Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

9 At-Tawbah ٱلتَّوْبَة

< Previous   129 Āyah   The Repentance      Next >  

9:1 بَرَآءَةٌ مِّنَ ٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦٓ إِلَى ٱلَّذِينَ عَـٰهَدتُّم مِّنَ ٱلْمُشْرِكِينَ
9:1
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جن مشرڪن سان اوھان انجام ڪيو تن ڏانھن الله ۽ سندس پيغمبر جي پاران (انجام کان) بيزاري آھي.

9:2 فَسِيحُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ أَرْبَعَةَ أَشْهُرٍ وَٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْجِزِى ٱللَّهِ ۙ وَأَنَّ ٱللَّهَ مُخْزِى ٱلْكَـٰفِرِينَ
9:2
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اي مشرڪؤ) مُلڪ ۾ چار مھينا سير ڪريو ۽ ڄاڻو ته اوھين الله کي ٿَڪائڻ وارا نه آھيو ۽ (ڄاڻو) ته الله ڪافرن کي خراب ڪرڻ وارو آھي.

9:3 وَأَذَٰنٌ مِّنَ ٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦٓ إِلَى ٱلنَّاسِ يَوْمَ ٱلْحَجِّ ٱلْأَكْبَرِ أَنَّ ٱللَّهَ بَرِىٓءٌ مِّنَ ٱلْمُشْرِكِينَ ۙ وَرَسُولُهُۥ ۚ فَإِن تُبْتُمْ فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۖ وَإِن تَوَلَّيْتُمْ فَٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْجِزِى ٱللَّهِ ۗ وَبَشِّرِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
9:3
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ وڏي حَج جي ڏينھن الله ۽ سندس پيغمبر جي طرفان ماڻھن ڏانھن پڙھو آھي ته الله ۽ سندس پيغمبر مشرڪن کان بيزار آھي، پوءِ (اي مشرڪؤ) جيڪڏھن (شرڪ کان) توبه ڪندؤ ته اُھا اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن اوھين مُنھن ڦيرائيندؤ ته ڄاڻو ته اوھين الله کي ٿَڪائڻ وارا نه آھيو، ۽ (اي پيغمبر) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.

9:4 إِلَّا ٱلَّذِينَ عَـٰهَدتُّم مِّنَ ٱلْمُشْرِكِينَ ثُمَّ لَمْ يَنقُصُوكُمْ شَيْـًٔا وَلَمْ يُظَـٰهِرُوا۟ عَلَيْكُمْ أَحَدًا فَأَتِمُّوٓا۟ إِلَيْهِمْ عَهْدَهُمْ إِلَىٰ مُدَّتِهِمْ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ يُحِبُّ ٱلْمُتَّقِينَ
9:4
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پر مشرڪن مان جن انجام ڪيو ھيوَ وري (انھن) اوھان سان (انجام ۾) ڪُجھ قُصور نه ڪيو ۽ نڪي اوھان جي خلاف ڪنھن کي مدد ڏنائون تن جو انجام سندين مدت تائين ساڻن پورو ڪريو، ڇوته الله پرھيزگارن کي دوست رکندو آھي.

9:5 فَإِذَا ٱنسَلَخَ ٱلْأَشْهُرُ ٱلْحُرُمُ فَٱقْتُلُوا۟ ٱلْمُشْرِكِينَ حَيْثُ وَجَدتُّمُوهُمْ وَخُذُوهُمْ وَٱحْصُرُوهُمْ وَٱقْعُدُوا۟ لَهُمْ كُلَّ مَرْصَدٍ ۚ فَإِن تَابُوا۟ وَأَقَامُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتَوُا۟ ٱلزَّكَوٰةَ فَخَلُّوا۟ سَبِيلَهُمْ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
9:5
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ (جن مھينن ۾ لڙائي) حرام (ڪئي ويئي آھي سي) مھينا جڏھن پورا ٿين ته (عرب جي) مشرڪن کي جتي لھو تتي انھن کي ماريو ۽ انھن کي پڪڙيو ۽ انھن کي بند رکو ۽ سڀني گھَٽن تي انھن لاءِ ويھو، پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ۽ نماز پڙھن ۽ زڪوٰة ڏين ته سندن واٽ بند نه ڪريو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

9:6 وَإِنْ أَحَدٌ مِّنَ ٱلْمُشْرِكِينَ ٱسْتَجَارَكَ فَأَجِرْهُ حَتَّىٰ يَسْمَعَ كَلَـٰمَ ٱللَّهِ ثُمَّ أَبْلِغْهُ مَأْمَنَهُۥ ۚ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْلَمُونَ
9:6
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪڏھن مشرڪن مان ڪو ھڪڙو توکان امانَ گھُري ته کيس امانَ ڏي جيستائين (ھو) ڪلام الله ٻڌي پوءِ کيس سندس امن جي ھنڌ پھچاءِ، اِھو ھن ڪري آھي جو اُھا قوم اھڙي آھي جو نه ڄاڻندي آھي.

9:7 كَيْفَ يَكُونُ لِلْمُشْرِكِينَ عَهْدٌ عِندَ ٱللَّهِ وَعِندَ رَسُولِهِۦٓ إِلَّا ٱلَّذِينَ عَـٰهَدتُّمْ عِندَ ٱلْمَسْجِدِ ٱلْحَرَامِ ۖ فَمَا ٱسْتَقَـٰمُوا۟ لَكُمْ فَٱسْتَقِيمُوا۟ لَهُمْ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ يُحِبُّ ٱلْمُتَّقِينَ
9:7
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله وٽ ۽ سندس پيغمبر وٽ مشرڪن لاءِ اَنجام ڪئن ٿيندو سواءِ انھن جي جن سان تعظيم واريءَ مسجد وٽ انجام ڪيو ھُيوَ، پوءِ اُھي جيستائين اوھان جي انجام تي بيھڪ ڪن ته اوھين انھن لاءِ بيھڪ وٺو، بيشڪ الله پرھيزگارن کي دوست رکندو آھي.

9:8 كَيْفَ وَإِن يَظْهَرُوا۟ عَلَيْكُمْ لَا يَرْقُبُوا۟ فِيكُمْ إِلًّا وَلَا ذِمَّةً ۚ يُرْضُونَكُم بِأَفْوَٰهِهِمْ وَتَأْبَىٰ قُلُوبُهُمْ وَأَكْثَرُهُمْ فَـٰسِقُونَ
9:8
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ڪئن (سندن انجام رھندو) ۽ جيڪڏھن اوھان تي غالب ٿين ته اوھان بابت نڪي مائٽي جو ۽ نڪي انجام جو خيال رکن، اوھان کي پنھنجين (مِٺين) زبانن سان راضي ڪندا آھن ۽ سندن دليون انڪاري آھن، ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن.

9:9 ٱشْتَرَوْا۟ بِـَٔايَـٰتِ ٱللَّهِ ثَمَنًا قَلِيلًا فَصَدُّوا۟ عَن سَبِيلِهِۦٓ ۚ إِنَّهُمْ سَآءَ مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
9:9
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله جي آيتن کي ٿوري مُلھ تي وڪيائون پوءِ (ماڻھن کي) سندس واٽ کان جھليائون، اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.

9:10 لَا يَرْقُبُونَ فِى مُؤْمِنٍ إِلًّا وَلَا ذِمَّةً ۚ وَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُعْتَدُونَ
9:10
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ڪنھن مؤمن بابت نڪي مائٽي ۽ نڪي انجام جو خيال رکندا آھن، ۽ اھي ئي حد کان لنگھيل آھن.

9:11 فَإِن تَابُوا۟ وَأَقَامُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتَوُا۟ ٱلزَّكَوٰةَ فَإِخْوَٰنُكُمْ فِى ٱلدِّينِ ۗ وَنُفَصِّلُ ٱلْـَٔايَـٰتِ لِقَوْمٍ يَعْلَمُونَ
9:11
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ جيڪڏھن (ڪفر کان) توبه ڪن ۽ نماز پڙھن ۽ زڪوٰة ڏين ته اوھان جا دين ۾ ڀائر آھن، ۽ جيڪي ماڻھو ڄاڻندا آھن تن لاءِ نشانيون کولي بيان ڪريون ٿا.

9:12 وَإِن نَّكَثُوٓا۟ أَيْمَـٰنَهُم مِّنۢ بَعْدِ عَهْدِهِمْ وَطَعَنُوا۟ فِى دِينِكُمْ فَقَـٰتِلُوٓا۟ أَئِمَّةَ ٱلْكُفْرِ ۙ إِنَّهُمْ لَآ أَيْمَـٰنَ لَهُمْ لَعَلَّهُمْ يَنتَهُونَ
9:12
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪڏھن پنھنجن انجامن ٻَڌڻ کانپوءِ پنھنجا قسم ڀڃن ۽ اوھانجي دين ۾ طعنو ھڻن ته ڪفر جي سرڪردن سان جنگ ڪريو ڇو ته اُنھن جو قسم (اعتبار جوڳو) نه آھي مان اُھي جھلجن.

9:13 أَلَا تُقَـٰتِلُونَ قَوْمًا نَّكَثُوٓا۟ أَيْمَـٰنَهُمْ وَهَمُّوا۟ بِإِخْرَاجِ ٱلرَّسُولِ وَهُم بَدَءُوكُمْ أَوَّلَ مَرَّةٍ ۚ أَتَخْشَوْنَهُمْ ۚ فَٱللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخْشَوْهُ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ
9:13
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اھڙي قوم سان ڇونه ٿا وڙھو جن پنھنجن قسمن کي ڀڳو ۽ جي پيغمبر جي ڪڍي ڇڏڻ لاءِ سنبريا ۽ منڍئون اوھان سان (دشمني) اوّل ۾ ڪرڻ لڳا؟ کائن ڇو ٿا ڊڄو؟ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله (ھن لاءِ) وڌيڪ حقدار آھي ته کانئس ڊڄو.

9:14 قَـٰتِلُوهُمْ يُعَذِّبْهُمُ ٱللَّهُ بِأَيْدِيكُمْ وَيُخْزِهِمْ وَيَنصُرْكُمْ عَلَيْهِمْ وَيَشْفِ صُدُورَ قَوْمٍ مُّؤْمِنِينَ
9:14
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
انھن سان وڙھو ته الله اوھان جي ھٿان کين سزا ڏيندو ۽ کين خوار ڪندو ۽ اوھانکي مٿن سوڀ ڏيندو ۽ مؤمنن جي قوم جي سينن کي شفا بخشيندو (ٺاريندو).

9:15 وَيُذْهِبْ غَيْظَ قُلُوبِهِمْ ۗ وَيَتُوبُ ٱللَّهُ عَلَىٰ مَن يَشَآءُ ۗ وَٱللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
9:15
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ سندين دلين جي ڪاوڙ وڃائيندو، ۽ الله جنھن لاءِ گھرندو تنھن تي ٻاجھ سان موٽندو، ۽ الله ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي.

9:16 أَمْ حَسِبْتُمْ أَن تُتْرَكُوا۟ وَلَمَّا يَعْلَمِ ٱللَّهُ ٱلَّذِينَ جَـٰهَدُوا۟ مِنكُمْ وَلَمْ يَتَّخِذُوا۟ مِن دُونِ ٱللَّهِ وَلَا رَسُولِهِۦ وَلَا ٱلْمُؤْمِنِينَ وَلِيجَةً ۚ وَٱللَّهُ خَبِيرٌۢ بِمَا تَعْمَلُونَ
9:16
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ڀائيندا آھيو ڇا ته اوھان کي (جھاد جي تڪليف کان) ڇڏيو ويندو؟ حقيقت ڪري اوھان مان جن جھاد ڪيو ۽ نڪي الله ۽ نڪي پيغمبر ۽ نڪي مؤمنن کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڳجھو دوست ورتو تن کي الله اڃا نه نکيڙيو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.

9:17 مَا كَانَ لِلْمُشْرِكِينَ أَن يَعْمُرُوا۟ مَسَـٰجِدَ ٱللَّهِ شَـٰهِدِينَ عَلَىٰٓ أَنفُسِهِم بِٱلْكُفْرِ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ حَبِطَتْ أَعْمَـٰلُهُمْ وَفِى ٱلنَّارِ هُمْ خَـٰلِدُونَ
9:17
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پاڻ تي ڪفر جو اقراري ٿي مشرڪن کي الله جي مسجدين جو آباد ڪرڻ روا نه آھي، اِھي اُھي آھن جن جا عمل چٽ ٿي ويا، ۽ اُھي باھ ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.

