Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
12:1
الٓر ۚ تِلْكَ ءَايَـٰتُ ٱلْكِتَـٰبِ ٱلْمُبِينِ
12:1
الرٰ، ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:2
إِنَّآ أَنزَلْنَـٰهُ قُرْءَٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُونَ
12:2
بيشڪ اسان اُن کي قُرآن عربي (ٻوليءَ وارو) ڪري نازل ڪيو ته مانَ اوھين سمجھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:3
نَحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ أَحْسَنَ ٱلْقَصَصِ بِمَآ أَوْحَيْنَآ إِلَيْكَ هَـٰذَا ٱلْقُرْءَانَ وَإِن كُنتَ مِن قَبْلِهِۦ لَمِنَ ٱلْغَـٰفِلِينَ
12:3
(اي پيغمبر) اسين توڏانھن ھن قرآن ۾ پنھنجي وحي موڪلڻ سان ڏاڍو چڱو قصّو توکي پڙھي ٻڌايون ٿا، ۽ تون ھن کان اڳ بيشڪ بي خبرن مان ھئين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:4
إِذْ قَالَ يُوسُفُ لِأَبِيهِ يَـٰٓأَبَتِ إِنِّى رَأَيْتُ أَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًا وَٱلشَّمْسَ وَٱلْقَمَرَ رَأَيْتُهُمْ لِى سَـٰجِدِينَ
12:4
(ياد ڪر) جڏھن يوسفؑ پنھنجي پيءُ کي چيو ته اي ابا مون يارھن تارا ۽ سج ۽ چنڊ ڏٺا انھن کي ڏٺم ته مون کي سجدو ٿا ڪن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:5
قَالَ يَـٰبُنَىَّ لَا تَقْصُصْ رُءْيَاكَ عَلَىٰٓ إِخْوَتِكَ فَيَكِيدُوا۟ لَكَ كَيْدًا ۖ إِنَّ ٱلشَّيْطَـٰنَ لِلْإِنسَـٰنِ عَدُوٌّ مُّبِينٌ
12:5
(يعقوبؑ) چيو ته اي منھنجا پٽ پنھنجو خواب پنھنجن ڀائرن وٽ بيان نه ڪج نه ته تولاءِ ڪو ڦند ڦيريندا، بيشڪ شيطان انسان جو پڌرو ويري آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:6
وَكَذَٰلِكَ يَجْتَبِيكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِن تَأْوِيلِ ٱلْأَحَادِيثِ وَيُتِمُّ نِعْمَتَهُۥ عَلَيْكَ وَعَلَىٰٓ ءَالِ يَعْقُوبَ كَمَآ أَتَمَّهَا عَلَىٰٓ أَبَوَيْكَ مِن قَبْلُ إِبْرَٰهِيمَ وَإِسْحَـٰقَ ۚ إِنَّ رَبَّكَ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
12:6
۽ اھري طرح تنھنجو پالڻھار توکي سڳورو ڪندو ۽ توکي خوابن جو تعبير سيکاريندو ۽ پنھنجي نعمت توتي ۽ يعقوبؑ جي اولاد تي اھڙي طرح پوري ڪندو جھڙي اڳ تنھنجي پيءُ ڏاڏي ابراھيمؑ ۽ اسحاقؑ تي پوري ڪيائين، بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:7
۞ لَّقَدْ كَانَ فِى يُوسُفَ وَإِخْوَتِهِۦٓ ءَايَـٰتٌ لِّلسَّآئِلِينَ
12:7
بيشڪ يُوسفؑ ۽ سندس ڀائرن (جي قصي) ۾ پڇندڙن لاءِ (گھڻيون) نشانيون آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:8
إِذْ قَالُوا۟ لَيُوسُفُ وَأَخُوهُ أَحَبُّ إِلَىٰٓ أَبِينَا مِنَّا وَنَحْنُ عُصْبَةٌ إِنَّ أَبَانَا لَفِى ضَلَـٰلٍ مُّبِينٍ
12:8
جڏھن (پاڻ ۾) چيائون ته بيشڪ يُوسفؑ ۽ سندس (سڳو) ڀاءُ (بن يامين) اسان جي پيءُ وٽ اسان کان ڏاڍا پيارا آھن جيتوڻيڪ اسين (گھڻا ڄڻا) ڏاڍي ٽولي آھيون، بيشڪ اسان جو پيءُ پڌري ڀُل ۾ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:9
ٱقْتُلُوا۟ يُوسُفَ أَوِ ٱطْرَحُوهُ أَرْضًا يَخْلُ لَكُمْ وَجْهُ أَبِيكُمْ وَتَكُونُوا۟ مِنۢ بَعْدِهِۦ قَوْمًا صَـٰلِحِينَ
12:9
(ھاڻي گھرجي ته) يُوسفؑ کي ڪُھو يا کيس ڪنھن ملڪ ۾ ڦٽي ڪري اچو ته اوھان جي پيءُ جي مھاڙ اوھان لاءِ نرالي ٿئي ۽ اُن (ڪم) کان پوءِ اوھين سڌريل ٿجو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:10
قَالَ قَآئِلٌ مِّنْهُمْ لَا تَقْتُلُوا۟ يُوسُفَ وَأَلْقُوهُ فِى غَيَـٰبَتِ ٱلْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ ٱلسَّيَّارَةِ إِن كُنتُمْ فَـٰعِلِينَ
12:10
منجھائن (ھڪ) چوندڙ چيو ته يُوسف کي نه ماريو ۽ جيڪڏھن (ڪي) ڪندڙ آھيو ته کوھ جي تري ۾ (کڻي) اُڇلايوس ته ڪو واٽھڙو کيس ڪڍي ويندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:11
قَالُوا۟ يَـٰٓأَبَانَا مَا لَكَ لَا تَأْمَ۫نَّا عَلَىٰ يُوسُفَ وَإِنَّا لَهُۥ لَنَـٰصِحُونَ
12:11
(يعقوبؑ کي) چيائون ته اي بابا توکي ڇا ٿيو آھي يُوسفؑ جي نسبت ۾ توکي اسان تي ھن ھوندي به ڪو ڀروسو نٿو ٿئي جو اسين سندس خيرخواہ آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:12
أَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًا يَرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَإِنَّا لَهُۥ لَحَـٰفِظُونَ
12:12
سڀاڻي اسان سان کيس موڪل ته کائي ۽ کيڏي ۽ اسين سندس نگھبان آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:13
قَالَ إِنِّى لَيَحْزُنُنِىٓ أَن تَذْهَبُوا۟ بِهِۦ وَأَخَافُ أَن يَأْكُلَهُ ٱلذِّئْبُ وَأَنتُمْ عَنْهُ غَـٰفِلُونَ
12:13
(يعقوبؑ) چيو ته اوھان جو کيس نئَڻ مون کي ضرور مونجھو ٿو ڪري ۽ ڊڄان ٿو ته (متان) کيس بگھڙ کائي ۽ کانئس اوھين بي خبر ھجو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:14
قَالُوا۟ لَئِنْ أَكَلَهُ ٱلذِّئْبُ وَنَحْنُ عُصْبَةٌ إِنَّآ إِذًا لَّخَـٰسِرُونَ
12:14
چيائون ته اسان جي (گھڻن ڄڻن جي) ڏاڍي ٽولي ھوندي به جيڪڏھن کيس بگھڙ کاڌو ته اسين انھيءَ مھل ضرور ٽوٽي وارا ھونداسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:15
فَلَمَّا ذَهَبُوا۟ بِهِۦ وَأَجْمَعُوٓا۟ أَن يَجْعَلُوهُ فِى غَيَـٰبَتِ ٱلْجُبِّ ۚ وَأَوْحَيْنَآ إِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُم بِأَمْرِهِمْ هَـٰذَا وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
12:15
