Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

24 An-Nūr ٱلنُّور

< Previous   64 Āyah   The Light      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

24:61 لَّيْسَ عَلَى ٱلْأَعْمَىٰ حَرَجٌ وَلَا عَلَى ٱلْأَعْرَجِ حَرَجٌ وَلَا عَلَى ٱلْمَرِيضِ حَرَجٌ وَلَا عَلَىٰٓ أَنفُسِكُمْ أَن تَأْكُلُوا۟ مِنۢ بُيُوتِكُمْ أَوْ بُيُوتِ ءَابَآئِكُمْ أَوْ بُيُوتِ أُمَّهَـٰتِكُمْ أَوْ بُيُوتِ إِخْوَٰنِكُمْ أَوْ بُيُوتِ أَخَوَٰتِكُمْ أَوْ بُيُوتِ أَعْمَـٰمِكُمْ أَوْ بُيُوتِ عَمَّـٰتِكُمْ أَوْ بُيُوتِ أَخْوَٰلِكُمْ أَوْ بُيُوتِ خَـٰلَـٰتِكُمْ أَوْ مَا مَلَكْتُم مَّفَاتِحَهُۥٓ أَوْ صَدِيقِكُمْ ۚ لَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ أَن تَأْكُلُوا۟ جَمِيعًا أَوْ أَشْتَاتًا ۚ فَإِذَا دَخَلْتُم بُيُوتًا فَسَلِّمُوا۟ عَلَىٰٓ أَنفُسِكُمْ تَحِيَّةً مِّنْ عِندِ ٱللَّهِ مُبَـٰرَكَةً طَيِّبَةً ۚ كَذَٰلِكَ يُبَيِّنُ ٱللَّهُ لَكُمُ ٱلْـَٔايَـٰتِ لَعَلَّكُمْ تَعْقِلُونَ
24:61 انڌي تي ڪا اوکائي نه آھي ۽ نڪي منڊي تي اوکائي ۽ نڪي بيمار تي ڪا اوکائي ۽ نڪي خود اوھان (ماڻھن) تي (ڪا اوکائي) آھي جي اوھين پنھنجن گھرن (مان) يا پنھنجن پيُن جي گھرن يا پنھنجن مائرن جي گھرن يا پنھنجي ڀائرن جي گھرن يا پنھنجن ڀينرن جي گھرن يا پنھنجن چاچن جي گھرن يا پنھنجن پڦين جي گھرن يا پنھنجن مامن جي گھرن يا پنھنجي ماسين جي گھرن يا جن جي گھرن جون ڪنجيون اوھان جي ھٿ آھن تن ۽ پنھنجن دوستن جي گھرن مان کائو، گڏجي (کائڻ) يا ڌار ڌار ٿي کائڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، پوءِ جڏھن گھرن ۾ گھڙو تڏھن پنھنجن ماڻھن تي سلام ڏيو جو (اھا) الله وٽان برڪت واري سٺي دُعا آھي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)