9:18 إِنَّمَا يَعْمُرُ مَسَـٰجِدَ ٱللَّهِ مَنْ ءَامَنَ بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْـَٔاخِرِ وَأَقَامَ ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتَى ٱلزَّكَوٰةَ وَلَمْ يَخْشَ إِلَّا ٱللَّهَ ۖ فَعَسَىٰٓ أُو۟لَـٰٓئِكَ أَن يَكُونُوا۟ مِنَ ٱلْمُهْتَدِينَ
9:18
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله جي مسجدين کي آباد ڪرڻ رڳو انھي کي جڳائيندو آھي جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ نماز پڙھي ۽ زڪوٰة ڏني ۽ الله کانسواءِ (ٻئي ڪنھن کان) نه ڊنو، پوءِ اُميد آھي ته اُھي ھدايت وارن مان آھن.

9:19 ۞ أَجَعَلْتُمْ سِقَايَةَ ٱلْحَآجِّ وَعِمَارَةَ ٱلْمَسْجِدِ ٱلْحَرَامِ كَمَنْ ءَامَنَ بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْـَٔاخِرِ وَجَـٰهَدَ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ ۚ لَا يَسْتَوُۥنَ عِندَ ٱللَّهِ ۗ وَٱللَّهُ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلظَّـٰلِمِينَ
9:19
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اوھان حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ تعظيم واري مسجد کي آباد رکڻ اُن (جي عملن) جھڙو ڪيو آھي ڇا جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو، الله وٽ (ھي ۽ اُھو) برابر نه آھن، الله ظالم قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.

9:20 ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَهَاجَرُوا۟ وَجَـٰهَدُوا۟ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ بِأَمْوَٰلِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ أَعْظَمُ دَرَجَةً عِندَ ٱللَّهِ ۚ وَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْفَآئِزُونَ
9:20
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جن مڃيو ۽ ھجرت ڪئي ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجين مالن ۽ پنھنجين جانين سان جھاد ڪيو سي الله وٽ مرتبي ۾ بلڪل وڏا آھن، ۽ اُھي مُراد ماڻڻ وارا آھن.

9:21 يُبَشِّرُهُمْ رَبُّهُم بِرَحْمَةٍ مِّنْهُ وَرِضْوَٰنٍ وَجَنَّـٰتٍ لَّهُمْ فِيهَا نَعِيمٌ مُّقِيمٌ
9:21
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
انھن کي سندن پالڻھار پاڻ وٽان ٻاجھ ۽ راضپي ۽ انھن باغن جي خوشخبري ڏئي ٿو جن ۾ انھن لاءِ سدائين نعمتون آھن.

9:22 خَـٰلِدِينَ فِيهَآ أَبَدًا ۚ إِنَّ ٱللَّهَ عِندَهُۥٓ أَجْرٌ عَظِيمٌ
9:22
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ڇوته الله ئي وٽ وڏو اجر آھي.

9:23 يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَتَّخِذُوٓا۟ ءَابَآءَكُمْ وَإِخْوَٰنَكُمْ أَوْلِيَآءَ إِنِ ٱسْتَحَبُّوا۟ ٱلْكُفْرَ عَلَى ٱلْإِيمَـٰنِ ۚ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِّنكُمْ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلظَّـٰلِمُونَ
9:23
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي مؤمنؤ پنھنجن پئرن ۽ پنھنجن ڀائرن کي دوست نه وٺو جيڪڏھن (اُھي) ڪفر کي ايمان کان پيارو رکن (ته)، ۽ جيڪي اوھان مان انھن سان دوستي ڪندا سي ئي ظالم آھن.

9:24 قُلْ إِن كَانَ ءَابَآؤُكُمْ وَأَبْنَآؤُكُمْ وَإِخْوَٰنُكُمْ وَأَزْوَٰجُكُمْ وَعَشِيرَتُكُمْ وَأَمْوَٰلٌ ٱقْتَرَفْتُمُوهَا وَتِجَـٰرَةٌ تَخْشَوْنَ كَسَادَهَا وَمَسَـٰكِنُ تَرْضَوْنَهَآ أَحَبَّ إِلَيْكُم مِّنَ ٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ وَجِهَادٍ فِى سَبِيلِهِۦ فَتَرَبَّصُوا۟ حَتَّىٰ يَأْتِىَ ٱللَّهُ بِأَمْرِهِۦ ۗ وَٱللَّهُ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلْفَـٰسِقِينَ
9:24
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھان جا پيئر ۽ اوھان جو اولاد ۽ اوھان جا ڀائر ۽ اوھان جون زالون ۽ اوھان جا مائٽ ۽ اُھي مال جي اوھان ڪمايا آھن ۽ واپار جنھن جي بند ٿيڻ کان ڊڄو ٿا ۽ جايون جن کي پسند ڪريو ٿا سي اوھان کي الله ۽ سندس پيغمبر ۽ سندس واٽ ۾ جھاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آھن ته (ايسين) ترسو جيسين الله پنھنجو عذاب آڻي، ۽ الله بي دين قوم کي (سڌو) رستو نه ڏيکاريندو آھي.

9:25 لَقَدْ نَصَرَكُمُ ٱللَّهُ فِى مَوَاطِنَ كَثِيرَةٍ ۙ وَيَوْمَ حُنَيْنٍ ۙ إِذْ أَعْجَبَتْكُمْ كَثْرَتُكُمْ فَلَمْ تُغْنِ عَنكُمْ شَيْـًٔا وَضَاقَتْ عَلَيْكُمُ ٱلْأَرْضُ بِمَا رَحُبَتْ ثُمَّ وَلَّيْتُم مُّدْبِرِينَ
9:25
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بيشڪ الله اوھان کي گھڻن ھنڌن ۾ سوڀ ڏني ۽ (پڻ جنگ) حُنين جي ڏينھن جو جڏھن اوھان جي گھڻائي اوھانکي عجب ۾ وڌو ۽ اوھان کان اوھان جي گھڻائي ڪجھ به ٽاري نه سگھي ۽ زمين پنھنجي ويڪرائي ھوندي (به) اوھان تي سوڙھي ٿي ويئي پوءِ اوھين پُٺيرا ٿي ڦريؤ.

9:26 ثُمَّ أَنزَلَ ٱللَّهُ سَكِينَتَهُۥ عَلَىٰ رَسُولِهِۦ وَعَلَى ٱلْمُؤْمِنِينَ وَأَنزَلَ جُنُودًا لَّمْ تَرَوْهَا وَعَذَّبَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ ۚ وَذَٰلِكَ جَزَآءُ ٱلْكَـٰفِرِينَ
9:26
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
موٽي الله پنھنجي پار کان آرام پنھنجي پيغمبر تي ۽ مؤمنن تي لاٿو ۽ (ملائڪن جو) لشڪر لاٿائين جن کي نه ٿي ڏٺوَ، ۽ ڪافرن کي سزا ڏنائين، ۽ اِھا ڪافرن جي سزا آھي.

9:27 ثُمَّ يَتُوبُ ٱللَّهُ مِنۢ بَعْدِ ذَٰلِكَ عَلَىٰ مَن يَشَآءُ ۗ وَٱللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
9:27
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
موٽي اُن کانپوءِ الله جنھن لاءِ وڻيس تنھن تي ٻاجھ سان موٽندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

9:28 يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِنَّمَا ٱلْمُشْرِكُونَ نَجَسٌ فَلَا يَقْرَبُوا۟ ٱلْمَسْجِدَ ٱلْحَرَامَ بَعْدَ عَامِهِمْ هَـٰذَا ۚ وَإِنْ خِفْتُمْ عَيْلَةً فَسَوْفَ يُغْنِيكُمُ ٱللَّهُ مِن فَضْلِهِۦٓ إِن شَآءَ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
9:28
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي مؤمنؤ مشرڪ رڳو پليت آھن تنھنڪري ھن ورہ پڄاڻا تعظيم واريءَ مسجد جي ويجھو نه وڃن، ۽ جيڪڏھن (اوھين) سڃائيءَ کان ڊڄندا آھيو ته جيڪڏھن الله گھريو ته پنھنجي فضل سان اوھانکي سگھوئي آسودو ڪندو، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

9:29 قَـٰتِلُوا۟ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ وَلَا بِٱلْيَوْمِ ٱلْـَٔاخِرِ وَلَا يُحَرِّمُونَ مَا حَرَّمَ ٱللَّهُ وَرَسُولُهُۥ وَلَا يَدِينُونَ دِينَ ٱلْحَقِّ مِنَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَـٰبَ حَتَّىٰ يُعْطُوا۟ ٱلْجِزْيَةَ عَن يَدٍ وَهُمْ صَـٰغِرُونَ
9:29
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جن کي ڪتاب ڏنو ويو تن مان جيڪي نڪي الله کي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ نڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي حرام ڪيل شيء کي حرام ڪري ڄاڻندا آھن ۽ نڪي سچو دين قبول ڪندا آھن تن سان ايستائين وڙھو جيسين (اُھي) رعيتي پنھنجي ھٿان جزيو ڏين.

9:30 وَقَالَتِ ٱلْيَهُودُ عُزَيْرٌ ٱبْنُ ٱللَّهِ وَقَالَتِ ٱلنَّصَـٰرَى ٱلْمَسِيحُ ٱبْنُ ٱللَّهِ ۖ ذَٰلِكَ قَوْلُهُم بِأَفْوَٰهِهِمْ ۖ يُضَـٰهِـُٔونَ قَوْلَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِن قَبْلُ ۚ قَـٰتَلَهُمُ ٱللَّهُ ۚ أَنَّىٰ يُؤْفَكُونَ
9:30
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ يَھُودين چيو ته عُزير الله جو پُٽ آھي ۽ نصارن چيو ته عيسىٰ الله جو پُٽ آھي، اِھو سندن واتن سان آھي، اڳين ڪافرن جي چوڻ جھڙي رِيس ڪندا آھن، الله مٿن لعنت ڪري، ڪيڏي جو ڪيڏي ڀُلايا ويندا آھن.

9:31 ٱتَّخَذُوٓا۟ أَحْبَارَهُمْ وَرُهْبَـٰنَهُمْ أَرْبَابًا مِّن دُونِ ٱللَّهِ وَٱلْمَسِيحَ ٱبْنَ مَرْيَمَ وَمَآ أُمِرُوٓا۟ إِلَّا لِيَعْبُدُوٓا۟ إِلَـٰهًا وَٰحِدًا ۖ لَّآ إِلَـٰهَ إِلَّا هُوَ ۚ سُبْحَـٰنَهُۥ عَمَّا يُشْرِكُونَ
9:31
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(۽) پنھنجن عالمن ۽ پنھنجن فقيرن ۽ عيسىٰ پُٽ مريم جي کي الله کانسواءِ پالڻھار ڪري ورتائون، ۽ ھڪ الله جي عبادت ڪرڻ کانسواءِ کين ٻيو حڪم نه ڪيو ويو آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، جيڪي ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان ھو پاڪ آھي.

9:32 يُرِيدُونَ أَن يُطْفِـُٔوا۟ نُورَ ٱللَّهِ بِأَفْوَٰهِهِمْ وَيَأْبَى ٱللَّهُ إِلَّآ أَن يُتِمَّ نُورَهُۥ وَلَوْ كَرِهَ ٱلْكَـٰفِرُونَ
9:32
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(۽) پنھنجن واتن سان الله جي نُور کي وسائڻ گھرندا آھن ۽ الله پنھنجي نُور کي پوري ڪرڻ کانسواءِ نه رھندو جيتوڻيڪ ڪافر ارھا ٿين.

9:33 هُوَ ٱلَّذِىٓ أَرْسَلَ رَسُولَهُۥ بِٱلْهُدَىٰ وَدِينِ ٱلْحَقِّ لِيُظْهِرَهُۥ عَلَى ٱلدِّينِ كُلِّهِۦ وَلَوْ كَرِهَ ٱلْمُشْرِكُونَ
9:33
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اُھو (الله) اھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان ھن لاءِ موڪليو ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري جيتوڻيڪ مشرڪ رنج ٿين.

9:34 ۞ يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِنَّ كَثِيرًا مِّنَ ٱلْأَحْبَارِ وَٱلرُّهْبَانِ لَيَأْكُلُونَ أَمْوَٰلَ ٱلنَّاسِ بِٱلْبَـٰطِلِ وَيَصُدُّونَ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ ۗ وَٱلَّذِينَ يَكْنِزُونَ ٱلذَّهَبَ وَٱلْفِضَّةَ وَلَا يُنفِقُونَهَا فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ فَبَشِّرْهُم بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
9:34
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي ايمان وارؤ ڪتاب وارن عالمن ۽ فقيرن مان گھڻا ماڻھن جو مال ٺڳيءَ سان کائيندا آھن ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليندا آھن، ۽ جيڪي سون ۽ رپي جو خزانو گڏ ڪندا آھن ۽ اُھو الله جي واٽ ۾ نه خرچيندا آھن تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.