پوءِ جنھن مھل کيس نيائون (ته) اُن کي کوھ جي تري ۾ اڇلڻ جي پڪ ڪيائون، ۽ ڏانھس وحي ڪيوسون ته سندن ھن واقعي جي کين ضرور سڌ ڏيندين ۽ اُھي (توکي) نه ڄاڻندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:16
وَجَآءُوٓ أَبَاهُمْ عِشَآءً يَبْكُونَ
12:16
۽ پنھنجي پيءُ وٽ رات جو روئيندا آيا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:17
قَالُوا۟ يَـٰٓأَبَانَآ إِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوسُفَ عِندَ مَتَـٰعِنَا فَأَكَلَهُ ٱلذِّئْبُ ۖ وَمَآ أَنتَ بِمُؤْمِنٍ لَّنَا وَلَوْ كُنَّا صَـٰدِقِينَ
12:17
چيائون ته اي بابا اسين ڊڪون پورائڻ وياسون ۽ يُوسف کي پنھنجي وسلن تي ڇڏيوسون پوءِ اُن کي بگھڙ کاڌو ۽ توڻي اسين سچا آھيون ته به تون اسان کي وسھندڙ نه ٿيندين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:18
وَجَآءُو عَلَىٰ قَمِيصِهِۦ بِدَمٍ كَذِبٍ ۚ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ أَنفُسُكُمْ أَمْرًا ۖ فَصَبْرٌ جَمِيلٌ ۖ وَٱللَّهُ ٱلْمُسْتَعَانُ عَلَىٰ مَا تَصِفُونَ
12:18
۽ سندس پھراڻ تي ڪوڙو رت لائي آندائون، (يعقوب) چيو ته (ائين نه آھي) بلڪ اوھان جي نفسن اوھان لاءِ (اُن) ٺاھ کي ٺاھيو آھي، تنھنڪري (مون کي) چڱو صبر ڪرڻ گھرجي، ۽ جيڪي اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن تي الله کان مدد گھري وڃي ٿي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:19
وَجَآءَتْ سَيَّارَةٌ فَأَرْسَلُوا۟ وَارِدَهُمْ فَأَدْلَىٰ دَلْوَهُۥ ۖ قَالَ يَـٰبُشْرَىٰ هَـٰذَا غُلَـٰمٌ ۚ وَأَسَرُّوهُ بِضَـٰعَةً ۚ وَٱللَّهُ عَلِيمٌۢ بِمَا يَعْمَلُونَ
12:19
۽ (اُن کوھ تي) قافلو آيو پوءِ پنھنجي پاڻي ڀريندڙ کي موڪليائون جنھن پنھنجو ٻوڪو وڌو، چيائون وھ واھ! ھي نينگر آھي، ۽ کيس ھڪ (چڱي) وٿ سمجھي لڪايائون، ۽ جيڪي ڪيائون ٿي سو الله ڄاڻندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:20
وَشَرَوْهُ بِثَمَنٍۭ بَخْسٍ دَرَٰهِمَ مَعْدُودَةٍ وَكَانُوا۟ فِيهِ مِنَ ٱلزَّٰهِدِينَ
12:20
۽ کيس (ڀائرن) ھلڪيءَ بھا سان وڪيو جو ڪي ٿورا پئسا ھوا، سندس حق ۾ بيزاري ڪندڙ ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:21
وَقَالَ ٱلَّذِى ٱشْتَرَىٰهُ مِن مِّصْرَ لِٱمْرَأَتِهِۦٓ أَكْرِمِى مَثْوَىٰهُ عَسَىٰٓ أَن يَنفَعَنَآ أَوْ نَتَّخِذَهُۥ وَلَدًا ۚ وَكَذَٰلِكَ مَكَّنَّا لِيُوسُفَ فِى ٱلْأَرْضِ وَلِنُعَلِّمَهُۥ مِن تَأْوِيلِ ٱلْأَحَادِيثِ ۚ وَٱللَّهُ غَالِبٌ عَلَىٰٓ أَمْرِهِۦ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
12:21
۽ مصر وارن مان جنھن کيس ڳڌو تنھن پنھنجي زال (زليخا) کي چيو ته ھن جي چڱي تعظيم ڪج مانَ اسان کي ڪو فائدو ڏئي يا کيس پٽيلو ڪري رکون، ۽ ا ھڙي طرح يُوسفؑ کي مصر ۾ جاءِ ڏني سون، ۽ ھن لاءِ ته کيس خوابن جو تعبير سيکاريون، ۽ الله پنھنجي ڪم تي غالب آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:22
وَلَمَّا بَلَغَ أَشُدَّهُۥٓ ءَاتَيْنَـٰهُ حُكْمًا وَعِلْمًا ۚ وَكَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
12:22
۽ جنھن مھل (يُوسفؑ) پنھنجي جوانيءَ کي پھتو (ته) حِڪمت ۽ علم ڏنوسون، ۽ اھڙي طرح ڀلارن کي بدلو ڏيندا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:23
وَرَٰوَدَتْهُ ٱلَّتِى هُوَ فِى بَيْتِهَا عَن نَّفْسِهِۦ وَغَلَّقَتِ ٱلْأَبْوَٰبَ وَقَالَتْ هَيْتَ لَكَ ۚ قَالَ مَعَاذَ ٱللَّهِ ۖ إِنَّهُۥ رَبِّىٓ أَحْسَنَ مَثْوَاىَ ۖ إِنَّهُۥ لَا يُفْلِحُ ٱلظَّـٰلِمُونَ
12:23
۽ جنھن زال جي گھر ۾ اُھو ھو تنھن سندس نفس کي راڻيو ٿي ۽ دروازا بند ڪيائين ۽ چيائين ته اوري آءُ، (يوسف) چيائين ته الله جي پناھ گھريم انھي منھنجي نپائيندڙ (يعني عزيز) مون کي چڱي ھنڌ رکيو آھي، ھيءَ (ڳالھ) سچي آھي ته ظالم نه ڇٽندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:24
وَلَقَدْ هَمَّتْ بِهِۦ ۖ وَهَمَّ بِهَا لَوْلَآ أَن رَّءَا بُرْهَـٰنَ رَبِّهِۦ ۚ كَذَٰلِكَ لِنَصْرِفَ عَنْهُ ٱلسُّوٓءَ وَٱلْفَحْشَآءَ ۚ إِنَّهُۥ مِنْ عِبَادِنَا ٱلْمُخْلَصِينَ
12:24
۽ بيشڪ (اُھا) ان ڏانھن لڙي ۽ (يُوسفؑ) به اُن ڏانھن لڙيو، جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جو دليل نه ڏسي ھا (ته جيڪي ٿيڻو ھو سو ٿئي ھا)، اھڙي طرح (انھي ڪري ٿيو) ته بڇڙائي ۽ بي حيائي کانئس ٽاري سون، سچ آھي ته اھو اسان جي خالص ٻانھن مان ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:25
وَٱسْتَبَقَا ٱلْبَابَ وَقَدَّتْ قَمِيصَهُۥ مِن دُبُرٍ وَأَلْفَيَا سَيِّدَهَا لَدَا ٱلْبَابِ ۚ قَالَتْ مَا جَزَآءُ مَنْ أَرَادَ بِأَهْلِكَ سُوٓءًا إِلَّآ أَن يُسْجَنَ أَوْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
12:25
۽ ٻئي دروازي ڏانھن ڊوڙيا ۽ زال ان (يُوسف) جو پھراڻ پٺيءَ کان ڦاڙيو ۽ سندس مڙس کي دروازي وٽ مليا، (زليخا) چيو ته جيڪو تنھنجي گھر واريءَ سان مدائي ڪرڻ جو ارادو ڪري تنھنجي سزا قيد ڪرڻ يا ڏکوئيندڙ عذاب کانسواءِ (ٻي ڪا) نه آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:26
قَالَ هِىَ رَٰوَدَتْنِى عَن نَّفْسِى ۚ وَشَهِدَ شَاهِدٌ مِّنْ أَهْلِهَآ إِن كَانَ قَمِيصُهُۥ قُدَّ مِن قُبُلٍ فَصَدَقَتْ وَهُوَ مِنَ ٱلْكَـٰذِبِينَ
12:26
(يُوسفؑ) چيو ته ھن مون کي منھنجي نفس کان راڻيو ٿي ۽ سندس گھر جي ڀاتين مان ھڪ شاھد شاھدي ڏني، ته جيڪڏھن ھن جو پھراڻ اڳ کان ڦاڙيو ويو آھي ته (زليخا) سچي آھي ۽ اُھو ڪوڙن مان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:27
وَإِن كَانَ قَمِيصُهُۥ قُدَّ مِن دُبُرٍ فَكَذَبَتْ وَهُوَ مِنَ ٱلصَّـٰدِقِينَ
