Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
4:11
يُوصِيكُمُ ٱللَّهُ فِىٓ أَوْلَـٰدِكُمْ ۖ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ ٱلْأُنثَيَيْنِ ۚ فَإِن كُنَّ نِسَآءً فَوْقَ ٱثْنَتَيْنِ فَلَهُنَّ ثُلُثَا مَا تَرَكَ ۖ وَإِن كَانَتْ وَٰحِدَةً فَلَهَا ٱلنِّصْفُ ۚ وَلِأَبَوَيْهِ لِكُلِّ وَٰحِدٍ مِّنْهُمَا ٱلسُّدُسُ مِمَّا تَرَكَ إِن كَانَ لَهُۥ وَلَدٌ ۚ فَإِن لَّمْ يَكُن لَّهُۥ وَلَدٌ وَوَرِثَهُۥٓ أَبَوَاهُ فَلِأُمِّهِ ٱلثُّلُثُ ۚ فَإِن كَانَ لَهُۥٓ إِخْوَةٌ فَلِأُمِّهِ ٱلسُّدُسُ ۚ مِنۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُوصِى بِهَآ أَوْ دَيْنٍ ۗ ءَابَآؤُكُمْ وَأَبْنَآؤُكُمْ لَا تَدْرُونَ أَيُّهُمْ أَقْرَبُ لَكُمْ نَفْعًا ۚ فَرِيضَةً مِّنَ ٱللَّهِ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ كَانَ عَلِيمًا حَكِيمًا
4:11
الله اوھان جي اولاد بابت اوھان کي وصيت ٿو ڪري، ته پُٽ لاءِ (حصّو) ٻن ڌيئرن جي ڀاڱي جيترو آھي، ۽ جيڪڏھن (فقط) ڌيئرون ٻن کان وڌيڪ ھجن ته (مُئَل) جيڪي ڇڏيو تنھن جون ٻه ٽھايون اُنھن لاءِ آھن، ۽ جيڪڏھن (فقط) ھڪ آھي ته اُن لاءِ اڌ آھي، ۽ مئل جيڪي ڇڏيو تنھن مان اُن جي ماءُ پيءُ ھر ھڪ لاءِ ڇھون ڀاڱو آھي (سو تڏھن) جڏھن اُن (مئل) کي اولاد ھجي، ۽ جيڪڏھن اُن کي اولاد نه ھُجي ۽ اُن جا وارث ماءُ پيءُ ھجن ته ماڻس لاءِ ٽيون ڀاڱو (۽ باقي پڻس لاءِ) آھي، ۽ جيڪڏھن اُن (مئل) کي ڀائر ھجن ته ماڻس لاءِ ڇھون حصّو آھي (اِھو ورھاڱو) وصيّت (جي ادائيءَ کان پوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيّت ڪيائين يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ (ڪرڻو) آھي، اوھان جا پيئر ۽ اوھان جا پُٽ، (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو ته اُنھن مان ڪھڙو اوھان لاءِ فائدي جي ڪري وڌيڪ ويجھو آھي، (اِھو ورھاڱو) الله جي (پارکان) فرض ڪيل آھي، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)