Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
45:1
حمٓ
45:1
حٰمٓ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:2
تَنزِيلُ ٱلْكِتَـٰبِ مِنَ ٱللَّهِ ٱلْعَزِيزِ ٱلْحَكِيمِ
45:2
ڪتاب جو لاھڻ الله غالب حڪمت واري کان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:3
إِنَّ فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ لَـَٔايَـٰتٍ لِّلْمُؤْمِنِينَ
45:3
بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ پڪيون نشانيون آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:4
وَفِى خَلْقِكُمْ وَمَا يَبُثُّ مِن دَآبَّةٍ ءَايَـٰتٌ لِّقَوْمٍ يُوقِنُونَ
45:4
۽ اوھان جي بڻائڻ ۾ ۽ جيڪي چرندڙن مان پکيڙي ٿو تنھن (جي بڻائڻ) ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي يقين رکندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:5
وَٱخْتِلَـٰفِ ٱلَّيْلِ وَٱلنَّهَارِ وَمَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مِن رِّزْقٍ فَأَحْيَا بِهِ ٱلْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا وَتَصْرِيفِ ٱلرِّيَـٰحِ ءَايَـٰتٌ لِّقَوْمٍ يَعْقِلُونَ
45:5
۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير ۾ ۽ جيڪي الله آسمان کان روزي نازل ڪئي پوءِ اُن سببان زمين کي سندس غيرآباديءَ کانپوءِ آباد ڪيائين تنھن ۾ ۽ وائن جي ھلائڻ ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي سمجھ رکندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:6
تِلْكَ ءَايَـٰتُ ٱللَّهِ نَتْلُوهَا عَلَيْكَ بِٱلْحَقِّ ۖ فَبِأَىِّ حَدِيثٍۭ بَعْدَ ٱللَّهِ وَءَايَـٰتِهِۦ يُؤْمِنُونَ
45:6
اھي الله جون آيتون آھن جي توکي سچ سان پڙھي ٻڌايون ٿا، پوءِ الله ۽ سندس آيتن پڃاڻا ڪھڙي ڳالھ تي ايمان آڻيندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:7
وَيْلٌ لِّكُلِّ أَفَّاكٍ أَثِيمٍ
45:7
ھر ڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار لاءِ خرابي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:8
يَسْمَعُ ءَايَـٰتِ ٱللَّهِ تُتْلَىٰ عَلَيْهِ ثُمَّ يُصِرُّ مُسْتَكْبِرًا كَأَن لَّمْ يَسْمَعْهَا ۖ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
45:8
الله جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته ٻڌندو آھي وري آڪڙجي ضد ڪندو آھي ڄڻڪ اُھي ٻڌيون ئي نه ھوائين، تنھنڪري کيس ڏکوئيندڙ عذاب جي خوشخبري سُڻاءِ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:9
وَإِذَا عَلِمَ مِنْ ءَايَـٰتِنَا شَيْـًٔا ٱتَّخَذَهَا هُزُوًا ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُّهِينٌ
45:9
۽ جڏھن اسان جي آيتن مان ڪنھن ڳالھ تي واقف ٿيندو آھي (تڏھن) ان کي ٺـٺوليون ڪري وٺندو آھي، اُنھن ئي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:10
مِّن وَرَآئِهِمْ جَهَنَّمُ ۖ وَلَا يُغْنِى عَنْهُم مَّا كَسَبُوا۟ شَيْـًٔا وَلَا مَا ٱتَّخَذُوا۟ مِن دُونِ ٱللَّهِ أَوْلِيَآءَ ۖ وَلَهُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ
45:10
سندن ٻئي طرف کان دوزخ آھي، ۽ جيڪي ڪمايائون نڪي اُھو کائن ڪجھ ٽاري سگھندو ۽ نڪي اُھي جن کي الله ڌاران سڄڻ ڪري ورتائون (کائن ٽاري سگھندا)، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:11
هَـٰذَا هُدًى ۖ وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِـَٔايَـٰتِ رَبِّهِمْ لَهُمْ عَذَابٌ مِّن رِّجْزٍ أَلِيمٌ
45:11
ھيءُ (قرآن) ھدايت آھي، ۽ جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن جو انڪار ڪيو تن کي سخت سزا جو ڏکوئيندڙ عذاب آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:12