12:27
۽ جيڪڏھن سندس پھراڻ پٺيءَ کان ڦاڙيو ويو آھي ته (زليخا) ڪوڙي ۽ اھو سچن مان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:28
فَلَمَّا رَءَا قَمِيصَهُۥ قُدَّ مِن دُبُرٍ قَالَ إِنَّهُۥ مِن كَيْدِكُنَّ ۖ إِنَّ كَيْدَكُنَّ عَظِيمٌ
12:28
جنھن مھل (عزيز) پھراڻ پٺيءَ کان ڦاٽل ڏٺو (ته) چيائين ته (اي زالون) اھو (چوڻ) اوھان جي مڪرن مان آھي، ڇوته اوھان جو مڪر وڏو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:29
يُوسُفُ أَعْرِضْ عَنْ هَـٰذَا ۚ وَٱسْتَغْفِرِى لِذَنۢبِكِ ۖ إِنَّكِ كُنتِ مِنَ ٱلْخَاطِـِٔينَ
12:29
(اي) يوسف اِن (ڳالھ) کان منھن موڙ، ۽ (اي زليخا) تون (به) پنھنجي مدائيءَ جي بخشش گھر، ڇوته تون ئي خطا وارن مان آھين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:30
۞ وَقَالَ نِسْوَةٌ فِى ٱلْمَدِينَةِ ٱمْرَأَتُ ٱلْعَزِيزِ تُرَٰوِدُ فَتَىٰهَا عَن نَّفْسِهِۦ ۖ قَدْ شَغَفَهَا حُبًّا ۖ إِنَّا لَنَرَىٰهَا فِى ضَلَـٰلٍ مُّبِينٍ
12:30
۽ شھر ۾ ڪيترين زالن پچاريو ته عزيز جي زال پنھنجي جوان ٻانھي کي سندس نفس کان (بڇڙي ڪم لاءِ) راڻيندي آھي، بيشڪ (يُوسف جو) پيار سندس دل ۾ پيھي ويو آھي، اسين کيس پڌري گمراھيءَ ۾ ضرور ڏسنديون آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:31
فَلَمَّا سَمِعَتْ بِمَكْرِهِنَّ أَرْسَلَتْ إِلَيْهِنَّ وَأَعْتَدَتْ لَهُنَّ مُتَّكَـًٔا وَءَاتَتْ كُلَّ وَٰحِدَةٍ مِّنْهُنَّ سِكِّينًا وَقَالَتِ ٱخْرُجْ عَلَيْهِنَّ ۖ فَلَمَّا رَأَيْنَهُۥٓ أَكْبَرْنَهُۥ وَقَطَّعْنَ أَيْدِيَهُنَّ وَقُلْنَ حَـٰشَ لِلَّهِ مَا هَـٰذَا بَشَرًا إِنْ هَـٰذَآ إِلَّا مَلَكٌ كَرِيمٌ
12:31
پوءِ جنھن مھل (زليخا) سندن گلا ڪرڻ ٻڌي (ته) انھن ڏانھن (ماڻھو) موڪليائين ۽ انھن لاءِ مجلس تيار ڪيائين ۽ منجھائن ھر ھڪ کي ڪپ ڏنائين ۽ چيائين ته (اي يُوسفؑ) مٿن نِڪر، جنھن دم کيس ڏٺائون ته کيس وڌيڪ (سھڻو) ڄاتائون ۽ پنھنجا ھٿ وڍيائون، ۽ چيائون ته الله پاڪ وڏو آھي ھيءُ (نينگر) ماڻھو نه آھي، پر ھڪ سڳورو ملائڪ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:32
قَالَتْ فَذَٰلِكُنَّ ٱلَّذِى لُمْتُنَّنِى فِيهِ ۖ وَلَقَدْ رَٰوَدتُّهُۥ عَن نَّفْسِهِۦ فَٱسْتَعْصَمَ ۖ وَلَئِن لَّمْ يَفْعَلْ مَآ ءَامُرُهُۥ لَيُسْجَنَنَّ وَلَيَكُونًا مِّنَ ٱلصَّـٰغِرِينَ
12:32
(زليخا) چيو اِھو اُھو آھي جنھن (جي محبت) ۾ اوھين مون کي ٽوڪينديون ھُيؤ، ۽ بيشڪ سندس نفس کان کيس راڻيم ٿي پوءِ پاڻ بچايائين، ۽ کيس جيڪي حُڪم ڪريان ٿي سو جيڪڏھن نه ڪندو ته ضرور قيد ڪيو ويندو ۽ ضرور بي فرمانن مان ٿيندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:33
قَالَ رَبِّ ٱلسِّجْنُ أَحَبُّ إِلَىَّ مِمَّا يَدْعُونَنِىٓ إِلَيْهِ ۖ وَإِلَّا تَصْرِفْ عَنِّى كَيْدَهُنَّ أَصْبُ إِلَيْهِنَّ وَأَكُن مِّنَ ٱلْجَـٰهِلِينَ
12:33
(يُوسفؑ) چيو اي منھنجا پالڻھار جنھن (ڪم) ڏانھن مون کي سڏين ٿيون تنھن کان مون کي قيد پسند آھي، ۽ جيڪڏھن سندن مڪر مون کان نه ٽاريندين ته انھن ڏانھن لڙندس ۽ جاھلن مان ٿيندس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:34
فَٱسْتَجَابَ لَهُۥ رَبُّهُۥ فَصَرَفَ عَنْهُ كَيْدَهُنَّ ۚ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْعَلِيمُ
12:34
پوءِ سندس پالڻھار ان جي دُعا قبول ڪئي ۽ کانئس اُنھن جو مڪر ٽاريائين، ڇوته اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:35
ثُمَّ بَدَا لَهُم مِّنۢ بَعْدِ مَا رَأَوُا۟ ٱلْـَٔايَـٰتِ لَيَسْجُنُنَّهُۥ حَتَّىٰ حِينٍ
12:35
وري به نشانين جي ڏسڻ کان پوءِ کين ھيءَ (ڳالھ) نظر آئي ته ڪجھ وقت تائين کيس ضرور قيد وجھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:36
وَدَخَلَ مَعَهُ ٱلسِّجْنَ فَتَيَانِ ۖ قَالَ أَحَدُهُمَآ إِنِّىٓ أَرَىٰنِىٓ أَعْصِرُ خَمْرًا ۖ وَقَالَ ٱلْـَٔاخَرُ إِنِّىٓ أَرَىٰنِىٓ أَحْمِلُ فَوْقَ رَأْسِى خُبْزًا تَأْكُلُ ٱلطَّيْرُ مِنْهُ ۖ نَبِّئْنَا بِتَأْوِيلِهِۦٓ ۖ إِنَّا نَرَىٰكَ مِنَ ٱلْمُحْسِنِينَ
12:36
۽ ساڻس ٻه جوان قيد ۾ گھڙيا، انھن مان ھڪ چيو ته مون پاڻ کي (ننڊ ۾) ڏٺو ته شراب نپوڙيان ٿو، ۽ ٻئي چيو ته مون پاڻ کي مٿي تي ماني کڻندو ۽ منجھانئس پکين کي کائيندو ڏٺو، اسان کي اُن جي تعبير جي خبر ڏي، بيشڪ اسين توکي ڀلارن مان ڏسون ٿا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:37
قَالَ لَا يَأْتِيكُمَا طَعَامٌ تُرْزَقَانِهِۦٓ إِلَّا نَبَّأْتُكُمَا بِتَأْوِيلِهِۦ قَبْلَ أَن يَأْتِيَكُمَا ۚ ذَٰلِكُمَا مِمَّا عَلَّمَنِى رَبِّىٓ ۚ إِنِّى تَرَكْتُ مِلَّةَ قَوْمٍ لَّا يُؤْمِنُونَ بِٱللَّهِ وَهُم بِٱلْـَٔاخِرَةِ هُمْ كَـٰفِرُونَ
12:37
(يُوسفؑ) چيو ته جيڪو طعام اوھين کائيندا آھيو سو اوھان وٽ ايندو ئي نه پر اوھان وٽ ان جي اچڻ کان اڳيئي سندس تعبير آءٌ اوھان کي ڏسيندس، اِھو (تعبير ڪرڻ) انھن (ڳالھين) مان آھي جي منھنجي رب مونکي سيکاريون آھن، بيشڪ مون اُن قوم جي پر ڦٽي ڪئي آھي جيڪي الله کي نه مڃيندا آھن ۽ اُھي آخرت جا به مُنڪر آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:38
وَٱتَّبَعْتُ مِلَّةَ ءَابَآءِىٓ إِبْرَٰهِيمَ وَإِسْحَـٰقَ وَيَعْقُوبَ ۚ مَا كَانَ لَنَآ أَن نُّشْرِكَ بِٱللَّهِ مِن شَىْءٍ ۚ ذَٰلِكَ مِن فَضْلِ ٱللَّهِ عَلَيْنَا وَعَلَى ٱلنَّاسِ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَشْكُرُونَ
12:38
