڪر ۽ مون کي ۽ منھنجي اولاد کي بُتن جي پوڄڻ کان پاسي ڪر.

14:36 رَبِّ إِنَّهُنَّ أَضْلَلْنَ كَثِيرًا مِّنَ ٱلنَّاسِ ۖ فَمَن تَبِعَنِى فَإِنَّهُۥ مِنِّى ۖ وَمَنْ عَصَانِى فَإِنَّكَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
14:36
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي منھنجا پالڻھار انھن (بتن) ماڻھن مان گھڻن کي ڀُلايو آھي، پوءِ جيڪو منھنجي پويان لڳو سو بيشڪ منھنجو آھي، ۽ جنھن منھنجي نافرماني ڪئي ته تون بيشڪ بخشڻھار مھربان آھين.

14:37 رَّبَّنَآ إِنِّىٓ أَسْكَنتُ مِن ذُرِّيَّتِى بِوَادٍ غَيْرِ ذِى زَرْعٍ عِندَ بَيْتِكَ ٱلْمُحَرَّمِ رَبَّنَا لِيُقِيمُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ فَٱجْعَلْ أَفْـِٔدَةً مِّنَ ٱلنَّاسِ تَهْوِىٓ إِلَيْهِمْ وَٱرْزُقْهُم مِّنَ ٱلثَّمَرَٰتِ لَعَلَّهُمْ يَشْكُرُونَ
14:37
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي اسانجا پالڻھار مون پنھنجي اولاد مان ڪن کي غير آباد ميدان ۾ تنھنجي تعظيم واري گھر وٽ ھِن لاءِ ٽڪايو آھي ته اي اسانجا پالڻھار اُھي نماز پڙھن پوءِ ڪن ماڻھن جون دليون انھن ڏانھن لڙندڙيون ڪر ۽ کين ميون جي روزي ڏي ته مانَ اُھي شُڪرانو ڪن.

14:38 رَبَّنَآ إِنَّكَ تَعْلَمُ مَا نُخْفِى وَمَا نُعْلِنُ ۗ وَمَا يَخْفَىٰ عَلَى ٱللَّهِ مِن شَىْءٍ فِى ٱلْأَرْضِ وَلَا فِى ٱلسَّمَآءِ
14:38
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي اسان جا پالڻھار جيڪي اسين ڳجھو ڪريون ٿا ۽ جيڪي پڌرو ڪريون ٿا سو تون ڄاڻندو آھين، ۽ ڪابه شيءِ زمين ۾ الله کان ڳُجھي نه آھي ۽ نڪي آسمان ۾.

14:39 ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ٱلَّذِى وَهَبَ لِى عَلَى ٱلْكِبَرِ إِسْمَـٰعِيلَ وَإِسْحَـٰقَ ۚ إِنَّ رَبِّى لَسَمِيعُ ٱلدُّعَآءِ
14:39
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن مون کي ٻڍاپي ۾ اسماعيل ۽ اسحاق عطا ڪيو، ڇوته منھنجو پالڻھار ضرور دُعا ٻڌندڙ آھي.

14:40 رَبِّ ٱجْعَلْنِى مُقِيمَ ٱلصَّلَوٰةِ وَمِن ذُرِّيَّتِى ۚ رَبَّنَا وَتَقَبَّلْ دُعَآءِ
14:40
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي اولاد مان ڪن کي نماز پڙھندڙ ڪر، اي اسان جا پالڻھار منھنجي دُعا قبول ڪر.

14:41 رَبَّنَا ٱغْفِرْ لِى وَلِوَٰلِدَىَّ وَلِلْمُؤْمِنِينَ يَوْمَ يَقُومُ ٱلْحِسَابُ
14:41
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي اسان جا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي ۽ مؤمنن کي (انھي ڏينھن) بخش جنھن ڏينھن حساب کڙو ٿيندو.

14:42 وَلَا تَحْسَبَنَّ ٱللَّهَ غَـٰفِلًا عَمَّا يَعْمَلُ ٱلظَّـٰلِمُونَ ۚ إِنَّمَا يُؤَخِّرُهُمْ لِيَوْمٍ تَشْخَصُ فِيهِ ٱلْأَبْصَـٰرُ
14:42
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪي ظالم ڪندا آھن تنھن کان الله کي ئي بي خبرنه ڀانءِ، الله رڳو کين انھي ڏينھن تائين ڍر ڏني آھي جنھن ڏينھن اکيون ٽڙي وينديون.

14:43 مُهْطِعِينَ مُقْنِعِى رُءُوسِهِمْ لَا يَرْتَدُّ إِلَيْهِمْ طَرْفُهُمْ ۖ وَأَفْـِٔدَتُهُمْ هَوَآءٌ
14:43
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پنھنجا ڳاٽ کڻندڙ ڊوڙندڙ ھوندا پاڻ ڏانھن سندن نظر وري نه سگھندي، ۽ سندين دليون پيون دھڪنديون.