9:35 يَوْمَ يُحْمَىٰ عَلَيْهَا فِى نَارِ جَهَنَّمَ فَتُكْوَىٰ بِهَا جِبَاهُهُمْ وَجُنُوبُهُمْ وَظُهُورُهُمْ ۖ هَـٰذَا مَا كَنَزْتُمْ لِأَنفُسِكُمْ فَذُوقُوا۟ مَا كُنتُمْ تَكْنِزُونَ
9:35
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جنھن ڏينھن (سندن مال) دوزخ جي باھ ۾ تپائبو (جڏھن تپندو ته) پوءِ اُن سان سندن پيشانيون ۽ سندن پاسريون ۽ سندن پٺيون ڏنڀبيون، (چئبن ته) ھيءُ اُھو (خزانو) آھي جيڪو پاڻ لاءِ گڏ ڪيو ھيوَ (ان جو) مزو چکو.

9:36 إِنَّ عِدَّةَ ٱلشُّهُورِ عِندَ ٱللَّهِ ٱثْنَا عَشَرَ شَهْرًا فِى كِتَـٰبِ ٱللَّهِ يَوْمَ خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ مِنْهَآ أَرْبَعَةٌ حُرُمٌ ۚ ذَٰلِكَ ٱلدِّينُ ٱلْقَيِّمُ ۚ فَلَا تَظْلِمُوا۟ فِيهِنَّ أَنفُسَكُمْ ۚ وَقَـٰتِلُوا۟ ٱلْمُشْرِكِينَ كَآفَّةً كَمَا يُقَـٰتِلُونَكُمْ كَآفَّةً ۚ وَٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّ ٱللَّهَ مَعَ ٱلْمُتَّقِينَ
9:36
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بيشڪ مھينن جو ڳاڻيٽو يقيناً ڪتاب الاھي ۾ الله وٽ ٻارھن مھينا آھن جنھن ڏينھن کان آسمانن ۽ زمين کي بڻايائين منجھانئس چار (مھينا) تعظيم وارا آھن، اِھو پڪو دين آھي، تنھنڪري اوھين پاڻ کي منجھن نقصان نه لايو، ۽ سڀني مشرڪن سان وڙھو جھڙي طرح اوھان سان سڀيئي وڙھن ٿا، ۽ ڄاڻو ته الله پرھيزگارن سان گڏ آھي.

9:37 إِنَّمَا ٱلنَّسِىٓءُ زِيَادَةٌ فِى ٱلْكُفْرِ ۖ يُضَلُّ بِهِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ يُحِلُّونَهُۥ عَامًا وَيُحَرِّمُونَهُۥ عَامًا لِّيُوَاطِـُٔوا۟ عِدَّةَ مَا حَرَّمَ ٱللَّهُ فَيُحِلُّوا۟ مَا حَرَّمَ ٱللَّهُ ۚ زُيِّنَ لَهُمْ سُوٓءُ أَعْمَـٰلِهِمْ ۗ وَٱللَّهُ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلْكَـٰفِرِينَ
9:37
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
تعظيم وارن مھينن جو اڳي پوءِ ڪرڻ رڳو ڪفر ۾ واڌارو آھي اُن سان ڪافر ڀُلايا ويندا آھن اُن (مھيني) کي ھڪ سال حلال ڳڻين ٿا ۽ ٻئي سال اُن کي حرام ڀائين ٿا ھن لاءِ ته الله جي حرام ڪيلن مھينن جي ڳاڻيٽي جي پورائي ڪن پوءِ جن کي الله حرام ڪيو آھي تن کي حلال ٿا ڪن، اُنھن لاءِ سندن بڇڙا ڪرتوت سينگاريا ويا، ۽ الله ڪافر ٽوليءَ کي ھدايت نه ڪندو آھي.

9:38 يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مَا لَكُمْ إِذَا قِيلَ لَكُمُ ٱنفِرُوا۟ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ ٱثَّاقَلْتُمْ إِلَى ٱلْأَرْضِ ۚ أَرَضِيتُم بِٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا مِنَ ٱلْـَٔاخِرَةِ ۚ فَمَا مَتَـٰعُ ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ إِلَّا قَلِيلٌ
9:38
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي ايمان وارؤ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو جڏھن اوھان کي چئبو آھي ته الله جي واٽ ۾ (جھاد لاءِ) نڪرو ته زمين ڏانھن ڳرا ٿي ڪرندا آھيو، آخرت جي بدران دنيا جي حياتي سان راضي ٿيا آھيو، دنيا جي حياتي جو سامان آخرت (جي مقابلي) ۾ ٿورڙي کانسواءِ نه آھي.

9:39 إِلَّا تَنفِرُوا۟ يُعَذِّبْكُمْ عَذَابًا أَلِيمًا وَيَسْتَبْدِلْ قَوْمًا غَيْرَكُمْ وَلَا تَضُرُّوهُ شَيْـًٔا ۗ وَٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ
9:39
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جيڪڏھن نه نڪرندؤ ته اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو، ۽ اوھان کانسواءِ ٻي قوم مٽائي آڻيندو ۽ اوھين کيس ڪُجھ ضرر نه رسائيندؤ، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.

9:40 إِلَّا تَنصُرُوهُ فَقَدْ نَصَرَهُ ٱللَّهُ إِذْ أَخْرَجَهُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ ثَانِىَ ٱثْنَيْنِ إِذْ هُمَا فِى ٱلْغَارِ إِذْ يَقُولُ لِصَـٰحِبِهِۦ لَا تَحْزَنْ إِنَّ ٱللَّهَ مَعَنَا ۖ فَأَنزَلَ ٱللَّهُ سَكِينَتَهُۥ عَلَيْهِ وَأَيَّدَهُۥ بِجُنُودٍ لَّمْ تَرَوْهَا وَجَعَلَ كَلِمَةَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ ٱلسُّفْلَىٰ ۗ وَكَلِمَةُ ٱللَّهِ هِىَ ٱلْعُلْيَا ۗ وَٱللَّهُ عَزِيزٌ حَكِيمٌ
9:40
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جيڪڏھن پيغمبر کي مدد نه ڏيندؤ ته بيشڪ کيس الله مدد ڏني آھي جنھن مھل ڪافرن (مڪي مان) کيس ڪڍي ڇڏيو ٻن مان ھڪڙو پاڻ ھو جڏھن اُھي غار ۾ ھوا تڏھن پنھنجي سنگتيءَ کي چيائين ته اُلڪو نه ڪر تحقيق الله اسان سان (گڏ) آھي، پوءِ الله مٿس پنھنجو آرام لاٿو ۽ کيس اھڙي لشڪر سان مدد ڪيائين جو اُن کي اوھان نه ڏٺو ۽ ڪافرن جي ڳالھ کي ھيٺ ڪيائين، الله جي ڳالھ (ھميشه) مٿاھين آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.

9:41 ٱنفِرُوا۟ خِفَافًا وَثِقَالًا وَجَـٰهِدُوا۟ بِأَمْوَٰلِكُمْ وَأَنفُسِكُمْ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ ۚ ذَٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ
9:41
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(ھر حال جنگ جي) ٿوري سامان ۽ گھڻي سامان سوڌا (جھاد لاءِ) نڪرو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان الله جي واٽ ۾ جھاد ڪريو، اھو اوھان لاءِ ڀلو آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو.

9:42 لَوْ كَانَ عَرَضًا قَرِيبًا وَسَفَرًا قَاصِدًا لَّٱتَّبَعُوكَ وَلَـٰكِنۢ بَعُدَتْ عَلَيْهِمُ ٱلشُّقَّةُ ۚ وَسَيَحْلِفُونَ بِٱللَّهِ لَوِ ٱسْتَطَعْنَا لَخَرَجْنَا مَعَكُمْ يُهْلِكُونَ أَنفُسَهُمْ وَٱللَّهُ يَعْلَمُ إِنَّهُمْ لَكَـٰذِبُونَ
9:42
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جيڪڏھن سامان سولو ۽ سفر ھلڪو ھجي ھا ته ضرور تنھنجي پٺيان لڳن ھا پر مٿن پنڌ پري ٿيو، ۽ الله جو قسم سگھوئي کڻندا (چوندا ته) جيڪڏھن اسين توفيق ساريون ھا ته اوھان سان گڏ نڪرون ھا، پاڻ کي (منافقيءَ سببان) ھلاڪ ڪن ٿا، ۽ الله ڄاڻي ٿو ته اُھي ڪوڙا آھن.

9:43 عَفَا ٱللَّهُ عَنكَ لِمَ أَذِنتَ لَهُمْ حَتَّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكَ ٱلَّذِينَ صَدَقُوا۟ وَتَعْلَمَ ٱلْكَـٰذِبِينَ
9:43
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله توکي معاف ڪيو، کين تو ڇالاءِ موڪل ڏني جيسين توکي سچا پڌرا ٿين ھا ۽ (تون) ڪوڙن کي ڄاڻين ھا.

9:44 لَا يَسْتَـْٔذِنُكَ ٱلَّذِينَ يُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْـَٔاخِرِ أَن يُجَـٰهِدُوا۟ بِأَمْوَٰلِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ ۗ وَٱللَّهُ عَلِيمٌۢ بِٱلْمُتَّقِينَ
9:44
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو آھي سي پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان جھاد ڪرڻ ۾ توکان موڪل نٿا گھرن، ۽ الله پرھيزگارن کي ڄاڻندڙ آھي.

9:45 إِنَّمَا يَسْتَـْٔذِنُكَ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْـَٔاخِرِ وَٱرْتَابَتْ قُلُوبُهُمْ فَهُمْ فِى رَيْبِهِمْ يَتَرَدَّدُونَ
9:45
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
انھن کان سواءِ ٻيو ڪو توکان موڪل نه گھرندو جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃيندا آھن ۽ سندن دلين ۾ شڪ پيل آھن پوءِ اُھي پنھنجي شڪ ۾ حيران آھن.

9:46 ۞ وَلَوْ أَرَادُوا۟ ٱلْخُرُوجَ لَأَعَدُّوا۟ لَهُۥ عُدَّةً وَلَـٰكِن كَرِهَ ٱللَّهُ ٱنۢبِعَاثَهُمْ فَثَبَّطَهُمْ وَقِيلَ ٱقْعُدُوا۟ مَعَ ٱلْقَـٰعِدِينَ
9:46
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪڏھن ٻاھر نڪرڻ گھرن ھا ته ان لاءِ تياريءَ جو سامان تيار ڪن ھا پر الله سندن (جھاد تي) وڃڻ پسند نه ڪيو تنھنڪري کين توفيق نه ڏنائين ۽ چيو ويونِ ته وھندڙن سان گڏجي وِھو.

9:47 لَوْ خَرَجُوا۟ فِيكُم مَّا زَادُوكُمْ إِلَّا خَبَالًا وَلَأَوْضَعُوا۟ خِلَـٰلَكُمْ يَبْغُونَكُمُ ٱلْفِتْنَةَ وَفِيكُمْ سَمَّـٰعُونَ لَهُمْ ۗ وَٱللَّهُ عَلِيمٌۢ بِٱلظَّـٰلِمِينَ
9:47
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جيڪڏھن اوھان ۾ (گڏجي) نڪرن ھا ته اوھان ۾ شرارت کانسواءِ ٻيو ڪُجھ نه وڌائين ھا ۽ ضرور اوھانجو ٻگيٿرو گھرندڙ ٿي اوھان جي وچ ۾ فساد وجھڻ لاءِ ڊوڙن ھا، ۽ اوھان ۾ اُنھن جا (ڪي) جاسوس آھن، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي.

9:48 لَقَدِ ٱبْتَغَوُا۟ ٱلْفِتْنَةَ مِن قَبْلُ وَقَلَّبُوا۟ لَكَ ٱلْأُمُورَ حَتَّىٰ جَآءَ ٱلْحَقُّ وَظَهَرَ أَمْرُ ٱللَّهِ وَهُمْ كَـٰرِهُونَ
9:48
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اُھي اڳ بيشڪ فساد جي فڪر ۾ ھوا ۽ تولاءِ بڇڙيون صلاحون ڪندا رھيا ايتري تائين جو مدد آئي ۽ الله جو حُڪم غالب ٿيو ۽ اُھي ناراض ھوا.