۽ پنھنجي پيءُ ڏاڏن ابراھيمؑ ۽ اسحاقؑ يعقوبؑ جي دين جي پيروي ڪئي اٿم، ڪنھن شيءِ کي الله سان شريڪ ڪرڻ اسان کي نه جڳائيندو آھي، اھو اسان تي ۽ ٻـين ماڻھن تي الله جو فضل آھي پر گھڻا ماڻھو شڪرانو نه ڪندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:39
يَـٰصَـٰحِبَىِ ٱلسِّجْنِ ءَأَرْبَابٌ مُّتَفَرِّقُونَ خَيْرٌ أَمِ ٱللَّهُ ٱلْوَٰحِدُ ٱلْقَهَّارُ
12:39
اي منھنجا سنگتي قيدي (ھيءَ ڳالھ سمجھندا آھيو ته) ڌارو ڌار گھڻا رب چڱا آھن يا اڪيلو غالب الله (چڱو آھي)؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:40
مَا تَعْبُدُونَ مِن دُونِهِۦٓ إِلَّآ أَسْمَآءً سَمَّيْتُمُوهَآ أَنتُمْ وَءَابَآؤُكُم مَّآ أَنزَلَ ٱللَّهُ بِهَا مِن سُلْطَـٰنٍ ۚ إِنِ ٱلْحُكْمُ إِلَّا لِلَّهِ ۚ أَمَرَ أَلَّا تَعْبُدُوٓا۟ إِلَّآ إِيَّاهُ ۚ ذَٰلِكَ ٱلدِّينُ ٱلْقَيِّمُ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
12:40
الله کانسواءِ جن جي اوھين پوڄا ڪندا آھيو اُھي رڳو نالا آھن جي اوھان ۽ اوھان جي پيءُ ڏاڏن نالا رکيا آھن انھن جي بابت الله ڪا سندَ نازل نه ڪئي آھي، الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي حڪومت نه آھي، حُڪم ڪيائين ته خاص اُن (الله) کانسواءِ ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، اُھو دين قائم آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:41
يَـٰصَـٰحِبَىِ ٱلسِّجْنِ أَمَّآ أَحَدُكُمَا فَيَسْقِى رَبَّهُۥ خَمْرًا ۖ وَأَمَّا ٱلْـَٔاخَرُ فَيُصْلَبُ فَتَأْكُلُ ٱلطَّيْرُ مِن رَّأْسِهِۦ ۚ قُضِىَ ٱلْأَمْرُ ٱلَّذِى فِيهِ تَسْتَفْتِيَانِ
12:41
اي منھنجا قيدي سنگتي اوھان مان ھڪڙو پنھنجي بادشاھ کي شراب پياريندو، ۽ ٻيو سوريءَ چاڙھيو ويندو ۽ سندس مٿي مان پکي کائيندا، جنھن بابت پڇو ٿا سو ڪم پورو ٿي ويو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:42
وَقَالَ لِلَّذِى ظَنَّ أَنَّهُۥ نَاجٍ مِّنْهُمَا ٱذْكُرْنِى عِندَ رَبِّكَ فَأَنسَىٰهُ ٱلشَّيْطَـٰنُ ذِكْرَ رَبِّهِۦ فَلَبِثَ فِى ٱلسِّجْنِ بِضْعَ سِنِينَ
12:42
۽ انھن ٻنھي مان جنھن لاءِ گمان ھوس ته (نيٺ) ڇٽندو تنھن کي چيائين ته پنھنجي بادشاھ وٽ مون کي ياد ڪج، پوءِ شيطان سندس بادشاھ وٽ کانئس يادگيري وسارائي ڇڏي تنھنڪري (يُوسفؑ) ڪيترائي ورھيه قيد ۾ رھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:43
وَقَالَ ٱلْمَلِكُ إِنِّىٓ أَرَىٰ سَبْعَ بَقَرَٰتٍ سِمَانٍ يَأْكُلُهُنَّ سَبْعٌ عِجَافٌ وَسَبْعَ سُنۢبُلَـٰتٍ خُضْرٍ وَأُخَرَ يَابِسَـٰتٍ ۖ يَـٰٓأَيُّهَا ٱلْمَلَأُ أَفْتُونِى فِى رُءْيَـٰىَ إِن كُنتُمْ لِلرُّءْيَا تَعْبُرُونَ
12:43
۽ بادشاھ چيو ته مون (ننڊ) ۾ ست ٿُلھيون ڳـئون ڏٺيون آھن جن کي ستن ڏٻرين کاڌو ٿي ۽ (پڻ) ست ساوا سنگ ۽ ٻيا ست سُڪا (ڏٺا اٿم)، اي سردارؤ جيڪڏھن اوھين خواب جو تعبير ڪندا آھيو ته منھنجي خواب جو مون کي تعبير ٻڌايو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:44
قَالُوٓا۟ أَضْغَـٰثُ أَحْلَـٰمٍ ۖ وَمَا نَحْنُ بِتَأْوِيلِ ٱلْأَحْلَـٰمِ بِعَـٰلِمِينَ
12:44
چيائون (اھي) پريشان خواب آھن، ۽ اسين ڪوڙن خوابن جو تعبير نه ڄاڻندا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:45
وَقَالَ ٱلَّذِى نَجَا مِنْهُمَا وَٱدَّكَرَ بَعْدَ أُمَّةٍ أَنَا۠ أُنَبِّئُكُم بِتَأْوِيلِهِۦ فَأَرْسِلُونِ
12:45
۽ جيڪو ٻنھي مان ڇُٽو ھو ۽ گھڻي دير کانپوءِ ياد آيس تنھن چيو ته ان جي تعبير جي آءٌ توکي سُڌ ڏيندس پوءِ مونکي موڪليو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:46
يُوسُفُ أَيُّهَا ٱلصِّدِّيقُ أَفْتِنَا فِى سَبْعِ بَقَرَٰتٍ سِمَانٍ يَأْكُلُهُنَّ سَبْعٌ عِجَافٌ وَسَبْعِ سُنۢبُلَـٰتٍ خُضْرٍ وَأُخَرَ يَابِسَـٰتٍ لَّعَلِّىٓ أَرْجِعُ إِلَى ٱلنَّاسِ لَعَلَّهُمْ يَعْلَمُونَ
12:46
(پوءِ بندي خاني ڏانھن ويو چيائين) اي سچا يُوسفؑ ستن ٿلھين ڳئن بابت جن کي ستن ڏٻرين کاڌو ۽ ستن ساون سنگن ۽ ٻـين (ستن) سُڪن بابت تعبير ٻڌاءِ ته آءٌ ماڻھن ڏانھن موٽان ته مانَ اُھي ڄاڻن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:47
قَالَ تَزْرَعُونَ سَبْعَ سِنِينَ دَأَبًا فَمَا حَصَدتُّمْ فَذَرُوهُ فِى سُنۢبُلِهِۦٓ إِلَّا قَلِيلًا مِّمَّا تَأْكُلُونَ
12:47
(يوسف) چيو ته ست ورھيه ساندہ پوک ڪندا رھو، پوءِ جيڪو فصل لُڻو تنھن مان جيڪي کائو تنھن کانسواءِ ٻيو (سڀ) سندن سَنگن ۾ (رکي) ڇڏيو انھن ٿورن کانسواءِ جيڪي اوھين کائو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:48
ثُمَّ يَأْتِى مِنۢ بَعْدِ ذَٰلِكَ سَبْعٌ شِدَادٌ يَأْكُلْنَ مَا قَدَّمْتُمْ لَهُنَّ إِلَّا قَلِيلًا مِّمَّا تُحْصِنُونَ
12:48
وري اُن کانپوءِ ست سال سختيءَ جا ايندا انھن لاءِ جيڪي (اَن) اڳي رکي ڇڏيو ھوندوَ سو جيڪي بچائي رکندؤ تنھن مان ٿورڙي کانسواءِ (ٻيو سڀ) کائي ويندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:49
ثُمَّ يَأْتِى مِنۢ بَعْدِ ذَٰلِكَ عَامٌ فِيهِ يُغَاثُ ٱلنَّاسُ وَفِيهِ يَعْصِرُونَ
12:49
وري اُن کانپوءِ اھڙو ورھ ايندو جنھن ۾ ماڻھن تي مينھن وسايو ويندو ۽ منجھس (ڊاک وغيرہ) نپوڙيندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:50
وَقَالَ ٱلْمَلِكُ ٱئْتُونِى بِهِۦ ۖ فَلَمَّا جَآءَهُ ٱلرَّسُولُ قَالَ ٱرْجِعْ إِلَىٰ رَبِّكَ فَسْـَٔلْهُ مَا بَالُ ٱلنِّسْوَةِ ٱلَّـٰتِى قَطَّعْنَ أَيْدِيَهُنَّ ۚ إِنَّ رَبِّى بِكَيْدِهِنَّ عَلِيمٌ
12:50