۞ ٱللَّهُ ٱلَّذِى سَخَّرَ لَكُمُ ٱلْبَحْرَ لِتَجْرِىَ ٱلْفُلْكُ فِيهِ بِأَمْرِهِۦ وَلِتَبْتَغُوا۟ مِن فَضْلِهِۦ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
45:12
الله اُھو آھي جنھن درياءُ اوھان جي تابع ڪيو ته سندس حُڪم سان منجھس ٻيڙيون ھلن ۽ سندس فضل مان گذران طلب ڪريو ۽ مانَ اوھين شڪرانو ڪريو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:13
وَسَخَّرَ لَكُم مَّا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ جَمِيعًا مِّنْهُ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَـٰتٍ لِّقَوْمٍ يَتَفَكَّرُونَ
45:13
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀئي پنھنجي پار کان اوھان جي ڪم ۾ لڳايائين، بيشڪ اُن ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جي پروڙيندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:14
قُل لِّلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ يَغْفِرُوا۟ لِلَّذِينَ لَا يَرْجُونَ أَيَّامَ ٱللَّهِ لِيَجْزِىَ قَوْمًۢا بِمَا كَانُوا۟ يَكْسِبُونَ
45:14
مؤمنن کي چؤ ته جيڪي الله جي واقعن جي اُميد نه رکندا آھن تن کان ھن ڪري ٽارو ڪن ته اُنھي سببان جو جيڪي ڪمايو ھوائون (انھن مان) ڪنھن قوم کي (الله) سزا ڏئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:15
مَنْ عَمِلَ صَـٰلِحًا فَلِنَفْسِهِۦ ۖ وَمَنْ أَسَآءَ فَعَلَيْهَا ۖ ثُمَّ إِلَىٰ رَبِّكُمْ تُرْجَعُونَ
45:15
جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ، ۽ جيڪو مدائي ڪندو تنھن تي (اُن جو نقصان) آھي، وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽايا ويندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:16
وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ ٱلْكِتَـٰبَ وَٱلْحُكْمَ وَٱلنُّبُوَّةَ وَرَزَقْنَـٰهُم مِّنَ ٱلطَّيِّبَـٰتِ وَفَضَّلْنَـٰهُمْ عَلَى ٱلْعَـٰلَمِينَ
45:16
۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏني سون ۽ سٺين شين مان کين روزي ڏني سون ۽ کين جھان وارن کان ڀلارو ڪيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:17
وَءَاتَيْنَـٰهُم بَيِّنَـٰتٍ مِّنَ ٱلْأَمْرِ ۖ فَمَا ٱخْتَلَفُوٓا۟ إِلَّا مِنۢ بَعْدِ مَا جَآءَهُمُ ٱلْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَهُمْ ۚ إِنَّ رَبَّكَ يَقْضِى بَيْنَهُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ فِيمَا كَانُوا۟ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ
45:17
۽ دين بابت کين پڌرا دليل ڏناسون، پوءِ انھن (اڳي) اختلاف نه ڪيو پر وٽن ڄاڻپ آئي تنھن کانپوءِ پاڻ ۾ ساڙ (پيل) سببان (اختلاف ڪيائون)، بيشڪ جنھن ڳالھ بابت جھڳڙو ڪندا ھوا تنھن بابت قيامت جي ڏينھن تنھنجو پالڻھار سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:18
ثُمَّ جَعَلْنَـٰكَ عَلَىٰ شَرِيعَةٍ مِّنَ ٱلْأَمْرِ فَٱتَّبِعْهَا وَلَا تَتَّبِعْ أَهْوَآءَ ٱلَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ
45:18
وري (اي پيغمبر) توکي دين جي پڌريءَ واٽ تي ڪيوسون تنھنڪري (تون) اُن دين جي تابعداري ڪر ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن جي سَڌن پٺيان نه لڳ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:19
إِنَّهُمْ لَن يُغْنُوا۟ عَنكَ مِنَ ٱللَّهِ شَيْـًٔا ۚ وَإِنَّ ٱلظَّـٰلِمِينَ بَعْضُهُمْ أَوْلِيَآءُ بَعْضٍ ۖ وَٱللَّهُ وَلِىُّ ٱلْمُتَّقِينَ
45:19
ڇوته اِھي الله جي آڏو توکان ڪجھ به ٽاري نه سگھندا، ۽ بيشڪ ظالم ھڪ ٻئي جا دوست آھن، ۽ الله پرھيزگارن جو دوست آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:20
هَـٰذَا بَصَـٰٓئِرُ لِلنَّاسِ وَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِّقَوْمٍ يُوقِنُونَ