14:44 وَأَنذِرِ ٱلنَّاسَ يَوْمَ يَأْتِيهِمُ ٱلْعَذَابُ فَيَقُولُ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ رَبَّنَآ أَخِّرْنَآ إِلَىٰٓ أَجَلٍ قَرِيبٍ نُّجِبْ دَعْوَتَكَ وَنَتَّبِعِ ٱلرُّسُلَ ۗ أَوَلَمْ تَكُونُوٓا۟ أَقْسَمْتُم مِّن قَبْلُ مَا لَكُم مِّن زَوَالٍ
14:44
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ (اي پيغمبر) ماڻھن کي اُن ڏينھن کان ڊيڄار (جنھن ڏينھن) کين عذاب پھچندو پوءِ ظالم چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي ويجھي مُدّت توڻي مُھلت ڏي ته تنھنجي سڏڻ کي قبول ڪريون ۽ پيغمبرن جي فرمانبرداري ڪريون، (چيو ويندن ته) ھن کان اڳ اوھين قسم نه کڻندا ھيؤ ڇا ته اوھان کي ڪو زوال نه ٿيندو؟

14:45 وَسَكَنتُمْ فِى مَسَـٰكِنِ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ وَتَبَيَّنَ لَكُمْ كَيْفَ فَعَلْنَا بِهِمْ وَضَرَبْنَا لَكُمُ ٱلْأَمْثَالَ
14:45
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اوھين انھن جي جاين ۾ ٽڪيؤ جن پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ اوھان کي پڌرو ٿيو ته انھن سان ڪئن ڪيوسون ۽ اوھان کي ڪيئي مثال بيان ڪياسون.

14:46 وَقَدْ مَكَرُوا۟ مَكْرَهُمْ وَعِندَ ٱللَّهِ مَكْرُهُمْ وَإِن كَانَ مَكْرُهُمْ لِتَزُولَ مِنْهُ ٱلْجِبَالُ
14:46
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ بيشڪ انھن پنھنجو وڏو مڪر ڪيو ۽ الله وت سندن مڪر (جي سزا) آھي، ۽ سندن مڪر ڪو اھڙو نه آھي جنھن سان جبل ٽري وڃن.

14:47 فَلَا تَحْسَبَنَّ ٱللَّهَ مُخْلِفَ وَعْدِهِۦ رُسُلَهُۥٓ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ عَزِيزٌ ذُو ٱنتِقَامٍ
14:47
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ (اي پيغمبر) الله کي پنھنجن پيغمبرن سان پنھنجي وعدي جي خلافي ڪندڙ ھرگز نه ڀانءِ، ڇوته الله غالب (اُن ڏينھن) بدلي وٺڻ وارو آھي.

14:48 يَوْمَ تُبَدَّلُ ٱلْأَرْضُ غَيْرَ ٱلْأَرْضِ وَٱلسَّمَـٰوَٰتُ ۖ وَبَرَزُوا۟ لِلَّهِ ٱلْوَٰحِدِ ٱلْقَهَّارِ
14:48
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جنھن ڏينھن ھيءَ زمين مٽائي ٻي زمين ڪئي ويندي ۽ آسمان (به) ۽ (سڀ ماڻھو) الله ھڪڙي زبردست جي آڏو ٿيندا.

14:49 وَتَرَى ٱلْمُجْرِمِينَ يَوْمَئِذٍ مُّقَرَّنِينَ فِى ٱلْأَصْفَادِ
14:49
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اُن ڏينھن گنھگارن کي زنجيرن ۾ ٻَڌل ڏسندين.

14:50 سَرَابِيلُهُم مِّن قَطِرَانٍ وَتَغْشَىٰ وُجُوهَهُمُ ٱلنَّارُ
14:50
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
سندن ڪپڙا گندرف مان ھوندا ۽ سندن مُنھن کي باھ وڪوڙيندي.

14:51 لِيَجْزِىَ ٱللَّهُ كُلَّ نَفْسٍ مَّا كَسَبَتْ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ سَرِيعُ ٱلْحِسَابِ
14:51
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ھن لاءِ ته سڀڪنھن جيءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو اُن کي الله بدلو ڏئي، بيشڪ الله جلد حساب ڪندڙ آھي.

14:52 هَـٰذَا بَلَـٰغٌ لِّلنَّاسِ وَلِيُنذَرُوا۟ بِهِۦ وَلِيَعْلَمُوٓا۟ أَنَّمَا هُوَ إِلَـٰهٌ وَٰحِدٌ وَلِيَذَّكَّرَ أُو۟لُوا۟ ٱلْأَلْبَـٰبِ
14:52
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اِھو (قرآن) ماڻھن کي پھچائڻو آھي ته اُن سان ڊيڄاريا وڃن ۽ ڄاڻن ته انھي ھڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪو معبود نه آھي ۽ ڌِيان وارا نصيحت وٺن.