9:49 وَمِنْهُم مَّن يَقُولُ ٱئْذَن لِّى وَلَا تَفْتِنِّىٓ ۚ أَلَا فِى ٱلْفِتْنَةِ سَقَطُوا۟ ۗ وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحِيطَةٌۢ بِٱلْكَـٰفِرِينَ
9:49
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ منجھائن ڪو آھي جو چوي ٿو ته مون کي موڪل ڏي ۽ مونکي فتني ۾ نه وجھ، خبردار (اُھي پاڻ) فتني ۾ پيل آھن، ۽ بيشڪ دوزخ ڪافرن کي گھيرو ڪندڙ آھي.

9:50 إِن تُصِبْكَ حَسَنَةٌ تَسُؤْهُمْ ۖ وَإِن تُصِبْكَ مُصِيبَةٌ يَقُولُوا۟ قَدْ أَخَذْنَآ أَمْرَنَا مِن قَبْلُ وَيَتَوَلَّوا۟ وَّهُمْ فَرِحُونَ
9:50
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي ڪو سھنج پھچندو آھي ته کين ڏکيو لڳندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪو توکي اھنج پھچندو آھي ته چوندا آھن ته بيشڪ پنھنجو ڪم اڳيئي سنڀالي ورتو اٿؤن ۽ اُھي سرھا ٿي ڦرندا آھن.

9:51 قُل لَّن يُصِيبَنَآ إِلَّا مَا كَتَبَ ٱللَّهُ لَنَا هُوَ مَوْلَىٰنَا ۚ وَعَلَى ٱللَّهِ فَلْيَتَوَكَّلِ ٱلْمُؤْمِنُونَ
9:51
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اي پيغمبر) چؤ ته جيڪي الله اسان لاءِ لکيو آھي تنھن کانسواءِ ٻيو ڪي اسانکي ڪڏھن نه پھچندو، اُھو اسانجو سنڀاليندڙ آھي، ۽ مؤمنن کي رڳو الله تي ڀروسو ڪرڻ جڳائي.

9:52 قُلْ هَلْ تَرَبَّصُونَ بِنَآ إِلَّآ إِحْدَى ٱلْحُسْنَيَيْنِ ۖ وَنَحْنُ نَتَرَبَّصُ بِكُمْ أَن يُصِيبَكُمُ ٱللَّهُ بِعَذَابٍ مِّنْ عِندِهِۦٓ أَوْ بِأَيْدِينَا ۖ فَتَرَبَّصُوٓا۟ إِنَّا مَعَكُم مُّتَرَبِّصُونَ
9:52
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اي پيغمبر منافقن کي) چؤ ته اوھين اسان لاءِ ٻن چڱاين مان ھڪڙي کانسواءِ انتظار نه ڪڍندا آھيو، ۽ اسين (به) اوھان لاءِ انتظار ڪڍندا آھيون ته الله پاڻ وٽان يا اسان جي ھٿان اوھان کي سزا پھچائي، پوءِ اوھين انتظار ڪڍو اسين (به) اوھان سان گڏ منتظر آھيون.

9:53 قُلْ أَنفِقُوا۟ طَوْعًا أَوْ كَرْهًا لَّن يُتَقَبَّلَ مِنكُمْ ۖ إِنَّكُمْ كُنتُمْ قَوْمًا فَـٰسِقِينَ
9:53
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
چؤ (اي منافقو) سَرھا ٿي توڻي ارھا ٿي خرچ ڪريو ته اوھان کان ڪڏھن قبول نه ڪبو، ڇوته اوھين بي دين ٽولي آھيو.

9:54 وَمَا مَنَعَهُمْ أَن تُقْبَلَ مِنْهُمْ نَفَقَـٰتُهُمْ إِلَّآ أَنَّهُمْ كَفَرُوا۟ بِٱللَّهِ وَبِرَسُولِهِۦ وَلَا يَأْتُونَ ٱلصَّلَوٰةَ إِلَّا وَهُمْ كُسَالَىٰ وَلَا يُنفِقُونَ إِلَّا وَهُمْ كَـٰرِهُونَ
9:54
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ کانئن سندن خرچ جو قبول ڪرڻ ھن کانسواءِ نه جھليو ويو ته اُھي الله ۽ سندس پيغمبر جا مُنڪر آھن ۽ نڪي آرس ڪرڻ کان سواءِ نماز پڙھندا آھن ۽ نڪي (الله جي واٽ ۾) رنج کانسواءِ خرچيندا آھن.

9:55 فَلَا تُعْجِبْكَ أَمْوَٰلُهُمْ وَلَآ أَوْلَـٰدُهُمْ ۚ إِنَّمَا يُرِيدُ ٱللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم بِهَا فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا وَتَزْهَقَ أَنفُسُهُمْ وَهُمْ كَـٰفِرُونَ
9:55
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ توکي نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد عجب ۾ وجھي، الله رڳو گھرندو آھي ته دنيا جي حياتي ۾ اُن سان کين عذاب ڪري ۽ سندن ساہ ڪُفر جي ئي حالت ۾ نڪرن.

9:56 وَيَحْلِفُونَ بِٱللَّهِ إِنَّهُمْ لَمِنكُمْ وَمَا هُم مِّنكُمْ وَلَـٰكِنَّهُمْ قَوْمٌ يَفْرَقُونَ
9:56
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله جو قسم کڻندا آھن ته اُھي اوھان منجھان آھن، ۽ (حقيقت ڪري) اُھي اوھان منجھان نه آھن پر اُھا ڊڄڻي قوم آھي.

9:57 لَوْ يَجِدُونَ مَلْجَـًٔا أَوْ مَغَـٰرَٰتٍ أَوْ مُدَّخَلًا لَّوَلَّوْا۟ إِلَيْهِ وَهُمْ يَجْمَحُونَ
9:57
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جي ڪا پناھ جي جاءِ يا ڪي چُرون يا ڪو گھڙڻ جو ھنڌ لھن ھا ته اُن ڏانھن اُھي ڊوڙندا ئي ڦِرن ھا.

9:58 وَمِنْهُم مَّن يَلْمِزُكَ فِى ٱلصَّدَقَـٰتِ فَإِنْ أُعْطُوا۟ مِنْهَا رَضُوا۟ وَإِن لَّمْ يُعْطَوْا۟ مِنْهَآ إِذَا هُمْ يَسْخَطُونَ
9:58
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جي صدقن (جي وراھڻ) ۾ طعنو ھڻندا آھن، پوءِ جيڪڏھن منجھانئس ڏجين ته سَرھا ٿيندا آھن ۽ جيڪڏھن منجھانئس نه ڏجين ته انھي ئي مھل ڪاوڙبا آھن.

9:59 وَلَوْ أَنَّهُمْ رَضُوا۟ مَآ ءَاتَىٰهُمُ ٱللَّهُ وَرَسُولُهُۥ وَقَالُوا۟ حَسْبُنَا ٱللَّهُ سَيُؤْتِينَا ٱللَّهُ مِن فَضْلِهِۦ وَرَسُولُهُۥٓ إِنَّآ إِلَى ٱللَّهِ رَٰغِبُونَ
9:59
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله ۽ سندس پيغمبر جيڪي کين ڏنو آھي تنھن تي جيڪڏھن راضي ٿين ھا ۽ چون ھا ته اسان کي الله ڪافي آھي اسان کي الله پنھنجي فضل سان ڏيندو ۽ سندس پيغمبر (به ڏيندو) اسين الله ڏانھن اميدوار آھيون (ته اُنھن لاءِ ڀلو ھجي ھا).

9:60 ۞ إِنَّمَا ٱلصَّدَقَـٰتُ لِلْفُقَرَآءِ وَٱلْمَسَـٰكِينِ وَٱلْعَـٰمِلِينَ عَلَيْهَا وَٱلْمُؤَلَّفَةِ قُلُوبُهُمْ وَفِى ٱلرِّقَابِ وَٱلْغَـٰرِمِينَ وَفِى سَبِيلِ ٱللَّهِ وَٱبْنِ ٱلسَّبِيلِ ۖ فَرِيضَةً مِّنَ ٱللَّهِ ۗ وَٱللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
9:60
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
صدقا رڳو فقيرن ۽ مسڪينن ۽ ان جي اُڳاڙي ڪندڙن ۽ جن جون دليون (اسلام ڏانھن) ميلاپ ڪرايل آھن (تن لاءِ) ۽ ٻانھن جي آجي ڪرڻ ۽ قرضين ۽ الله جي واٽ ۾ (جھاد ڪرڻ) ۽ مسافرن لاءِ آھن، (اِھو) الله (جي پار) کان حُڪم ٿيل آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

9:61 وَمِنْهُمُ ٱلَّذِينَ يُؤْذُونَ ٱلنَّبِىَّ وَيَقُولُونَ هُوَ أُذُنٌ ۚ قُلْ أُذُنُ خَيْرٍ لَّكُمْ يُؤْمِنُ بِٱللَّهِ وَيُؤْمِنُ لِلْمُؤْمِنِينَ وَرَحْمَةٌ لِّلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مِنكُمْ ۚ وَٱلَّذِينَ يُؤْذُونَ رَسُولَ ٱللَّهِ لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
9:61
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جي پيغمبر کي ايذائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته پر ٻڌڙيو آھي، چؤ ته اوھان لاءِ پر ٻڌڙيو ڀلو آھي الله کي مڃيندو آھي ۽ مؤمنن (جي صلاح) کي (به) مڃيندو آھي ۽ اوھان مان ايمان وارن لاءِ ٻاجھارو آھي، ۽ جيڪي الله جي پيغمبر کي ايذائيندا آھن تن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

9:62 يَحْلِفُونَ بِٱللَّهِ لَكُمْ لِيُرْضُوكُمْ وَٱللَّهُ وَرَسُولُهُۥٓ أَحَقُّ أَن يُرْضُوهُ إِن كَانُوا۟ مُؤْمِنِينَ
9:62
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اوھان لاءِ الله جو قسم کڻندا آھن ته اوھان کي راضي ڪن، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھن ته الله ۽ سندس پيغمبر وڌيڪ حقدار آھن جو اُن کي راضي ڪن.

9:63 أَلَمْ يَعْلَمُوٓا۟ أَنَّهُۥ مَن يُحَادِدِ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ فَأَنَّ لَهُۥ نَارَ جَهَنَّمَ خَـٰلِدًا فِيهَا ۚ ذَٰلِكَ ٱلْخِزْىُ ٱلْعَظِيمُ
9:63
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
نه ڄاڻندا آھن ڇا ته جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باھ آھ؟ منجھس سدائين رھڻ وارو آھي، اِھا وڏي خواري آھي.

9:64 يَحْذَرُ ٱلْمُنَـٰفِقُونَ أَن تُنَزَّلَ عَلَيْهِمْ سُورَةٌ تُنَبِّئُهُم بِمَا فِى قُلُوبِهِمْ ۚ قُلِ ٱسْتَهْزِءُوٓا۟ إِنَّ ٱللَّهَ مُخْرِجٌ مَّا تَحْذَرُونَ
9:64
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
منافق مسلمانن تي ڪنھن سورة جي لھڻ کان ڊڄن ٿا ته جيڪي سندن دلين ۾ آھي سو متان مسلمانن کي ڄاڻائي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين پيا ٺـٺولي ڪريو، ڇوته جنھن کان ڊڄندا آھيو سو الله پڌرو ڪندڙ آھي.

9:65 وَلَئِن سَأَلْتَهُمْ لَيَقُولُنَّ إِنَّمَا كُنَّا نَخُوضُ وَنَلْعَبُ ۚ قُلْ أَبِٱللَّهِ وَءَايَـٰتِهِۦ وَرَسُولِهِۦ كُنتُمْ تَسْتَهْزِءُونَ
9:65
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن کائن پڇين ته ضرور چوندا ته بيشڪ کِل ۽ راند ٿي ڪئي سون، (کين) چؤ ته الله ۽ سندس آيتن ۽ سندس پيغمبر سان مسخري ڪيوَ ٿي ڇا؟

9:66 لَا تَعْتَذِرُوا۟ قَدْ كَفَرْتُم بَعْدَ إِيمَـٰنِكُمْ ۚ إِن نَّعْفُ عَن طَآئِفَةٍ مِّنكُمْ نُعَذِّبْ طَآئِفَةًۢ بِأَنَّهُمْ كَانُوا۟ مُجْرِمِينَ
9:66
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بھانو نه ڪريو بيشڪ ايمان کانپوءِ ڪُفر اٿوَ، جيڪڏھن اوھان مان ھڪ ٽوليءَ کان ٽرنداسون ته ٻيءَ ٽوليءَ کي ھن سببان سزا ڏينداسون جو اُھي ڏوھي ھوا.

