Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
4:25
وَمَن لَّمْ يَسْتَطِعْ مِنكُمْ طَوْلًا أَن يَنكِحَ ٱلْمُحْصَنَـٰتِ ٱلْمُؤْمِنَـٰتِ فَمِن مَّا مَلَكَتْ أَيْمَـٰنُكُم مِّن فَتَيَـٰتِكُمُ ٱلْمُؤْمِنَـٰتِ ۚ وَٱللَّهُ أَعْلَمُ بِإِيمَـٰنِكُم ۚ بَعْضُكُم مِّنۢ بَعْضٍ ۚ فَٱنكِحُوهُنَّ بِإِذْنِ أَهْلِهِنَّ وَءَاتُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ بِٱلْمَعْرُوفِ مُحْصَنَـٰتٍ غَيْرَ مُسَـٰفِحَـٰتٍ وَلَا مُتَّخِذَٰتِ أَخْدَانٍ ۚ فَإِذَآ أُحْصِنَّ فَإِنْ أَتَيْنَ بِفَـٰحِشَةٍ فَعَلَيْهِنَّ نِصْفُ مَا عَلَى ٱلْمُحْصَنَـٰتِ مِنَ ٱلْعَذَابِ ۚ ذَٰلِكَ لِمَنْ خَشِىَ ٱلْعَنَتَ مِنكُمْ ۚ وَأَن تَصْبِرُوا۟ خَيْرٌ لَّكُمْ ۗ وَٱللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
4:25
۽ اوھان مان جيڪو آجين مؤمنياڻين جي پرڻجڻ جي سگھ نه رکندو ھجي سو اُنھن مؤمنياڻين ٻانھين مان جن جا مالڪ اوھان (مؤمنن) مان آھن (ڪا پرڻجي ته عار نه آھي)، ۽ الله اوھان جي ايمان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، اوھانجا ھڪڙا ٻـين مان (پيدا ٿيل) آھن (يعني پاڻ ۾ ھڪ جنس آھيو)، پوءِ کين سندن مالڪن جي موڪل سان پرڻجو ۽ سندن ڪابين ھلي چليءَ وانگر کين ڏيو (اُھي) نڪاح ٻَڌلون نه زنا ڪندڙيون ۽ نڪي ڳجھن يارن وٺڻ واريون ھجن، پوءِ جڏھن نڪاح ۾ آيون تڏھن جيڪڏھن (اُھي) ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪن ته جيڪا سزا آجين تي آھي تنھن جو اڌ مٿن آھي، (اِھا ٻانھيءَ کي پرڻجڻ جي اجازت) اوھان مان انھيءَ لاءِ آھي جيڪو زنا (جي گناہ ۾ پوڻ) کان ڊڄي، ۽ اوھان جو صبر ڪرڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)