Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

63 Al-Munāfiqūn ٱلْمُنَافِقُون

< Previous   11 Āyah   The Hypocrites      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

63:1 إِذَا جَآءَكَ ٱلْمُنَـٰفِقُونَ قَالُوا۟ نَشْهَدُ إِنَّكَ لَرَسُولُ ٱللَّهِ ۗ وَٱللَّهُ يَعْلَمُ إِنَّكَ لَرَسُولُهُۥ وَٱللَّهُ يَشْهَدُ إِنَّ ٱلْمُنَـٰفِقِينَ لَكَـٰذِبُونَ
63:1
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جڏھن منافق تو وٽ ايندا آھن (ته) چوندا آھن ته شاھدي ڏيون ٿا ته بيشڪ تون الله جو پيغمبر آھين، ۽ الله ڄاڻندو آھي ته بيشڪ تون سندس پيغمبر آھين، ۽ الله شاھدي ٿو ڏئي ته بيشڪ (اُھي) منافق ڪوڙا آھن.

63:2 ٱتَّخَذُوٓا۟ أَيْمَـٰنَهُمْ جُنَّةً فَصَدُّوا۟ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ ۚ إِنَّهُمْ سَآءَ مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
63:2
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پنھنجن قَسمن کي ڍال (ڪري) ورتو اٿن پوءِ الله جي واٽ کان جھلن ٿا، بيشڪ اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.

63:3 ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ ءَامَنُوا۟ ثُمَّ كَفَرُوا۟ فَطُبِعَ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ فَهُمْ لَا يَفْقَهُونَ
63:3
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اھو ھن ڪري آھي جو اُنھن ايمان آندو وري انڪار ڪيائون پوءِ انھن جي دلين تي مُھر ھنئي وئي تنھنڪري اُھي نه سمجھندا آھن.

63:4 ۞ وَإِذَا رَأَيْتَهُمْ تُعْجِبُكَ أَجْسَامُهُمْ ۖ وَإِن يَقُولُوا۟ تَسْمَعْ لِقَوْلِهِمْ ۖ كَأَنَّهُمْ خُشُبٌ مُّسَنَّدَةٌ ۖ يَحْسَبُونَ كُلَّ صَيْحَةٍ عَلَيْهِمْ ۚ هُمُ ٱلْعَدُوُّ فَٱحْذَرْهُمْ ۚ قَـٰتَلَهُمُ ٱللَّهُ ۖ أَنَّىٰ يُؤْفَكُونَ
63:4
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ (اي پيغمبر تون) جڏھن کين ڏسندو آھين (تڏھن) سندن جُسا توکي وڻندا آھن، ۽ جيڪڏھن ڳالھائيندا آھن ته اُنھن جي ڳالھ ڪَن ڏئي ٻڌندو آھين، ڄڻڪ اُھي اُڀيون ڀِت سان ڪاٺيون رکيل آھن، سڀڪنھن آواز کي پاڻ تي ڀو ڀائيندا آھن، اُھي ويري آھن تنھنڪري کائن حِذ رک، الله کين ھلاڪ ڪري، ڪيڏانھن ڦيرايا ٿا وڃن.

63:5 وَإِذَا قِيلَ لَهُمْ تَعَالَوْا۟ يَسْتَغْفِرْ لَكُمْ رَسُولُ ٱللَّهِ لَوَّوْا۟ رُءُوسَهُمْ وَرَأَيْتَهُمْ يَصُدُّونَ وَهُم مُّسْتَكْبِرُونَ
63:5
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته اچو ته الله جو پيغمبر اوھان لاءِ بخشش گھري تڏھن پنھنجا مٿا موڙيندا آھن ۽ انھن کي ڏسندو آھين ته وڏائي ڪندڙ ٿي جھلجن ٿا.