9:67 ٱلْمُنَـٰفِقُونَ وَٱلْمُنَـٰفِقَـٰتُ بَعْضُهُم مِّنۢ بَعْضٍ ۚ يَأْمُرُونَ بِٱلْمُنكَرِ وَيَنْهَوْنَ عَنِ ٱلْمَعْرُوفِ وَيَقْبِضُونَ أَيْدِيَهُمْ ۚ نَسُوا۟ ٱللَّهَ فَنَسِيَهُمْ ۗ إِنَّ ٱلْمُنَـٰفِقِينَ هُمُ ٱلْفَـٰسِقُونَ
9:67
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
منافق ۽ منافقياڻيون ھڪ ٻئي جھڙا آھن، (اُھي) مَدن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھن ۽ چڱن ڪمن کان جھليندا آھن ۽ پنھنجا ھٿ (خيرات ڏيڻ کان) بند ڪندا آھن، الله کي وساريائون تنھنڪري الله (به) کين وساريو، بيشڪ منافق بي دين آھن.

9:68 وَعَدَ ٱللَّهُ ٱلْمُنَـٰفِقِينَ وَٱلْمُنَـٰفِقَـٰتِ وَٱلْكُفَّارَ نَارَ جَهَنَّمَ خَـٰلِدِينَ فِيهَا ۚ هِىَ حَسْبُهُمْ ۚ وَلَعَنَهُمُ ٱللَّهُ ۖ وَلَهُمْ عَذَابٌ مُّقِيمٌ
9:68
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله منافقن ۽ منافقياڻين ۽ ڪافرن کي دوزخ جي باھ جو انجام ڏنو آھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا کين بس آھي، ۽ الله مٿن لعنت ڪئي آھي، ۽ انھيءَ لاءِ ھميشه جو عذاب آھي.

9:69 كَٱلَّذِينَ مِن قَبْلِكُمْ كَانُوٓا۟ أَشَدَّ مِنكُمْ قُوَّةً وَأَكْثَرَ أَمْوَٰلًا وَأَوْلَـٰدًا فَٱسْتَمْتَعُوا۟ بِخَلَـٰقِهِمْ فَٱسْتَمْتَعْتُم بِخَلَـٰقِكُمْ كَمَا ٱسْتَمْتَعَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِكُم بِخَلَـٰقِهِمْ وَخُضْتُمْ كَٱلَّذِى خَاضُوٓا۟ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ حَبِطَتْ أَعْمَـٰلُهُمْ فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْـَٔاخِرَةِ ۖ وَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْخَـٰسِرُونَ
9:69
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اوھين (به) اھڙا ٿيا آھيو جيڪي اوھان کان اڳ ھوا (اُھي) اوھان کان سگھ ۽ مال ۽ اولاد ۾ گھڻو وڌيڪ ھوا، پوءِ پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتائون پوءِ اوھان به پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتو جھڙي طرح اوھان کان اڳين پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتو ۽ (اوھين به) اُنھن وانگر اجاين بحثن ۾ پئجي ويا آھيو جئن اُھي اجاين بحثن ۾ پيا، انھن جي ڪمائي دنيا ۽ آخرت ۾ ناس ٿي، ۽ اُھي ئي ڇيئي وارا آھن.

9:70 أَلَمْ يَأْتِهِمْ نَبَأُ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ قَوْمِ نُوحٍ وَعَادٍ وَثَمُودَ وَقَوْمِ إِبْرَٰهِيمَ وَأَصْحَـٰبِ مَدْيَنَ وَٱلْمُؤْتَفِكَـٰتِ ۚ أَتَتْهُمْ رُسُلُهُم بِٱلْبَيِّنَـٰتِ ۖ فَمَا كَانَ ٱللَّهُ لِيَظْلِمَهُمْ وَلَـٰكِن كَانُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ
9:70
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
کانئن اڳين جي خبر نه پھتي اٿن ڇا جي نُوح ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم، ۽ ابراھيم جي قوم ۽ مَدين وارا ۽ اونڌن ٿيلن ڳوٺن وارا ھوا، جو اُنھن ڏانھن سندن پيغمبر پڌرن مُعجزن سان آيا (ته نه مڃيائون)، پوءِ الله جو شان نه ھو جو مٿن ظلم ڪري پر پاڻ تي ظُلم ڪيائون ٿي.

9:71 وَٱلْمُؤْمِنُونَ وَٱلْمُؤْمِنَـٰتُ بَعْضُهُمْ أَوْلِيَآءُ بَعْضٍ ۚ يَأْمُرُونَ بِٱلْمَعْرُوفِ وَيَنْهَوْنَ عَنِ ٱلْمُنكَرِ وَيُقِيمُونَ ٱلصَّلَوٰةَ وَيُؤْتُونَ ٱلزَّكَوٰةَ وَيُطِيعُونَ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥٓ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ سَيَرْحَمُهُمُ ٱللَّهُ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ عَزِيزٌ حَكِيمٌ
9:71
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ مؤمن ۽ مؤمنياڻيون (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي جا مددگار آھن، چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھن ۽ خراب ڪمن کان جھليندا آھن ۽ نماز کي قائم ڪندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندا آھن، اُنھن تي الله سگھوئي ٻاجھ ڪندو، تحقيق الله غالب حڪمت وارو آھي.

9:72 وَعَدَ ٱللَّهُ ٱلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُؤْمِنَـٰتِ جَنَّـٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَـٰرُ خَـٰلِدِينَ فِيهَا وَمَسَـٰكِنَ طَيِّبَةً فِى جَنَّـٰتِ عَدْنٍ ۚ وَرِضْوَٰنٌ مِّنَ ٱللَّهِ أَكْبَرُ ۚ ذَٰلِكَ هُوَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ
9:72
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله مؤمنن ۽ مؤمنياڻين سان بھشت جو انجام ڪيو آھي جنھن جي ھيٺان واھيون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن ۽ (پڻ) ھميشه رھڻ وارن باغن ۾ چڱين جاين جو (انجام اٿن)، ۽ الله جو راضپو (سڀ کان) تمام وڏو آھي، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

9:73 يَـٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ جَـٰهِدِ ٱلْكُفَّارَ وَٱلْمُنَـٰفِقِينَ وَٱغْلُظْ عَلَيْهِمْ ۚ وَمَأْوَىٰهُمْ جَهَنَّمُ ۖ وَبِئْسَ ٱلْمَصِيرُ
9:73
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي پيغمبر ڪافرن ۽ منافقن سان جھاد ڪر ۽ مٿن سختي ڪر، ۽ سندن جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا جاءِ بُڇڙي آھي.

9:74 يَحْلِفُونَ بِٱللَّهِ مَا قَالُوا۟ وَلَقَدْ قَالُوا۟ كَلِمَةَ ٱلْكُفْرِ وَكَفَرُوا۟ بَعْدَ إِسْلَـٰمِهِمْ وَهَمُّوا۟ بِمَا لَمْ يَنَالُوا۟ ۚ وَمَا نَقَمُوٓا۟ إِلَّآ أَنْ أَغْنَىٰهُمُ ٱللَّهُ وَرَسُولُهُۥ مِن فَضْلِهِۦ ۚ فَإِن يَتُوبُوا۟ يَكُ خَيْرًا لَّهُمْ ۖ وَإِن يَتَوَلَّوْا۟ يُعَذِّبْهُمُ ٱللَّهُ عَذَابًا أَلِيمًا فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْـَٔاخِرَةِ ۚ وَمَا لَهُمْ فِى ٱلْأَرْضِ مِن وَلِىٍّ وَلَا نَصِيرٍ
9:74
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله جو قسم کڻندا آھن ته (پاڻ) نه چيو اٿن، ۽ بيشڪ ڪفر جو ڪلمو چيو اٿن ۽ پنھنجي اسلام (آڻڻ) کانپوءِ ڪُفر ڪيائون ۽ جنھن کي پھچي نه سگھيا تنھن لاءِ زور لاتائون، ۽ اِھو اُنھن رڳو ھن ڳالھ جو بدلو ڏنو جو الله پنھنجي فضل سان ۽ سندس رَسُول کين شاھوڪار ڪيو، ۽ پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ته انھن لاءِ ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن ڦرندا ته الله دُنيا ۽ آخرت ۾ کين ڏکوئيندڙ عذاب سان سزا ڏيندو، ۽ مُلڪ ۾ انھن لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار آھي.

9:75 ۞ وَمِنْهُم مَّنْ عَـٰهَدَ ٱللَّهَ لَئِنْ ءَاتَىٰنَا مِن فَضْلِهِۦ لَنَصَّدَّقَنَّ وَلَنَكُونَنَّ مِنَ ٱلصَّـٰلِحِينَ
9:75
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ منجھائن ڪي آھن جن الله سان انجام ڪيو آھي ته جيڪڏھن پنھنجي فضل سان اسان کي ڏنائين ته ضرور خيرات ڏينداسون ۽ ڀلارن مان ٿينداسون.

9:76 فَلَمَّآ ءَاتَىٰهُم مِّن فَضْلِهِۦ بَخِلُوا۟ بِهِۦ وَتَوَلَّوا۟ وَّهُم مُّعْرِضُونَ
9:76
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ جنھن مھل پنھنجي فضل سان کين مال ڏنائين ته اُن جي ڪنجوسائي ڪيائون ۽ اُھي مُنھن موڙيندڙ ٿي ڦريا.

9:77 فَأَعْقَبَهُمْ نِفَاقًا فِى قُلُوبِهِمْ إِلَىٰ يَوْمِ يَلْقَوْنَهُۥ بِمَآ أَخْلَفُوا۟ ٱللَّهَ مَا وَعَدُوهُ وَبِمَا كَانُوا۟ يَكْذِبُونَ
9:77
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ الله سندن دلين ۾ کين سندن ملڻ جي ڏينھن تائين انھي سببان منافقي لاڳو ڪري ڇڏي جو الله سان اُھو انجام نه پاريائون جيڪو ساڻس ڪيائون ۽ اُنھي سببان جو ڪوڙ چوندا رھيا.

9:78 أَلَمْ يَعْلَمُوٓا۟ أَنَّ ٱللَّهَ يَعْلَمُ سِرَّهُمْ وَنَجْوَىٰهُمْ وَأَنَّ ٱللَّهَ عَلَّـٰمُ ٱلْغُيُوبِ
9:78
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
نه ڄاڻندا آھن ڇا ته الله سندن ڳجھا ۽ سندن پڌرا (سخن) ۽ سندن ڳجھيون صلاحون ڄاڻندو آھي ۽ تحقيق الله وڏو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي.

9:79 ٱلَّذِينَ يَلْمِزُونَ ٱلْمُطَّوِّعِينَ مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ فِى ٱلصَّدَقَـٰتِ وَٱلَّذِينَ لَا يَجِدُونَ إِلَّا جُهْدَهُمْ فَيَسْخَرُونَ مِنْهُمْ ۙ سَخِرَ ٱللَّهُ مِنْهُمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
9:79
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اِھي اھڙا آھن جو صدقي ڏيندڙن مؤمنن جي صدقي ڏئڻ ۾ طعنا ھڻندا آھن ۽ انھن کي (به طعنا ھڻندا آھن) جيڪي (مزدوري ڪرڻ جي) اوکائي کانسواءِ ڪي نه لھندا آھن ۽ انھن سان مسخريون ڪندا آھن، الله (به) سندن مسخرين جو کين بدلو ڏيندو ۽ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

9:80 ٱسْتَغْفِرْ لَهُمْ أَوْ لَا تَسْتَغْفِرْ لَهُمْ إِن تَسْتَغْفِرْ لَهُمْ سَبْعِينَ مَرَّةً فَلَن يَغْفِرَ ٱللَّهُ لَهُمْ ۚ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ كَفَرُوا۟ بِٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ ۗ وَٱللَّهُ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلْفَـٰسِقِينَ
9:80
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
انھن لاءِ بخشش گھُرين يا انھن لاءِ بخشش نه گھُرين، جيڪڏھن اُنھن لاءِ ستر ڀيرا بخشش گھُرين ته به الله انھن کي ڪڏھن نه بخشيندو، اھو ھن سببان آھي جو اُنھن الله ۽ سندس پيغمبر کي نه مڃيو، ۽ الله بي دين قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.