45:20
ھيءُ (قرآن) ماڻھن لاءِ چٽا دليل آھن جيڪي ماڻھو يقين رکندا آھن تن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:21
أَمْ حَسِبَ ٱلَّذِينَ ٱجْتَرَحُوا۟ ٱلسَّيِّـَٔاتِ أَن نَّجْعَلَهُمْ كَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ سَوَآءً مَّحْيَاهُمْ وَمَمَاتُهُمْ ۚ سَآءَ مَا يَحْكُمُونَ
45:21
جن مدايون ڪيون سي ڀائيندا آھن ڇا ته کين انھن وانگر ڪنداسون جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا؟ ته سندن جيئڻ ۽ مرڻ ھڪ جھڙو ھوندو، (اھو) جيڪو فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:22
وَخَلَقَ ٱللَّهُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ بِٱلْحَقِّ وَلِتُجْزَىٰ كُلُّ نَفْسٍۭ بِمَا كَسَبَتْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ
45:22
۽ الله آسمانن ۽ زمين کي پوري رِٿ سان بڻايو ۽ ھن لاءِ ته ھر ڪنھن شخص جيڪي ڪمايو تنھن بابت کيس بدلو ڏجي ۽ مٿن ظلم نه ڪبو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:23
أَفَرَءَيْتَ مَنِ ٱتَّخَذَ إِلَـٰهَهُۥ هَوَىٰهُ وَأَضَلَّهُ ٱللَّهُ عَلَىٰ عِلْمٍ وَخَتَمَ عَلَىٰ سَمْعِهِۦ وَقَلْبِهِۦ وَجَعَلَ عَلَىٰ بَصَرِهِۦ غِشَـٰوَةً فَمَن يَهْدِيهِ مِنۢ بَعْدِ ٱللَّهِ ۚ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
45:23
(اي پيغمبر) اُنھيءَ کي نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جنھن پنھنجي (نفس جي) سَڌ کي معبود ڪري ورتو ۽ ڄاڻڻ ھوندي الله کيس گمراھ ڪيو ۽ سندس ڪنّن تي ۽ سندين دل تي مُھر ھنيائين ۽ سنديس اکين تي پردو وڌائين، پوءِ الله ڌاران کيس ڪير ھدايت ڪندو، پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:24
وَقَالُوا۟ مَا هِىَ إِلَّا حَيَاتُنَا ٱلدُّنْيَا نَمُوتُ وَنَحْيَا وَمَا يُهْلِكُنَآ إِلَّا ٱلدَّهْرُ ۚ وَمَا لَهُم بِذَٰلِكَ مِنْ عِلْمٍ ۖ إِنْ هُمْ إِلَّا يَظُنُّونَ
45:24
۽ چوندا آھن ته اسان جي رڳو ھي دنيا جي حياتي آھي جو مرندا آھيون ۽ جيئندا آھيون ۽ اسان کي رڳو زمانو ماريندو آھي، ۽ ان (ڳالھ) جي کين ڪا ڄاڻپ نه آھي، اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:25
وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ ءَايَـٰتُنَا بَيِّنَـٰتٍ مَّا كَانَ حُجَّتَهُمْ إِلَّآ أَن قَالُوا۟ ٱئْتُوا۟ بِـَٔابَآئِنَآ إِن كُنتُمْ صَـٰدِقِينَ
45:25
۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) سندين حجت رڳو ھي چوڻ ھوندو آھي ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اسان جي پيءُ ڏاڏن کي (جيئرو ڪري) آڻيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:26
قُلِ ٱللَّهُ يُحْيِيكُمْ ثُمَّ يُمِيتُكُمْ ثُمَّ يَجْمَعُكُمْ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْقِيَـٰمَةِ لَا رَيْبَ فِيهِ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
45:26
(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله اوھان کي جياريندو آھي وري اوھان کي ماريندو وري اوھان کي قيامت جي ڏينھن ۾ ڪو شڪ نه آھي گڏ ڪندو پر گھڻا ماڻھو (اِن ڳالھ کي) نه ڄاڻندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:27
وَلِلَّهِ مُلْكُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ وَيَوْمَ تَقُومُ ٱلسَّاعَةُ يَوْمَئِذٍ يَخْسَرُ ٱلْمُبْطِلُونَ
45:27
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، ۽ جنھن ڏينھن قيامت ٿيندي تنھن ڏينھن ڪُوڙا ڇيئو پائيندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:28
وَتَرَىٰ كُلَّ أُمَّةٍ جَاثِيَةً ۚ كُلُّ أُمَّةٍ تُدْعَىٰٓ إِلَىٰ كِتَـٰبِهَا ٱلْيَوْمَ تُجْزَوْنَ مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