۽ بادشاھ چيو ته يُوسفؑ کي مون وٽ آڻيو، جنھن مھل وٽس قاصد آيو (ته ان وقت يُوسفؑ) چيو ته پنھنجي بادشاھ ڏانھن موٽ پوءِ کانئس پُڇ ته انھن زالن جو ڪھڙو حال ھو جن پنھنجا ھٿ وڍيا، ڇوته منھنجو پالڻھار سندن مِڪر کي ڄاڻندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:51
قَالَ مَا خَطْبُكُنَّ إِذْ رَٰوَدتُّنَّ يُوسُفَ عَن نَّفْسِهِۦ ۚ قُلْنَ حَـٰشَ لِلَّهِ مَا عَلِمْنَا عَلَيْهِ مِن سُوٓءٍ ۚ قَالَتِ ٱمْرَأَتُ ٱلْعَزِيزِ ٱلْـَٔـٰنَ حَصْحَصَ ٱلْحَقُّ أَنَا۠ رَٰوَدتُّهُۥ عَن نَّفْسِهِۦ وَإِنَّهُۥ لَمِنَ ٱلصَّـٰدِقِينَ
12:51
(بادشاھ عورتن کان) پڇيو ته اوھان جو ڇا حال ھو جڏھن يُوسفؑ کي سندس نفس کان راڻيوَ ٿي، چيائون ته الله پاڪ آھي ڪا بُڇڙائي مٿس نه ڄاتي سون، عزيز جي زال چيو ته ھاڻي حق پڌرو ٿيو، مون کيس سندس نفس کان راڻڻ گھريو ھو ۽ اُھو بيشڪ سچن مان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:52
ذَٰلِكَ لِيَعْلَمَ أَنِّى لَمْ أَخُنْهُ بِٱلْغَيْبِ وَأَنَّ ٱللَّهَ لَا يَهْدِى كَيْدَ ٱلْخَآئِنِينَ
12:52
(يُوسفؑ چيو ته) اِھو ھن لاءِ ھو ته (عزيز) ڄاڻي ته مون پرپٺ سندس خيانت نه ڪئي ھئي ۽ الله خيانت ڪندڙن جو فريب پورو ٿيڻ نه ڏيندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:53
۞ وَمَآ أُبَرِّئُ نَفْسِىٓ ۚ إِنَّ ٱلنَّفْسَ لَأَمَّارَةٌۢ بِٱلسُّوٓءِ إِلَّا مَا رَحِمَ رَبِّىٓ ۚ إِنَّ رَبِّى غَفُورٌ رَّحِيمٌ
12:53
۽ (آءٌ) پنھنجي نفس کي پاڪ نٿو ڀانيان، تحقيق نفس بڇڙائيءَ ڏانھن ڇڪيندو آھي پر جنھن تي مُنھنجو رب رحم ڪري، بيشڪ منھنجو پالڻھار بخشڻھار مھربان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:54
وَقَالَ ٱلْمَلِكُ ٱئْتُونِى بِهِۦٓ أَسْتَخْلِصْهُ لِنَفْسِى ۖ فَلَمَّا كَلَّمَهُۥ قَالَ إِنَّكَ ٱلْيَوْمَ لَدَيْنَا مَكِينٌ أَمِينٌ
12:54
۽ بادشاھ چيو ته کيس مون وٽ آڻيو ته (آءٌ) کيس پاڻ لاءِ مقرر ڪريان، پوءِ جنھن مھل ساڻس ڳالھايائين (تنھن مھل سندس سياڻپ سمجھي) چيائين ته تون اڄ اسان وٽ وڏي مرتبي وارو امانت وارو آھين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:55
قَالَ ٱجْعَلْنِى عَلَىٰ خَزَآئِنِ ٱلْأَرْضِ ۖ إِنِّى حَفِيظٌ عَلِيمٌ
12:55
(يوسف) چيو ته مون کي ھن مُلڪ (مصر) جي خزانن تي مقرر ڪر، تحقيق آءٌ نگھبان (سڀني ڪمن جو) وڌيڪ ڄاڻندڙ آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:56
وَكَذَٰلِكَ مَكَّنَّا لِيُوسُفَ فِى ٱلْأَرْضِ يَتَبَوَّأُ مِنْهَا حَيْثُ يَشَآءُ ۚ نُصِيبُ بِرَحْمَتِنَا مَن نَّشَآءُ ۖ وَلَا نُضِيعُ أَجْرَ ٱلْمُحْسِنِينَ
12:56
۽ اھڙي طرح يُوسف کي (انھي) ملڪ ۾ مرتبي وارو ڪيوسون، جتي وڻندو ھوس تِتي ٽڪندو ھو، جنھن لاءِ وڻندو اٿؤن تنھن تي ٻاجھ پھچائيندا آھيون ۽ نيڪَن جو اجر نه وڃائيندا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:57
وَلَأَجْرُ ٱلْـَٔاخِرَةِ خَيْرٌ لِّلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَكَانُوا۟ يَتَّقُونَ
12:57
۽ جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪندا رھيا تن لاءِ آخرت جو اجر ضرورڀلو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:58
وَجَآءَ إِخْوَةُ يُوسُفَ فَدَخَلُوا۟ عَلَيْهِ فَعَرَفَهُمْ وَهُمْ لَهُۥ مُنكِرُونَ
12:58
۽ يُوسف جا ڀائر آيا پوءِ وٽس ويا ته کين سڃاتائين ۽ اُھي کيس نه سڃاڻندا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:59
وَلَمَّا جَهَّزَهُم بِجَهَازِهِمْ قَالَ ٱئْتُونِى بِأَخٍ لَّكُم مِّنْ أَبِيكُمْ ۚ أَلَا تَرَوْنَ أَنِّىٓ أُوفِى ٱلْكَيْلَ وَأَنَا۠ خَيْرُ ٱلْمُنزِلِينَ
12:59
۽ جنھن مھل انھن لاءِ سندن سامان تيار ڪيائين (تنھن مھل کين) چيائين ته پنھنجي پيئيتي ڀاءُ کي مون وٽ آڻيو، اوھين نه ٿا ڏسو ڇا ته آءٌ پورو ماڻ ڏيان ٿو ۽ آءٌ چڱو مھماني ڪندڙ آھيان؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:60
فَإِن لَّمْ تَأْتُونِى بِهِۦ فَلَا كَيْلَ لَكُمْ عِندِى وَلَا تَقْرَبُونِ
12:60
پوءِ جيڪڏھن کيس مون وٽ نه آڻيندؤ ته اوھان لاءِ مون وٽ ڪا مئپ ڪانھي ۽ نڪي مون کي ويجھا ٿجو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:61
قَالُوا۟ سَنُرَٰوِدُ عَنْهُ أَبَاهُ وَإِنَّا لَفَـٰعِلُونَ
12:61
چيائون سگھو ان بابت (ڪنھن بھاني سان) سندس پيءُ کي راڻينداسون ۽ ضرور اسين (ايئن) ڪرڻ وارا ٿينداسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:62
وَقَالَ لِفِتْيَـٰنِهِ ٱجْعَلُوا۟ بِضَـٰعَتَهُمْ فِى رِحَالِهِمْ لَعَلَّهُمْ يَعْرِفُونَهَآ إِذَا ٱنقَلَبُوٓا۟ إِلَىٰٓ أَهْلِهِمْ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
12:62
۽ (يوسف) پنھنجن ماڻھن کي چيو ته سندين موڙي سندين مڏين ۾ وجھي ڇڏيو پوءِ جڏھن پنھنجن گھرن ڏانھن موٽي وڃن مانَ انھي کي سڃاڻن مانَ اُھي وري اچن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:63
فَلَمَّا رَجَعُوٓا۟ إِلَىٰٓ أَبِيهِمْ قَالُوا۟ يَـٰٓأَبَانَا مُنِعَ مِنَّا ٱلْكَيْلُ فَأَرْسِلْ مَعَنَآ أَخَانَا نَكْتَلْ وَإِنَّا لَهُۥ لَحَـٰفِظُونَ
12:63
پوءِ جنھن مھل پنھنجي پيءُ وٽ (ڪنعان ۾) موٽي آيا (تنھن مھل) چيائون ته اي ابا (اَنَّ) مئي ڏيڻ اسان کان روڪيو ويو آھي تنھنڪري اسان مان اسان جي ڀاءُ (بنيامين) کي موڪل (ته) مئپ وٺون ۽ اسين سندس ضرور نگھبان آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:64
قَالَ هَلْ ءَامَنُكُمْ عَلَيْهِ إِلَّا كَمَآ أَمِنتُكُمْ عَلَىٰٓ أَخِيهِ مِن قَبْلُ ۖ فَٱللَّهُ خَيْرٌ حَـٰفِظًا ۖ وَهُوَ أَرْحَمُ ٱلرَّٰحِمِينَ
12:64