9:81 فَرِحَ ٱلْمُخَلَّفُونَ بِمَقْعَدِهِمْ خِلَـٰفَ رَسُولِ ٱللَّهِ وَكَرِهُوٓا۟ أَن يُجَـٰهِدُوا۟ بِأَمْوَٰلِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ وَقَالُوا۟ لَا تَنفِرُوا۟ فِى ٱلْحَرِّ ۗ قُلْ نَارُ جَهَنَّمَ أَشَدُّ حَرًّا ۚ لَّوْ كَانُوا۟ يَفْقَهُونَ
9:81
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله جي پيغمبر جي (جھاد تي) وڃڻ کانپوءِ پٺ تي رھندڙ پنھنجي (رھجي) وھڻ تي خوش ٿيا ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جِندن سان الله جي واٽ ۾ جِھاد ڪرڻ ناپسند ڪيائون ۽ (پاڻ ۾) چيائون ته گرميءَ ۾ (جھاد لاءِ) نه نڪرو، (اي پيغمبرکين) چؤ ته دوزخ جي باھ ڏاڍي گرم آھي، جيڪڏھن سمجھن ھا (ته ايئن نه ڪن ھا).

9:82 فَلْيَضْحَكُوا۟ قَلِيلًا وَلْيَبْكُوا۟ كَثِيرًا جَزَآءًۢ بِمَا كَانُوا۟ يَكْسِبُونَ
9:82
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ ٿورو کلڻ گھرجين ۽ گھڻو روئڻ گھرجين، اُنھن (اعمالن) جي بدلي ۾ جو جيڪي ڪندا آھن.

9:83 فَإِن رَّجَعَكَ ٱللَّهُ إِلَىٰ طَآئِفَةٍ مِّنْهُمْ فَٱسْتَـْٔذَنُوكَ لِلْخُرُوجِ فَقُل لَّن تَخْرُجُوا۟ مَعِىَ أَبَدًا وَلَن تُقَـٰتِلُوا۟ مَعِىَ عَدُوًّا ۖ إِنَّكُمْ رَضِيتُم بِٱلْقُعُودِ أَوَّلَ مَرَّةٍ فَٱقْعُدُوا۟ مَعَ ٱلْخَـٰلِفِينَ
9:83
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ جيڪڏھن الله توکي منجھائن ڪنھن ٽوليءَ ڏانھن موٽائي نئي ته نڪرڻ لاءِ توکان موڪلائيندا پوءِ چؤ ته مون سان ڪڏھن نه نڪرندؤ ۽ مون سان گڏجي ڪنھن دشمن سان ڪڏھن نه وڙھندؤ، بيشڪ اوھين پھريون ڀيرو وھڻ سان راضي ٿيؤ تنھنڪري (ھاڻي به) پوئتي وھندڙن سان گڏجي ويھو.

9:84 وَلَا تُصَلِّ عَلَىٰٓ أَحَدٍ مِّنْهُم مَّاتَ أَبَدًا وَلَا تَقُمْ عَلَىٰ قَبْرِهِۦٓ ۖ إِنَّهُمْ كَفَرُوا۟ بِٱللَّهِ وَرَسُولِهِۦ وَمَاتُوا۟ وَهُمْ فَـٰسِقُونَ
9:84
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ منجھائن جيڪو مري تنھن تي بلڪل نماز نه پڙھ ۽ نڪي سندس قبر تي بيھ، بيشڪ انھن الله ۽ سندس پيغمبر کي نه مڃيو ۽ اُھي بي دين ٿي مُئا.

9:85 وَلَا تُعْجِبْكَ أَمْوَٰلُهُمْ وَأَوْلَـٰدُهُمْ ۚ إِنَّمَا يُرِيدُ ٱللَّهُ أَن يُعَذِّبَهُم بِهَا فِى ٱلدُّنْيَا وَتَزْهَقَ أَنفُسُهُمْ وَهُمْ كَـٰفِرُونَ
9:85
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ تون سندن مال ۽ سندن اولاد تي عجب نه ڪر، الله گھرندو آھي ته ان جي سببان دنيا ۾ ئي کين عذاب ڪري ۽ سندن ساھ ڪفر جي ئي حالت ۾ نِڪرن.

9:86 وَإِذَآ أُنزِلَتْ سُورَةٌ أَنْ ءَامِنُوا۟ بِٱللَّهِ وَجَـٰهِدُوا۟ مَعَ رَسُولِهِ ٱسْتَـْٔذَنَكَ أُو۟لُوا۟ ٱلطَّوْلِ مِنْهُمْ وَقَالُوا۟ ذَرْنَا نَكُن مَّعَ ٱلْقَـٰعِدِينَ
9:86
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪڏھن ڪا سُورة (ھِن لاءِ) نازل ڪئي ويندي آھي ته الله کي مڃيو ۽ سندس پيغمبر سان گڏجي جھاد ڪريو ته منجھائن آسودا توکان موڪلائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته اسان کي ڇڏ ته ويٺلن سان گڏ رھون.

9:87 رَضُوا۟ بِأَن يَكُونُوا۟ مَعَ ٱلْخَوَالِفِ وَطُبِعَ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ فَهُمْ لَا يَفْقَهُونَ
9:87
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ويٺلن زالن سان گڏ ھُجڻ ۾ راضي ٿيا ۽ سندين دلين تي مُھر ھنئي وئي پوءِ اُھي نه سمجھندا آھن.

9:88 لَـٰكِنِ ٱلرَّسُولُ وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مَعَهُۥ جَـٰهَدُوا۟ بِأَمْوَٰلِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ ۚ وَأُو۟لَـٰٓئِكَ لَهُمُ ٱلْخَيْرَٰتُ ۖ وَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ
9:88
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پر پيغمبر ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان جھاد ڪيو، ۽ اِھي اُھي آھن جن لاءِ چڱايون آھن، ۽ اُھي ئي ڇٽل آھن.

9:89 أَعَدَّ ٱللَّهُ لَهُمْ جَنَّـٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَـٰرُ خَـٰلِدِينَ فِيهَا ۚ ذَٰلِكَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ
9:89
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
انھن لاءِ الله اھڙا باغ تيار ڪيا آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

9:90 وَجَآءَ ٱلْمُعَذِّرُونَ مِنَ ٱلْأَعْرَابِ لِيُؤْذَنَ لَهُمْ وَقَعَدَ ٱلَّذِينَ كَذَبُوا۟ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ ۚ سَيُصِيبُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِنْهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
9:90
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ بَدوِين مان بھاني ڪرڻ وارا آيا ته کين موڪل ڏني وڃي ۽ جن الله ۽ سندس رسول کي ڪوڙو ڄاتو سي ويھي رھيا، منجھائن ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب سِگھو ئي پھچندو.

9:91 لَّيْسَ عَلَى ٱلضُّعَفَآءِ وَلَا عَلَى ٱلْمَرْضَىٰ وَلَا عَلَى ٱلَّذِينَ لَا يَجِدُونَ مَا يُنفِقُونَ حَرَجٌ إِذَا نَصَحُوا۟ لِلَّهِ وَرَسُولِهِۦ ۚ مَا عَلَى ٱلْمُحْسِنِينَ مِن سَبِيلٍ ۚ وَٱللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
9:91
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
نڪي عاجزن تي ۽ نڪي بيمارن تي ۽ نڪي اُھي جو جيڪي خرچين سو نه ٿا لھن تن تي ڪو گناھ آھي جڏھن ته الله ۽ سندس پيغمبر جا خيرخواھ ھجن، ڀلارن تي ڪو ڏوراپو نه آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

9:92 وَلَا عَلَى ٱلَّذِينَ إِذَا مَآ أَتَوْكَ لِتَحْمِلَهُمْ قُلْتَ لَآ أَجِدُ مَآ أَحْمِلُكُمْ عَلَيْهِ تَوَلَّوا۟ وَّأَعْيُنُهُمْ تَفِيضُ مِنَ ٱلدَّمْعِ حَزَنًا أَلَّا يَجِدُوا۟ مَا يُنفِقُونَ
9:92
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ نڪي اُنھن تي (ڪو گناھ آھي) جي جڏھن تو وٽ اچن ته کين (وھٽ تي) چاڙھين (۽ تون) چوين ته (ڪو وھٽ) نه ٿو لھان جنھن تي اوھان کي چاڙھيان، تڏھن اُھي موٽن ۽ ھن ڏُک کان سندن اکيون ڳوڙھا ھاريندڙ ھجن ته جيڪي (الله جي واٽ ۾) خرچين سو نه ٿا لھن،

9:93 ۞ إِنَّمَا ٱلسَّبِيلُ عَلَى ٱلَّذِينَ يَسْتَـْٔذِنُونَكَ وَهُمْ أَغْنِيَآءُ ۚ رَضُوا۟ بِأَن يَكُونُوا۟ مَعَ ٱلْخَوَالِفِ وَطَبَعَ ٱللَّهُ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ فَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
9:93
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ڏوراپي جي واٽ انھن کانسواءِ ٻـين تي نه آھي جن توکان موڪلايو ۽ اُھي شاھوڪار ھوا، رھيلن زالن سان گڏ ھجڻ ۾ راضي ٿيا ۽ الله سندين دلين تي مُھر ھنئي پوءِ اُھي نه ڄاڻندا آھن.

9:94 يَعْتَذِرُونَ إِلَيْكُمْ إِذَا رَجَعْتُمْ إِلَيْهِمْ ۚ قُل لَّا تَعْتَذِرُوا۟ لَن نُّؤْمِنَ لَكُمْ قَدْ نَبَّأَنَا ٱللَّهُ مِنْ أَخْبَارِكُمْ ۚ وَسَيَرَى ٱللَّهُ عَمَلَكُمْ وَرَسُولُهُۥ ثُمَّ تُرَدُّونَ إِلَىٰ عَـٰلِمِ ٱلْغَيْبِ وَٱلشَّهَـٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
9:94
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جڏھن (اوھين) اُنھن ڏانھن موٽندؤ (تڏھن) اوھان وٽ بھانو ڪندا، (انھن کي) چؤ ته بھانو نه ڪريو اوھان (جي ڳالھ) کي ڪڏھن نه مڃينداسون بيشڪ اوھان جي حال کان الله اسان کي خبر ڏني آھي، ۽ الله ۽ سندس پيغمبر اوھان جا عمل سِگھو ئي ڏسندو وري ڳجھ ۽ ظاھر جي ڄاڻندڙ (الله) ڏانھن موٽايا ويندؤ (۽) پوءِ جيڪي ٿي ڪيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.

9:95 سَيَحْلِفُونَ بِٱللَّهِ لَكُمْ إِذَا ٱنقَلَبْتُمْ إِلَيْهِمْ لِتُعْرِضُوا۟ عَنْهُمْ ۖ فَأَعْرِضُوا۟ عَنْهُمْ ۖ إِنَّهُمْ رِجْسٌ ۖ وَمَأْوَىٰهُمْ جَهَنَّمُ جَزَآءًۢ بِمَا كَانُوا۟ يَكْسِبُونَ
9:95
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جڏھن انھن ڏانھن موٽندؤ (ته) ستت ئي اوھان جي آڏو الله جو قسم ھِن لاءِ کڻندا ته (اوھين) کائن مڙي وڃو، پوءِ کائن مڙي وڃو، بيشڪ اُھي پليت آھن، ۽ جيڪي ٿي ڪمايائون تنھن جي عوض ۾ سندين جاءِ دوزخ آھي.

9:96 يَحْلِفُونَ لَكُمْ لِتَرْضَوْا۟ عَنْهُمْ ۖ فَإِن تَرْضَوْا۟ عَنْهُمْ فَإِنَّ ٱللَّهَ لَا يَرْضَىٰ عَنِ ٱلْقَوْمِ ٱلْفَـٰسِقِينَ
9:96
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اوھان وٽ ھن لاءِ قسم کڻندا ته (اوھين) کائن راضي ٿيو، پوءِ جيڪڏھن (اوھين) کائن راضي ٿيندؤ ته (به) الله بي دين ماڻھن کان راضي نه ٿيندو.