63:6 سَوَآءٌ عَلَيْهِمْ أَسْتَغْفَرْتَ لَهُمْ أَمْ لَمْ تَسْتَغْفِرْ لَهُمْ لَن يَغْفِرَ ٱللَّهُ لَهُمْ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلْفَـٰسِقِينَ
63:6
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
تون انھن لاءِ بخشش گھرين يا انھن لاءِ بخشش نه گھرين ته انھن لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، انھن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو، بيشڪ الله بي دينن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.

63:7 هُمُ ٱلَّذِينَ يَقُولُونَ لَا تُنفِقُوا۟ عَلَىٰ مَنْ عِندَ رَسُولِ ٱللَّهِ حَتَّىٰ يَنفَضُّوا۟ ۗ وَلِلَّهِ خَزَآئِنُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَلَـٰكِنَّ ٱلْمُنَـٰفِقِينَ لَا يَفْقَهُونَ
63:7
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اھي اھڙا آھن جو (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن ته جيڪي (مھاجر) الله جي پيغمبر وٽ آھن تن تي خرچ نه ڪريو تان جو ڇڏي وڃن، ۽ (ھيءَ نه ڄاڻندا آھن ته) آسمانن ۽ زمين جا خزانا خاص الله جا آھن پر (ان ڳالھ کي) مُنافق نه سمجھندا آھن.

63:8 يَقُولُونَ لَئِن رَّجَعْنَآ إِلَى ٱلْمَدِينَةِ لَيُخْرِجَنَّ ٱلْأَعَزُّ مِنْهَا ٱلْأَذَلَّ ۚ وَلِلَّهِ ٱلْعِزَّةُ وَلِرَسُولِهِۦ وَلِلْمُؤْمِنِينَ وَلَـٰكِنَّ ٱلْمُنَـٰفِقِينَ لَا يَعْلَمُونَ
63:8
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
چوندا آھن ته جيڪڏھن (اسين) مديني ۾ موٽي پُتاسون ته وڌيڪ عِزّت وارو تمام بي عزتي کي اُتان ضرور ڪڍي ڇڏيندو، ۽ عِزّت الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ مؤمنن کي آھي پر (اھا ڳالھ) منافق نه ڄاڻندا آھن.

63:9 يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تُلْهِكُمْ أَمْوَٰلُكُمْ وَلَآ أَوْلَـٰدُكُمْ عَن ذِكْرِ ٱللَّهِ ۚ وَمَن يَفْعَلْ ذَٰلِكَ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْخَـٰسِرُونَ
63:9
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي ايمان وارؤ اوھان کي نڪي اوھان جا مال ۽ نڪي اوھان جا اولاد الله جي ياد ڪرڻ کان ويسلو ڪري، ۽ جيڪي ائين ڪندا سي ئي ڇيئي وارا آھن.

63:10 وَأَنفِقُوا۟ مِن مَّا رَزَقْنَـٰكُم مِّن قَبْلِ أَن يَأْتِىَ أَحَدَكُمُ ٱلْمَوْتُ فَيَقُولَ رَبِّ لَوْلَآ أَخَّرْتَنِىٓ إِلَىٰٓ أَجَلٍ قَرِيبٍ فَأَصَّدَّقَ وَأَكُن مِّنَ ٱلصَّـٰلِحِينَ
63:10
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪي اوھان کي روزي ڏني اٿون تنھن منجھان اُنھي کان اڳ خرچ ڪريو جو اوھان مان ڪنھن ھڪڙي کي موت پھچي پوءِ چوڻ لڳي ته اي منھنجا پالڻھار جيڪر مون کي ھڪ ٿوري مُدت تائيم مُھلت ڏين ھا ته خيرات ڪريان ھا ۽ صالحن مان ٿيان ھا.

63:11 وَلَن يُؤَخِّرَ ٱللَّهُ نَفْسًا إِذَا جَآءَ أَجَلُهَا ۚ وَٱللَّهُ خَبِيرٌۢ بِمَا تَعْمَلُونَ
63:11
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جڏھن ڪنھن جيءَ جو اجل ايندو آھي (تڏھن) اُن کي الله ڪڏھن مُھلت نه ڏيندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.