(يعقوب کين) چيو ته ھن جي نسبت اوھان تي اھڙو ئي اعتبار ٿو ڪريان جھڙو اڳ سندس ڀاءُ جي به نسبت اوھان تي اعتبار ڪيو ھوم، پوءِ الله چڱو نگھبان آھي، ۽ اُھو ٻاجھارن کان کان وڏو ٻاجھارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:65
وَلَمَّا فَتَحُوا۟ مَتَـٰعَهُمْ وَجَدُوا۟ بِضَـٰعَتَهُمْ رُدَّتْ إِلَيْهِمْ ۖ قَالُوا۟ يَـٰٓأَبَانَا مَا نَبْغِى ۖ هَـٰذِهِۦ بِضَـٰعَتُنَا رُدَّتْ إِلَيْنَا ۖ وَنَمِيرُ أَهْلَنَا وَنَحْفَظُ أَخَانَا وَنَزْدَادُ كَيْلَ بَعِيرٍ ۖ ذَٰلِكَ كَيْلٌ يَسِيرٌ
12:65
پوءِ جنھن مھل پنھنجو سامان کوليائون (ته اُن وقت) پنھنجي موڙي پاڻ وٽ موٽايل ڏٺائون، چيائون ته اي اسان جا ابا (ٻيو) اسان کي ڇا گھرجي، (جو) ھي اسان جي موڙي اسان ڏانھن وري موٽايل آھي (ته موٽي وڃون)، ۽ پنھنجن گھر وارن لاءِ اَن آڻيون ۽ پنھنجي ڀاءُ جي نگھباني ڪنداسون ۽ ھڪ اُٺ جو بار وڌيڪ به وٺنداسون، اِھو (جيڪي اَن آندو اٿئون سو) ماڻ ٿورو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:66
قَالَ لَنْ أُرْسِلَهُۥ مَعَكُمْ حَتَّىٰ تُؤْتُونِ مَوْثِقًا مِّنَ ٱللَّهِ لَتَأْتُنَّنِى بِهِۦٓ إِلَّآ أَن يُحَاطَ بِكُمْ ۖ فَلَمَّآ ءَاتَوْهُ مَوْثِقَهُمْ قَالَ ٱللَّهُ عَلَىٰ مَا نَقُولُ وَكِيلٌ
12:66
(يعقوب کين) چيو ته (آءٌ) اوھان سان ان کي (ايسين) ڪڏھن نه موڪليندس جيسين مون وٽ انجام ڪري الله جو سُنھن (نه) کڻندؤ ته اوھين ڪنھن اوکائي پوڻ کانسواءِ ان کي مون وٽ ضرور آڻيندؤ، پوءِ جنھن مھل کيس پنھنجو پڪو انجام ڏنائون (ته يعقوب) چيو ته جيڪي اسين چئون ٿا تنھن تي الله نگھبان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:67
وَقَالَ يَـٰبَنِىَّ لَا تَدْخُلُوا۟ مِنۢ بَابٍ وَٰحِدٍ وَٱدْخُلُوا۟ مِنْ أَبْوَٰبٍ مُّتَفَرِّقَةٍ ۖ وَمَآ أُغْنِى عَنكُم مِّنَ ٱللَّهِ مِن شَىْءٍ ۖ إِنِ ٱلْحُكْمُ إِلَّا لِلَّهِ ۖ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ ۖ وَعَلَيْهِ فَلْيَتَوَكَّلِ ٱلْمُتَوَكِّلُونَ
12:67
۽ چيائين ته اي پٽؤ اوھين ھڪ دروازي کان نه گھِڙجو ۽ الڳ الڳ دروازن مان گھڙجو، ۽ آءٌ اوھان کان الله جي تقدير مان ڪابه شيء ٽاري نه ٿو سگھان، الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جو حُڪم نه آھي، مٿس ڀروسو ڪيم، ۽ سڀڪنھن ڀروسي ڪندڙ کي مٿس ڀروسو ڪرڻ گھرجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:68
وَلَمَّا دَخَلُوا۟ مِنْ حَيْثُ أَمَرَهُمْ أَبُوهُم مَّا كَانَ يُغْنِى عَنْهُم مِّنَ ٱللَّهِ مِن شَىْءٍ إِلَّا حَاجَةً فِى نَفْسِ يَعْقُوبَ قَضَىٰهَا ۚ وَإِنَّهُۥ لَذُو عِلْمٍ لِّمَا عَلَّمْنَـٰهُ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
12:68
۽ جھڙي طرح سندن پيءُ کين حُڪم فرمايو ھو تھڙي طرح جنھن مھل (مصر جي دروازن کان) گھڙيا، (تنھن مھل جيڪا سختي پھچين ھا) ته سندن پيءُ الله جي تقدير مان کائن ڪجھ به ٽاري نه ٿي سگھيو (اھو حُڪم ڪرڻ) يعقوب جي دل ۾ رڳو ھڪ خيال ھو جو اُن کي پورو ڪيائين، ۽ جيڪي کيس سيکاريو ھوسون تنھن سببان (اُھو) علم وارو ھو پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:69
وَلَمَّا دَخَلُوا۟ عَلَىٰ يُوسُفَ ءَاوَىٰٓ إِلَيْهِ أَخَاهُ ۖ قَالَ إِنِّىٓ أَنَا۠ أَخُوكَ فَلَا تَبْتَئِسْ بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
12:69
۽ جنھن مھل يُوسف وٽ ويا تنھن مھل اُن پنھنجي (سڳي) ڀاءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏني چيائين ته سچ پچ آءٌ تنھنجو ڀاءُ آھيان تنھنڪري جيڪي ڪيو اٿن تنھن تي ڏک نه ڪر. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:70
فَلَمَّا جَهَّزَهُم بِجَهَازِهِمْ جَعَلَ ٱلسِّقَايَةَ فِى رَحْلِ أَخِيهِ ثُمَّ أَذَّنَ مُؤَذِّنٌ أَيَّتُهَا ٱلْعِيرُ إِنَّكُمْ لَسَـٰرِقُونَ
12:70
پوءِ جنھن مھل اُنھن لاءِ سندن سامان سنبرايائين (تنھن مھل) پنھنجي (سڳي) ڀاءُ جي مڏيءَ ۾ پيالو لڪايائين وري آواز ڪندڙ آواز ڪيو ته اي قافلي وارؤ اوھين ضرور چور اھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:71
قَالُوا۟ وَأَقْبَلُوا۟ عَلَيْهِم مَّاذَا تَفْقِدُونَ
12:71
(قافلي وارن ٻڌي) انھن ڏانھن مُنھن ڪري چيو ته ڇا وڃايو اٿو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:72
قَالُوا۟ نَفْقِدُ صُوَاعَ ٱلْمَلِكِ وَلِمَن جَآءَ بِهِۦ حِمْلُ بَعِيرٍ وَأَنَا۠ بِهِۦ زَعِيمٌ
12:72
چيائون ته بادشاھ جو پيالو وڃايو اٿون ۽ جنھن اُھو (لھي) آندو تنھن لاءِ اُٺ جو بار (انعام) آھي ۽ آءٌ (ان انجام) جو ذمي وار آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:73
قَالُوا۟ تَٱللَّهِ لَقَدْ عَلِمْتُم مَّا جِئْنَا لِنُفْسِدَ فِى ٱلْأَرْضِ وَمَا كُنَّا سَـٰرِقِينَ
12:73
چيائون ته الله جو قسم آھي ته اوھان کي خبر ھوندي ته اسين ھن لاءِ نه آيا آھيون ته مُلڪ ۾ ڏڦيڙ وجھون ۽ نڪي اسين چور آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:74
قَالُوا۟ فَمَا جَزَٰٓؤُهُۥٓ إِن كُنتُمْ كَـٰذِبِينَ
12:74
(وري نوڪرن) چيو ته جيڪڏھن ڪوڙا ھُجو ته اُن (چور) جي سزا ڪھڙي آھي؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:75
قَالُوا۟ جَزَٰٓؤُهُۥ مَن وُجِدَ فِى رَحْلِهِۦ فَهُوَ جَزَٰٓؤُهُۥ ۚ كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلظَّـٰلِمِينَ
12:75
چيائون ته اُن جي سزا (ھيء) آھي ته جنھنجي مڏيءَ مان اُھو لڌو سو (پاڻ) ان جو بدلو آھي، اھڙي طرح اسين ظالمن کي سزا ڏيندا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:76