9:97 ٱلْأَعْرَابُ أَشَدُّ كُفْرًا وَنِفَاقًا وَأَجْدَرُ أَلَّا يَعْلَمُوا۟ حُدُودَ مَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ عَلَىٰ رَسُولِهِۦ ۗ وَٱللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
9:97
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بَدوي ڪُفر ۽ منافقيءَ ۾ تمام سخت آھن ۽ ھن (عادت) جوڳا آھن ته الله پنھنجي پيغمبر تي جيڪي حُڪم لاٿا تنھن جون (شرعي) حدون نه ڄاڻن، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

9:98 وَمِنَ ٱلْأَعْرَابِ مَن يَتَّخِذُ مَا يُنفِقُ مَغْرَمًا وَيَتَرَبَّصُ بِكُمُ ٱلدَّوَآئِرَ ۚ عَلَيْهِمْ دَآئِرَةُ ٱلسَّوْءِ ۗ وَٱللَّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ
9:98
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ڳوٺاڻن مان ڪي اھڙا آھن جو خرچ ڪن ٿا سو چَٽي ڄاڻندا آھن ۽ اوھان تي زماني جي ڦيرگھير (اچڻ) جا منتظر آھن، زماني جو بڇڙو ڦيرو مٿن ھجي (شال)، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

9:99 وَمِنَ ٱلْأَعْرَابِ مَن يُؤْمِنُ بِٱللَّهِ وَٱلْيَوْمِ ٱلْـَٔاخِرِ وَيَتَّخِذُ مَا يُنفِقُ قُرُبَـٰتٍ عِندَ ٱللَّهِ وَصَلَوَٰتِ ٱلرَّسُولِ ۚ أَلَآ إِنَّهَا قُرْبَةٌ لَّهُمْ ۚ سَيُدْخِلُهُمُ ٱللَّهُ فِى رَحْمَتِهِۦٓ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
9:99
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ٻھراڙي وارن مان ڪي اھڙا آھن جي الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ جيڪي خرچيندا آھن تنھن کي الله وٽ ويجھائي جو ۽ پيغمبر جي دُعا حاصل ڪرڻ جو وسيلو ڪري وٺندا آھن، بيشڪ اھا انھن لاءِ ويجھائيءَ (جو سبب) آھي الله کين پنھنجي رحمت ھيٺ سگھوئي داخل ڪندو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.

9:100 وَٱلسَّـٰبِقُونَ ٱلْأَوَّلُونَ مِنَ ٱلْمُهَـٰجِرِينَ وَٱلْأَنصَارِ وَٱلَّذِينَ ٱتَّبَعُوهُم بِإِحْسَـٰنٍ رَّضِىَ ٱللَّهُ عَنْهُمْ وَرَضُوا۟ عَنْهُ وَأَعَدَّ لَهُمْ جَنَّـٰتٍ تَجْرِى تَحْتَهَا ٱلْأَنْهَـٰرُ خَـٰلِدِينَ فِيهَآ أَبَدًا ۚ ذَٰلِكَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ
9:100
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ مُھاجرن ۽ انصارن مان (ايمان ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا ۽ جن چڱائيءَ سان سندين تابعداري ڪئي اُنھن (سڀني) کان الله راضي آھي ۽ اُھي کانئس راضي آھن ۽ اُنھن لاءِ باغ تيار ڪيا اٿس جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا وڏي مُراد ماڻڻ آھي.

9:101 وَمِمَّنْ حَوْلَكُم مِّنَ ٱلْأَعْرَابِ مُنَـٰفِقُونَ ۖ وَمِنْ أَهْلِ ٱلْمَدِينَةِ ۖ مَرَدُوا۟ عَلَى ٱلنِّفَاقِ لَا تَعْلَمُهُمْ ۖ نَحْنُ نَعْلَمُهُمْ ۚ سَنُعَذِّبُهُم مَّرَّتَيْنِ ثُمَّ يُرَدُّونَ إِلَىٰ عَذَابٍ عَظِيمٍ
9:101
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اوھان جي آس پاس وارن بدوين مان (به) ڪي منافق آھن، ۽ مديني وارن مان (به)، ڪي منافقيءَ تي عادي ٿي ويا آھن، (تون) کين نه ڄاڻندو آھين، اسين انھن کي ڄاڻندا آھيون، سگھوئي اسين کين ٻه ڀيرا عذاب ڪنداسون وري وڏي عذاب ڏانھن موٽايا ويندا.

9:102 وَءَاخَرُونَ ٱعْتَرَفُوا۟ بِذُنُوبِهِمْ خَلَطُوا۟ عَمَلًا صَـٰلِحًا وَءَاخَرَ سَيِّئًا عَسَى ٱللَّهُ أَن يَتُوبَ عَلَيْهِمْ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
9:102
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ٻيا (اھڙا) آھن جن پنھنجا گناھ باسيا آھن (انھن) چڱا ڪم ۽ ٻيا بڇڙا ڪم گڏي سڏي ڪيا آھن، اميد آھي ته الله مٿن ٻاجھ سان موٽندو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.

9:103 خُذْ مِنْ أَمْوَٰلِهِمْ صَدَقَةً تُطَهِّرُهُمْ وَتُزَكِّيهِم بِهَا وَصَلِّ عَلَيْهِمْ ۖ إِنَّ صَلَوٰتَكَ سَكَنٌ لَّهُمْ ۗ وَٱللَّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ
9:103
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
سندن مالن مان زڪوٰة وصول ڪر ته اُن سان کين (ظاھر ۾ به) پاڪ ڪندو رھين ۽ کين (باطن ۾) سٺو ڪندو رھين ۽ مٿن رحمت جي دُعا گھر، ڇوته تنھنجي دُعا انھن لاءِ آرام آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

9:104 أَلَمْ يَعْلَمُوٓا۟ أَنَّ ٱللَّهَ هُوَ يَقْبَلُ ٱلتَّوْبَةَ عَنْ عِبَادِهِۦ وَيَأْخُذُ ٱلصَّدَقَـٰتِ وَأَنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلتَّوَّابُ ٱلرَّحِيمُ
9:104
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
نه ڄاڻندا آھن ڇا ته الله ئي پنھنجن ٻانھن جي توبه قبول ڪندو آھي ۽ (سندين) خيراتون قبول ڪندو آھي ۽ بيشڪ الله ئي توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.

9:105 وَقُلِ ٱعْمَلُوا۟ فَسَيَرَى ٱللَّهُ عَمَلَكُمْ وَرَسُولُهُۥ وَٱلْمُؤْمِنُونَ ۖ وَسَتُرَدُّونَ إِلَىٰ عَـٰلِمِ ٱلْغَيْبِ وَٱلشَّهَـٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
9:105
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ چؤ ته عمل ڪريو پوءِ الله ۽ سندس پيغمبر ۽ مؤمن (سڀئي) اوھان جا عمل ڏسندا، ۽ ڳُجھ ۽ ظاھر جي ڄاڻندڙ (الله) ڏانھن سگھو موٽايا ويندؤ پوءِ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏيندو.

9:106 وَءَاخَرُونَ مُرْجَوْنَ لِأَمْرِ ٱللَّهِ إِمَّا يُعَذِّبُهُمْ وَإِمَّا يَتُوبُ عَلَيْهِمْ ۗ وَٱللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
9:106
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ٻيا الله جي حُڪم لاءِ رھايل آھن ته يا ته کين عذاب ڪري يا کين معاف ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

9:107 وَٱلَّذِينَ ٱتَّخَذُوا۟ مَسْجِدًا ضِرَارًا وَكُفْرًا وَتَفْرِيقًۢا بَيْنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ وَإِرْصَادًا لِّمَنْ حَارَبَ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ مِن قَبْلُ ۚ وَلَيَحْلِفُنَّ إِنْ أَرَدْنَآ إِلَّا ٱلْحُسْنَىٰ ۖ وَٱللَّهُ يَشْهَدُ إِنَّهُمْ لَكَـٰذِبُونَ
9:107
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ (انھن مان اھڙا به آھن) جن نقصان پُھچائڻ ۽ ڪفر ڪرڻ ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڏڦيڙ وجھڻ ۽ جن (ماڻھن) الله ۽ سندس پيغمبر سان اڳ ويڙھ ڪئي آھي تن واسطي گھٽ ٺاھڻ لاءِ (ھڪ) مسجد بڻائي آھي، ۽ (اُھي) ضرور قسم کڻندا ته چڱائيءَ کانسواءِ اسانجو (بڻائڻ ۾) ٻيو ڪو ارادو نه آھي، ۽ الله شاھدي ڏئي ٿو ته اُھي ڪوڙا آھن.

9:108 لَا تَقُمْ فِيهِ أَبَدًا ۚ لَّمَسْجِدٌ أُسِّسَ عَلَى ٱلتَّقْوَىٰ مِنْ أَوَّلِ يَوْمٍ أَحَقُّ أَن تَقُومَ فِيهِ ۚ فِيهِ رِجَالٌ يُحِبُّونَ أَن يَتَطَهَّرُوا۟ ۚ وَٱللَّهُ يُحِبُّ ٱلْمُطَّهِّرِينَ
9:108
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
منجھس اصلي نه بيھ، جا مسجد پھرين ڏينھن پرھيزگاريءَ تي اڏائي ويئي آھي تنھن ۾ توکي بيھڻ (يعني نماز پڙھڻ ۽ پڙھائڻ) وڌيڪ لائق آھي، جنھن ۾ اھڙا مڙس آھن جي پاڪ رھڻ پسند ڪندا آُھن، ۽ الله پاڪ رھڻ وارن کي پسند ڪندو آھي.

9:109 أَفَمَنْ أَسَّسَ بُنْيَـٰنَهُۥ عَلَىٰ تَقْوَىٰ مِنَ ٱللَّهِ وَرِضْوَٰنٍ خَيْرٌ أَم مَّنْ أَسَّسَ بُنْيَـٰنَهُۥ عَلَىٰ شَفَا جُرُفٍ هَارٍ فَٱنْهَارَ بِهِۦ فِى نَارِ جَهَنَّمَ ۗ وَٱللَّهُ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلظَّـٰلِمِينَ
9:109
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ڀلا جنھن پنھنجي اڏاوت الله جي ڊڄ ۽ (سندس) رضامنديءَ تي اڏي سو ڀلو آھي يا اُھو جنھن پنھنجي اڏاوت نئن جي ڪرندڙ ڀر تي اَڏي؟ پوءِ اُھا اڏيندڙ سميت دوزخ جي باھ ۾ ڪري، ۽ الله ظالمن جي قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.

9:110 لَا يَزَالُ بُنْيَـٰنُهُمُ ٱلَّذِى بَنَوْا۟ رِيبَةً فِى قُلُوبِهِمْ إِلَّآ أَن تَقَطَّعَ قُلُوبُهُمْ ۗ وَٱللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
9:110
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جو بُڻياد بڻايائون سو سدائين سندين دلين ۾ شڪ (جو سبب) رھندو سندن دلين جي وڍڻ کانسواءِ نه ويندو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

9:111 ۞ إِنَّ ٱللَّهَ ٱشْتَرَىٰ مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ أَنفُسَهُمْ وَأَمْوَٰلَهُم بِأَنَّ لَهُمُ ٱلْجَنَّةَ ۚ يُقَـٰتِلُونَ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ فَيَقْتُلُونَ وَيُقْتَلُونَ ۖ وَعْدًا عَلَيْهِ حَقًّا فِى ٱلتَّوْرَىٰةِ وَٱلْإِنجِيلِ وَٱلْقُرْءَانِ ۚ وَمَنْ أَوْفَىٰ بِعَهْدِهِۦ مِنَ ٱللَّهِ ۚ فَٱسْتَبْشِرُوا۟ بِبَيْعِكُمُ ٱلَّذِى بَايَعْتُم بِهِۦ ۚ وَذَٰلِكَ هُوَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ
9:111
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله مؤمنن کان سندن سر ۽ مال ھِن ڪري ڳڌا جو پڪ بھشت انھن لاءِ آھي، (اِھي) اُن (انجام) تي الله جي واٽ ۾ وڙھندا آھن پوءِ ماريندا (به) آھن ۽ ماربا (به) آھن، جو انجام توريت ۽ انجيل ۽ قرآن ۾ پڪي طرح ٿيل آھي، ۽ الله کان وڌيڪ پنھنجي انجام کي پورو ڪندڙ ڪير آھي؟ پوءِ جنھن سودي جو اوھان واپار ڪيو آھي تنھن تي خوش ٿيو، ۽ اِھا ئي وڏي مُراد ماڻڻ آھي.

9:112 ٱلتَّـٰٓئِبُونَ ٱلْعَـٰبِدُونَ ٱلْحَـٰمِدُونَ ٱلسَّـٰٓئِحُونَ ٱلرَّٰكِعُونَ ٱلسَّـٰجِدُونَ ٱلْـَٔامِرُونَ بِٱلْمَعْرُوفِ وَٱلنَّاهُونَ عَنِ ٱلْمُنكَرِ وَٱلْحَـٰفِظُونَ لِحُدُودِ ٱللَّهِ ۗ وَبَشِّرِ ٱلْمُؤْمِنِينَ
9:112
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اِھي توبه ڪندڙ عبادت ڪندڙ ساراھ ڪندڙ (خُدا جي واٽ ۾) مُسافري ڪندڙ رُڪوع ڪندڙ سجدو ڪندڙ چڱائيءَ جو حُڪم ڪندڙ ۽ مدائيءَ کان جھليندڙ ۽ الله جي حدن کي نگاہ ۾ رکندڙ آھن، ۽ (اھڙن) مؤمنن کي خوشخبري ڏي.