45:28
۽ (اي پيغمبر) ھر ڪنھن ٽوليءَ کي گوڏن ڀر (ويٺل) ڏسندين، سڀڪا ٽولي پنھنجي اعمالنامي ڏانھن سڏبي، (چئبو) ته جيڪي (اوھين) ڪندا ھئو تنھن جو اڄ اوھان کي بدلو ڏبو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:29
هَـٰذَا كِتَـٰبُنَا يَنطِقُ عَلَيْكُم بِٱلْحَقِّ ۚ إِنَّا كُنَّا نَسْتَنسِخُ مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
45:29
ھي اسان جو دفتر آھي جو اوھان تي پوري حقيقت پڌري ڪري ٿو، بيشڪ جيڪي اوھين ڪندا ھئو سو اسين لکندا ھواسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:30
فَأَمَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ فَيُدْخِلُهُمْ رَبُّهُمْ فِى رَحْمَتِهِۦ ۚ ذَٰلِكَ هُوَ ٱلْفَوْزُ ٱلْمُبِينُ
45:30
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پالڻھار پنھنجي ٻاجھ ھيٺ داخل ڪندو، اھا پڌري مراد ماڻڻ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:31
وَأَمَّا ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ أَفَلَمْ تَكُنْ ءَايَـٰتِى تُتْلَىٰ عَلَيْكُمْ فَٱسْتَكْبَرْتُمْ وَكُنتُمْ قَوْمًا مُّجْرِمِينَ
45:31
۽ جن ڪُفر ڪيو (تن کي چئبو) ته اوھان وٽ منھنجيون آيتون نه پڙھبيون ھيون ڇا؟ پوءِ اوھان وڏائي ڪئي ۽ ڏوھاري قوم ھئو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:32
وَإِذَا قِيلَ إِنَّ وَعْدَ ٱللَّهِ حَقٌّ وَٱلسَّاعَةُ لَا رَيْبَ فِيهَا قُلْتُم مَّا نَدْرِى مَا ٱلسَّاعَةُ إِن نَّظُنُّ إِلَّا ظَنًّا وَمَا نَحْنُ بِمُسْتَيْقِنِينَ
45:32
۽ جڏھن چئبو ھُيَوَ ته الله جو وعدو سچو آھي ۽ قيامت ۾ ڪو شڪ نه آھي (تڏھن) چوندا ھئو ته (اسين) نه ڄاڻندا آھيون ته قيامت ڇا آھي اسين رڳو ھڪ (ٿورو) گمان ڀائيندا آھيون ۽ اسين (ڪڏھن) يقين ڪرڻ وارا نه آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:33
وَبَدَا لَهُمْ سَيِّـَٔاتُ مَا عَمِلُوا۟ وَحَاقَ بِهِم مَّا كَانُوا۟ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ
45:33
۽ جيڪي ڪمايو ھوائون تنھن جون مدايون کين پڌريون ٿينديون ۽ جنھن شيءَ تي چٿرون ڪندا ھوا سا کين وڪوڙي ويندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:34
وَقِيلَ ٱلْيَوْمَ نَنسَىٰكُمْ كَمَا نَسِيتُمْ لِقَآءَ يَوْمِكُمْ هَـٰذَا وَمَأْوَىٰكُمُ ٱلنَّارُ وَمَا لَكُم مِّن نَّـٰصِرِينَ
45:34
۽ چئبو ته اڄ اوھان کي (ائين) وسارينداسون جيئن اوھان پنھنجي ھن ڏينھن جي اچي پھچڻ کي وساريو ھو ۽ (ھاڻي) اوھان جي جاءِ دوزخ آھي ۽ اوھان جو ڪو مددگار نه آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:35
ذَٰلِكُم بِأَنَّكُمُ ٱتَّخَذْتُمْ ءَايَـٰتِ ٱللَّهِ هُزُوًا وَغَرَّتْكُمُ ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا ۚ فَٱلْيَوْمَ لَا يُخْرَجُونَ مِنْهَا وَلَا هُمْ يُسْتَعْتَبُونَ
45:35
اِھو (عذاب اوھان کي) ھن ڪري آھي جو اوھان الله جي آيتن کي ٺـٺوليون ڪري ورتو ھو ۽ دنيوي حياتيءَ اوھان کي ٺڳيو ھو، تنھنڪري اڄ منجھانئس نه ڪڍبن ۽ نڪي عذر طلب ڪبن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:36
فَلِلَّهِ ٱلْحَمْدُ رَبِّ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَرَبِّ ٱلْأَرْضِ رَبِّ ٱلْعَـٰلَمِينَ
45:36
پوءِ سڀ ساراھ خاص الله کي جڳائي جو آسمانن جو پالڻھار ۽ زمين جو پالڻھار ۽ جھانن جو پالڻھار آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
45:37
وَلَهُ ٱلْكِبْرِيَآءُ فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
45:37
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سنديس وڏائي آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)