فَبَدَأَ بِأَوْعِيَتِهِمْ قَبْلَ وِعَآءِ أَخِيهِ ثُمَّ ٱسْتَخْرَجَهَا مِن وِعَآءِ أَخِيهِ ۚ كَذَٰلِكَ كِدْنَا لِيُوسُفَ ۖ مَا كَانَ لِيَأْخُذَ أَخَاهُ فِى دِينِ ٱلْمَلِكِ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُ ۚ نَرْفَعُ دَرَجَـٰتٍ مَّن نَّشَآءُ ۗ وَفَوْقَ كُلِّ ذِى عِلْمٍ عَلِيمٌ
12:76
پوءِ (يُوسف) پنھنجي ڀاءُ جي ٻوري (ڳولڻ) کان اڳ انھن (ٻـين) جون ٻوريون ڳولڻ شروع ڪيون وري اُھو (پيالو) پنھنجي ڀاءُ جي ٻوري مان ڪڍيائين، اھڙي طرح يُوسف کي تجويز سيکاري سون، جو بادشاہ جي قانون موجب پنھنجي ڀاءُ کي الله جي گھُر کانسواءِ وٺي نٿي سگھيو، جنھن کي گھرندا آھيون تنھن کي درجن ۾ مٿاھون ڪندا آھيون، ۽ ھر ڪنھن سياڻي جي مٿان سياڻو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:77
۞ قَالُوٓا۟ إِن يَسْرِقْ فَقَدْ سَرَقَ أَخٌ لَّهُۥ مِن قَبْلُ ۚ فَأَسَرَّهَا يُوسُفُ فِى نَفْسِهِۦ وَلَمْ يُبْدِهَا لَهُمْ ۚ قَالَ أَنتُمْ شَرٌّ مَّكَانًا ۖ وَٱللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا تَصِفُونَ
12:77
چيائون ته جيڪڏھن (ھن) چوري ڪئي آڳي ته اڳ سندس ڀاءُ (به) بيشڪ چوري ڪئي ھئي، پوءِ ان (ڳالھ) کي يوسف پنھنجي دل ۾ لڪايو ۽ کين اُھا پڌري نه ڪيائين، (دل ۾) چيائين ته اوھين بڇڙي مان وارا آھيو، ۽ جيڪي بيان ڪريو ٿا سو الله چڱو ڄاڻندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:78
قَالُوا۟ يَـٰٓأَيُّهَا ٱلْعَزِيزُ إِنَّ لَهُۥٓ أَبًا شَيْخًا كَبِيرًا فَخُذْ أَحَدَنَا مَكَانَهُۥٓ ۖ إِنَّا نَرَىٰكَ مِنَ ٱلْمُحْسِنِينَ
12:78
چيائون ته اي عزيز ھن جو پيءُ پوڙھو وڏيءَ ڄمار وارو آھي اِن ڪري اسان مان ھڪڙو سندس بدران وٺ، اسين توکي نيڪن مان ڏسون ٿا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:79
قَالَ مَعَاذَ ٱللَّهِ أَن نَّأْخُذَ إِلَّا مَن وَجَدْنَا مَتَـٰعَنَا عِندَهُۥٓ إِنَّآ إِذًا لَّظَـٰلِمُونَ
12:79
چيائين الله پناھ ۾ رکي جنھن وٽ پنھنجو سامان لڌوسون تنھن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي پڪڙيون (جيڪڏھن وٺون ته) انھي مھل اسين ظالم آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:80
فَلَمَّا ٱسْتَيْـَٔسُوا۟ مِنْهُ خَلَصُوا۟ نَجِيًّا ۖ قَالَ كَبِيرُهُمْ أَلَمْ تَعْلَمُوٓا۟ أَنَّ أَبَاكُمْ قَدْ أَخَذَ عَلَيْكُم مَّوْثِقًا مِّنَ ٱللَّهِ وَمِن قَبْلُ مَا فَرَّطتُمْ فِى يُوسُفَ ۖ فَلَنْ أَبْرَحَ ٱلْأَرْضَ حَتَّىٰ يَأْذَنَ لِىٓ أَبِىٓ أَوْ يَحْكُمَ ٱللَّهُ لِى ۖ وَهُوَ خَيْرُ ٱلْحَـٰكِمِينَ
12:80
جنھن مھل کانئس نا اميد ٿيا (تنھن مھل) نويڪلا ٿي صلاح ڪندڙ ٿيا، سندن وڏي (ڀاءُ) چيو ته نه ڄاڻندا آھيو ڇا؟ ته اوھان جي پيءُ اوھان کان الله جو پڪو انجام قسم تي ورتو آھي ۽ اڳ اوھان يوسف جي نسبت ۾ ڪجھ نه گھٽايو ھو، تنھنڪري (جيسين) منھنجو پيءُ مون کي موڪل (نه) ڏيندو يا الله مون لاءِ حُڪم نه ڪندو تيسين آءٌ ھن مُلڪ مان ڪڏھن نه نڪرندس، ۽ اُھو چڱو حُڪم ڏيڻ وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:81
ٱرْجِعُوٓا۟ إِلَىٰٓ أَبِيكُمْ فَقُولُوا۟ يَـٰٓأَبَانَآ إِنَّ ٱبْنَكَ سَرَقَ وَمَا شَهِدْنَآ إِلَّا بِمَا عَلِمْنَا وَمَا كُنَّا لِلْغَيْبِ حَـٰفِظِينَ
12:81
اوھين پنھنجي پيءُ وٽ موٽي وڃو پوءِ چئو ته اي ابا تنھنجي پُٽ چوري ڪئي، ۽ جيڪو ڄاتوسون ان کانسواءِ ٻئي (ڳالھ) جي شاھدي نه ڏنيسون ۽ ڳُجھ (جي خبر) نه ڄاڻندا ھواسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:82
وَسْـَٔلِ ٱلْقَرْيَةَ ٱلَّتِى كُنَّا فِيهَا وَٱلْعِيرَ ٱلَّتِىٓ أَقْبَلْنَا فِيهَا ۖ وَإِنَّا لَصَـٰدِقُونَ
12:82
۽ جنھن ڳوٺ ۾ ھواسون انھي کان ۽ جنھن قافلي ۾ آياسون تنھن کان پُڇا ڪر، اسين ضرور سچا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:83
قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ أَنفُسُكُمْ أَمْرًا ۖ فَصَبْرٌ جَمِيلٌ ۖ عَسَى ٱللَّهُ أَن يَأْتِيَنِى بِهِمْ جَمِيعًا ۚ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْعَلِيمُ ٱلْحَكِيمُ
12:83
(يعقوب) چيو ته (نه!) بلڪ اوھان جي نفس اوھان لاءِ (ڪا) ڳالھ ٺاھي آھي، تنھنڪري چڱو صبر ڪرڻ (منھنجو ڪم) آھي، اميد آھي ته الله انھن سڀني کي مون وٽ آڻيندو، ڇوته اُھو ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:84
وَتَوَلَّىٰ عَنْهُمْ وَقَالَ يَـٰٓأَسَفَىٰ عَلَىٰ يُوسُفَ وَٱبْيَضَّتْ عَيْنَاهُ مِنَ ٱلْحُزْنِ فَهُوَ كَظِيمٌ
12:84
۽ کانئن مُنھن موڙيائين ۽ چيائين مون کي يُوسف لاءِ افسوس آھي ۽ سندس ٻئي اکيون ڏک کان اڇيون ٿيون پوءِ اُھو ڏک ڀريل ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:85
قَالُوا۟ تَٱللَّهِ تَفْتَؤُا۟ تَذْكُرُ يُوسُفَ حَتَّىٰ تَكُونَ حَرَضًا أَوْ تَكُونَ مِنَ ٱلْهَـٰلِكِينَ
12:85
(۽ سندس گھراڻي وارن) چيو ته الله جو قسم آھي ته تون سدائين يوسف کي ساريندو آھين جيسين بيمار ٿئين يا مري وڃين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:86
قَالَ إِنَّمَآ أَشْكُوا۟ بَثِّى وَحُزْنِىٓ إِلَى ٱللَّهِ وَأَعْلَمُ مِنَ ٱللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ
12:86
چيائين ته آءٌ پنھنجو ڏک ۽ بيقراري الله جي جناب ۾ بيان ڪندو آھيان ۽ الله جي طرف کان اھو ڄاڻندو آھيان جو اوھين نه ڄاڻندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:87
يَـٰبَنِىَّ ٱذْهَبُوا۟ فَتَحَسَّسُوا۟ مِن يُوسُفَ وَأَخِيهِ وَلَا تَا۟يْـَٔسُوا۟ مِن رَّوْحِ ٱللَّهِ ۖ إِنَّهُۥ لَا يَا۟يْـَٔسُ مِن رَّوْحِ ٱللَّهِ إِلَّا ٱلْقَوْمُ ٱلْكَـٰفِرُونَ