9:113 مَا كَانَ لِلنَّبِىِّ وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ أَن يَسْتَغْفِرُوا۟ لِلْمُشْرِكِينَ وَلَوْ كَانُوٓا۟ أُو۟لِى قُرْبَىٰ مِنۢ بَعْدِ مَا تَبَيَّنَ لَهُمْ أَنَّهُمْ أَصْحَـٰبُ ٱلْجَحِيمِ
9:113
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پيغمبر ۽ مؤمنن کي مشرڪن لاءِ کين (ھن ڳالھ جي) پڌري ٿيڻ کانپوءِ ته اُھي دوزخي آھن بخشش گھرڻ نه جڳائي توڻيڪ مائٽيءَ وارا ھجن.

9:114 وَمَا كَانَ ٱسْتِغْفَارُ إِبْرَٰهِيمَ لِأَبِيهِ إِلَّا عَن مَّوْعِدَةٍ وَعَدَهَآ إِيَّاهُ فَلَمَّا تَبَيَّنَ لَهُۥٓ أَنَّهُۥ عَدُوٌّ لِّلَّهِ تَبَرَّأَ مِنْهُ ۚ إِنَّ إِبْرَٰهِيمَ لَأَوَّٰهٌ حَلِيمٌ
9:114
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ابراھيم جو پنھنجي پيءُ لاءِ بخشش گھرڻ انجام کانسواءِ نه ھو جو اُن ساڻس انجام ڪيو ھو، پوءِ جنھن دم کيس پڌرو ٿيو ته اُھو الله جو ويري آھي (ته ھڪدم) کانئس بيزار ٿيو، بيشڪ ابراھيم بلڪل ڪئنري دل وارو بُردبار ھو.

9:115 وَمَا كَانَ ٱللَّهُ لِيُضِلَّ قَوْمًۢا بَعْدَ إِذْ هَدَىٰهُمْ حَتَّىٰ يُبَيِّنَ لَهُم مَّا يَتَّقُونَ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمٌ
9:115
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله جو ڪم نه آھي جو ڪنھن قوم کي سڌي رستي ڏيکارڻ کانپوءِ گمراہ ڪري جيسين اُھي (ڳالھيون) اُنھن لاءِ پڌريون (نه) ڪري جن کان انھن کي بچڻ گھرجي بيشڪ الله ھر شيء ڄاڻندڙ آھي.

9:116 إِنَّ ٱللَّهَ لَهُۥ مُلْكُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ يُحْىِۦ وَيُمِيتُ ۚ وَمَا لَكُم مِّن دُونِ ٱللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلَا نَصِيرٍ
9:116
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي ئي آھي، (اُھو) جياري ٿو ۽ ماري ٿو، ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نڪو دوست ۽ نڪو مدد ڏيندڙ آھي.

9:117 لَّقَد تَّابَ ٱللَّهُ عَلَى ٱلنَّبِىِّ وَٱلْمُهَـٰجِرِينَ وَٱلْأَنصَارِ ٱلَّذِينَ ٱتَّبَعُوهُ فِى سَاعَةِ ٱلْعُسْرَةِ مِنۢ بَعْدِ مَا كَادَ يَزِيغُ قُلُوبُ فَرِيقٍ مِّنْهُمْ ثُمَّ تَابَ عَلَيْهِمْ ۚ إِنَّهُۥ بِهِمْ رَءُوفٌ رَّحِيمٌ
9:117
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پيغمبر ۽ انھن مھاجرن ۽ انصارن تي بيشڪ الله ٻاجھ سان موٽيو جن سوڙھ جي وقت ۾ پيغمبر جي تابعداري ڪئي اُن کانپوءِ جو منجھائن ھڪ ٽوليءَ جون دليون لڏي وڃڻ تي ويجھيون ھيون وري (الله) مٿن ٻاجھ سان موٽيو، ڇوته اُھو مٿن شفقت ڪندڙ مھربان آھي.

9:118 وَعَلَى ٱلثَّلَـٰثَةِ ٱلَّذِينَ خُلِّفُوا۟ حَتَّىٰٓ إِذَا ضَاقَتْ عَلَيْهِمُ ٱلْأَرْضُ بِمَا رَحُبَتْ وَضَاقَتْ عَلَيْهِمْ أَنفُسُهُمْ وَظَنُّوٓا۟ أَن لَّا مَلْجَأَ مِنَ ٱللَّهِ إِلَّآ إِلَيْهِ ثُمَّ تَابَ عَلَيْهِمْ لِيَتُوبُوٓا۟ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلتَّوَّابُ ٱلرَّحِيمُ
9:118
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ انھن ٽن تي (به) جيڪي پوئتي رھايل، ايتري قدر جو زمين ايتري ويڪرائي ھوندي به مٿن سوڙھي ٿي وئي ھئي ۽ سندن ساہ مٿن منجھيا ھوا ۽ ڀانيائون ته (ھاڻي) الله کانسواءِ ڪا جاءِ پناھ جي نه آھي، وري مٿن ھِن لاءِ ٻاجھ سان موٽيو ته توبه ڪن، تحقيق الله توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.

9:119 يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَكُونُوا۟ مَعَ ٱلصَّـٰدِقِينَ
9:119
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ سچن سان گڏ ھجو.

9:120 مَا كَانَ لِأَهْلِ ٱلْمَدِينَةِ وَمَنْ حَوْلَهُم مِّنَ ٱلْأَعْرَابِ أَن يَتَخَلَّفُوا۟ عَن رَّسُولِ ٱللَّهِ وَلَا يَرْغَبُوا۟ بِأَنفُسِهِمْ عَن نَّفْسِهِۦ ۚ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ لَا يُصِيبُهُمْ ظَمَأٌ وَلَا نَصَبٌ وَلَا مَخْمَصَةٌ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ وَلَا يَطَـُٔونَ مَوْطِئًا يَغِيظُ ٱلْكُفَّارَ وَلَا يَنَالُونَ مِنْ عَدُوٍّ نَّيْلًا إِلَّا كُتِبَ لَهُم بِهِۦ عَمَلٌ صَـٰلِحٌ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يُضِيعُ أَجْرَ ٱلْمُحْسِنِينَ
9:120
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
مديني وارن ۽ سندس آس پاس وارن بدوين کي نڪي الله جي پيغمبر کان (جھاد ۾) پوءِ تي رھڻ ۽ نڪي سندس وجود کان پاڻ کي پيارو رکڻ جڳائي، اھو ھن ڪري جو کين نڪي اُڃ ۽ نڪي ڏُک ۽ نڪي بُک الله جي واٽ ۾ پھچندي آھي ۽ نڪي اھڙي ھنڌ ويندا آھن جتي ڪافر ڪاوڙجن ۽ نڪي دشمن کي (ڪو) اھنج پھچائيندا آھن پر انھن لاءِ ھر ھڪ (ڳالھ) بابت چڱو عمل لکيو ويندو آھي، تحقيق الله ڀلارن جو اَجر نه وڃائيندو آھي.

9:121 وَلَا يُنفِقُونَ نَفَقَةً صَغِيرَةً وَلَا كَبِيرَةً وَلَا يَقْطَعُونَ وَادِيًا إِلَّا كُتِبَ لَهُمْ لِيَجْزِيَهُمُ ٱللَّهُ أَحْسَنَ مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
9:121
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ڪوبه خرچ ٿورو يا گھڻو نه ڪندا آھن ۽ نڪو ڪو ميدان لنگھندا آھن پر انھن لاءِ (چڱو عمل) ھن لاءِ لکيو ويندو آھي ته جيڪو تمام چڱو ڪم ڪندا آھن تنھنجو الله کين بدلو ڏئي.

9:122 ۞ وَمَا كَانَ ٱلْمُؤْمِنُونَ لِيَنفِرُوا۟ كَآفَّةً ۚ فَلَوْلَا نَفَرَ مِن كُلِّ فِرْقَةٍ مِّنْهُمْ طَآئِفَةٌ لِّيَتَفَقَّهُوا۟ فِى ٱلدِّينِ وَلِيُنذِرُوا۟ قَوْمَهُمْ إِذَا رَجَعُوٓا۟ إِلَيْهِمْ لَعَلَّهُمْ يَحْذَرُونَ
9:122
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ مؤمنن کي نه جڳائيندو آھي جو مڙيئي (گڏ) نڪرن، پوءِ ٽوليءَ مان ڪي ڄڻا منجھائن ھن لاءِ ڇونه نڪرندا آھن ته دين ۾ عالِم ٿين ۽ جڏھن پنھنجي قوم ڏانھن موٽي وڃن ته ان کي ڊيڄارين ته مانَ اُھي ڊڄن.

9:123 يَـٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ قَـٰتِلُوا۟ ٱلَّذِينَ يَلُونَكُم مِّنَ ٱلْكُفَّارِ وَلْيَجِدُوا۟ فِيكُمْ غِلْظَةً ۚ وَٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّ ٱللَّهَ مَعَ ٱلْمُتَّقِينَ
9:123
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي مؤمنو ڪافرن مان جيڪي اوھان جي آس پاس آھن تن سان وڙھو ۽ ڀَلي ته (اُھي) اوھان ۾ ڪا ڏاڍائي ڏسن، ۽ ڄاڻو ته الله پرھيزگارن سان گڏ آھي.

9:124 وَإِذَا مَآ أُنزِلَتْ سُورَةٌ فَمِنْهُم مَّن يَقُولُ أَيُّكُمْ زَادَتْهُ هَـٰذِهِۦٓ إِيمَـٰنًا ۚ فَأَمَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ فَزَادَتْهُمْ إِيمَـٰنًا وَهُمْ يَسْتَبْشِرُونَ
9:124
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جڏھن ڪابه سُورة لاھبي آھي ته منجھائن ڪو اھڙو آھي جو چوندو آھي ته ھن سورة اوھان مان ڪھڙي جو ايمان وڌايو آھي؟ پوءِ جن ايمان آندو آھي تن جي ايمان کي وڌايو اٿس ۽ اُھي خوش ٿيندا آھن.

9:125 وَأَمَّا ٱلَّذِينَ فِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌ فَزَادَتْهُمْ رِجْسًا إِلَىٰ رِجْسِهِمْ وَمَاتُوا۟ وَهُمْ كَـٰفِرُونَ
9:125
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن کي پليتي تي پليتي وڌائي اٿس ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا.

9:126 أَوَلَا يَرَوْنَ أَنَّهُمْ يُفْتَنُونَ فِى كُلِّ عَامٍ مَّرَّةً أَوْ مَرَّتَيْنِ ثُمَّ لَا يَتُوبُونَ وَلَا هُمْ يَذَّكَّرُونَ
9:126
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
نه ڏسندا آھن ڇا ته ھر سال ھڪ ڀيرو يا ٻه ڀيرا سزا ڏني ويندي اٿن؟ وري نڪي توبه ڪندا آھن ۽ نڪي اُھي نصيحت وٺندا آھن.

9:127 وَإِذَا مَآ أُنزِلَتْ سُورَةٌ نَّظَرَ بَعْضُهُمْ إِلَىٰ بَعْضٍ هَلْ يَرَىٰكُم مِّنْ أَحَدٍ ثُمَّ ٱنصَرَفُوا۟ ۚ صَرَفَ ٱللَّهُ قُلُوبَهُم بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَفْقَهُونَ
9:127
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جڏھن ڪا سورة (انھن بابت) نازل ڪبي آھي (ته) انھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن (شرمندگيءَ کان) نھاريندا آھن، (۽ چوندا آھن ته) ڪنھن اوھانکي ڏٺو آھي ڇا؟ وري (گھرن ڏانھن) موٽندا آھن، الله سندن دليون ھن سببان ڦيرايون آھن جو اُھا بي سمجھ قوم آھي.

9:128 لَقَدْ جَآءَكُمْ رَسُولٌ مِّنْ أَنفُسِكُمْ عَزِيزٌ عَلَيْهِ مَا عَنِتُّمْ حَرِيصٌ عَلَيْكُم بِٱلْمُؤْمِنِينَ رَءُوفٌ رَّحِيمٌ
9:128
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اي ماڻھو) بيشڪ اوھان جي جنس منجھان اوھان وٽ پيغمبر آيو آھي اوھان جو ڏُک مٿس اوکو آھي اوھان (جي ھدايت) تي حَرِيص آھي مسلمانن تي شفقت ڪندڙ مھربان آھي.

9:129 فَإِن تَوَلَّوْا۟ فَقُلْ حَسْبِىَ ٱللَّهُ لَآ إِلَـٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ ۖ وَهُوَ رَبُّ ٱلْعَرْشِ ٱلْعَظِيمِ
9:129
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته چؤ ته مون کي الله ڪافي آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، مٿس ڀروسو ڪيم ۽ اُھو وڏي عرش جو مالڪ آھي.