12:87
اي منھنجا پٽؤ وڃو ۽ يُوسف ۽ سندس ڀاءُ جي ڳولا ڪريو ۽ الله جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو، ڇوته الله جي ٻاجھ کان ڪافرن جي قوم کانسواءِ (ٻيو) ڪو (به) نا اميد نه ٿيندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:88
فَلَمَّا دَخَلُوا۟ عَلَيْهِ قَالُوا۟ يَـٰٓأَيُّهَا ٱلْعَزِيزُ مَسَّنَا وَأَهْلَنَا ٱلضُّرُّ وَجِئْنَا بِبِضَـٰعَةٍ مُّزْجَىٰةٍ فَأَوْفِ لَنَا ٱلْكَيْلَ وَتَصَدَّقْ عَلَيْنَآ ۖ إِنَّ ٱللَّهَ يَجْزِى ٱلْمُتَصَدِّقِينَ
12:88
پوءِ جنھن مھل يوسف وٽ آيا (تنھن مھل) چيائون ته اي عزيز اسان کي ۽ اسان جي گھر وارن کي ڏک پھتو آھي ۽ نڪمو سامان کڻي آيا آھيون پوءِ اسان کي پوري مئپ ڏي ۽ اسان کي (ڪجھ) خيرات (به) ڏي، ڇوته الله خيرات ڪندڙن کي چڱو بدلو ڏيندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:89
قَالَ هَلْ عَلِمْتُم مَّا فَعَلْتُم بِيُوسُفَ وَأَخِيهِ إِذْ أَنتُمْ جَـٰهِلُونَ
12:89
(يُوسف) کين چيو ته جڏھن اوھين بي سمجھ ھيؤ ته جيڪي اوھان يُوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڪيو سو ڄاتو اٿوَ؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:90
قَالُوٓا۟ أَءِنَّكَ لَأَنتَ يُوسُفُ ۖ قَالَ أَنَا۠ يُوسُفُ وَهَـٰذَآ أَخِى ۖ قَدْ مَنَّ ٱللَّهُ عَلَيْنَآ ۖ إِنَّهُۥ مَن يَتَّقِ وَيَصْبِرْ فَإِنَّ ٱللَّهَ لَا يُضِيعُ أَجْرَ ٱلْمُحْسِنِينَ
12:90
چيائون ته تون ئي پڪ يُوسف آھين ڇا؟ چيائين (ھائو) آءٌ يُوسف آھيان ۽ ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، بيشڪ الله اسان تي ٻاجھ ڪيو آھي، جيڪو پرھيز گاري ڪندو ۽ صبر ڪندو ته الله ڀلارن جو اجر نه وڃائيندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:91
قَالُوا۟ تَٱللَّهِ لَقَدْ ءَاثَرَكَ ٱللَّهُ عَلَيْنَا وَإِن كُنَّا لَخَـٰطِـِٔينَ
12:91
چيائون ته الله جو قسم آھي ته بيشڪ الله توکي اسان کان ڀلو ڪيو آھي ۽ بيشڪ اسين خطا ڪندڙ ھواسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:92
قَالَ لَا تَثْرِيبَ عَلَيْكُمُ ٱلْيَوْمَ ۖ يَغْفِرُ ٱللَّهُ لَكُمْ ۖ وَهُوَ أَرْحَمُ ٱلرَّٰحِمِينَ
12:92
(يوسف) چيو ته اڄ اوھان تي ڪا ميار نه آھي، الله اوھان کي بخشيندو، ۽ اُھو (سڀني) ٻاجھارن کان بلڪل ٻاجھارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:93
ٱذْهَبُوا۟ بِقَمِيصِى هَـٰذَا فَأَلْقُوهُ عَلَىٰ وَجْهِ أَبِى يَأْتِ بَصِيرًا وَأْتُونِى بِأَهْلِكُمْ أَجْمَعِينَ
12:93
ھي منھنجو پھراڻ نيو پوءِ اُھو منھنجي پيءُ جي مُنھن تي گھمايو ته ڏسندڙ ٿيندو، ۽ مڙئي پنھنجي گھر جا آدمي مون وٽ آڻيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:94
وَلَمَّا فَصَلَتِ ٱلْعِيرُ قَالَ أَبُوهُمْ إِنِّى لَأَجِدُ رِيحَ يُوسُفَ ۖ لَوْلَآ أَن تُفَنِّدُونِ
12:94
۽ جنھن مھل قافلو (مصر مان) نڪتو (ته) سندن پيءُ چيو ته جيڪڏھن (اوھين) مون کي ڀورڙو نه ڄاڻو ته مون کي يُوسف جي بوءِ اچي ٿي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:95
قَالُوا۟ تَٱللَّهِ إِنَّكَ لَفِى ضَلَـٰلِكَ ٱلْقَدِيمِ
12:95
چيائون ته الله جو قسم ته تون اڳئين ويساري ۾ آھين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:96
فَلَمَّآ أَن جَآءَ ٱلْبَشِيرُ أَلْقَىٰهُ عَلَىٰ وَجْهِهِۦ فَٱرْتَدَّ بَصِيرًا ۖ قَالَ أَلَمْ أَقُل لَّكُمْ إِنِّىٓ أَعْلَمُ مِنَ ٱللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ
12:96
جنھن مھل خوشخبري ڏيندڙ آيو ته سندس مُنھن تي اھو (پھراڻ) گھمايائين ته موٽي ڏسندڙ ٿيو، چيائين ته اوھان کي نه چيو ھوم ڇا، ته آءٌ الله جي پار کان اھو ڄاڻندو آھيان جو اوھين نه ڄاڻندا آھيو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:97
قَالُوا۟ يَـٰٓأَبَانَا ٱسْتَغْفِرْ لَنَا ذُنُوبَنَآ إِنَّا كُنَّا خَـٰطِـِٔينَ
12:97
چيائون ته اي اسان جا ابا اسان لاءِ اسان جي گناھن جي بخشش گھُر اسين بيشڪ گنھگار آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:98
قَالَ سَوْفَ أَسْتَغْفِرُ لَكُمْ رَبِّىٓ ۖ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْغَفُورُ ٱلرَّحِيمُ
12:98
(يعقوب) چيو ته آءٌ سِگھو اوھان لاءِ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرندس، ڇوته اُھو ئي بخشڻھار مھربان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:99
فَلَمَّا دَخَلُوا۟ عَلَىٰ يُوسُفَ ءَاوَىٰٓ إِلَيْهِ أَبَوَيْهِ وَقَالَ ٱدْخُلُوا۟ مِصْرَ إِن شَآءَ ٱللَّهُ ءَامِنِينَ
12:99
جنھن مھل يُوسف وٽ پُھتا (ته اُن وقت) پنھنجي ماءُ پيءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏنائين ۽ چيائين جيڪڏھن الله گھريو ته مصر ۾ بي ڀوا ٿي گِھڙو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:100
وَرَفَعَ أَبَوَيْهِ عَلَى ٱلْعَرْشِ وَخَرُّوا۟ لَهُۥ سُجَّدًا ۖ وَقَالَ يَـٰٓأَبَتِ هَـٰذَا تَأْوِيلُ رُءْيَـٰىَ مِن قَبْلُ قَدْ جَعَلَهَا رَبِّى حَقًّا ۖ وَقَدْ أَحْسَنَ بِىٓ إِذْ أَخْرَجَنِى مِنَ ٱلسِّجْنِ وَجَآءَ بِكُم مِّنَ ٱلْبَدْوِ مِنۢ بَعْدِ أَن نَّزَغَ ٱلشَّيْطَـٰنُ بَيْنِى وَبَيْنَ إِخْوَتِىٓ ۚ إِنَّ رَبِّى لَطِيفٌ لِّمَا يَشَآءُ ۚ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْعَلِيمُ ٱلْحَكِيمُ
12:100
۽ پنھنجي ماءُ پيءُ کي تخت تي وھاريائين ۽ اُھي ڏانھس سجدو ڪندي ڪريا، ۽ (يُوسف) چيو ته اي منھنجا ابا ھيءُ منھنجي اڳين خوابن جو تعبير آھي، بيشڪ منھنجي پالڻھار ان کي سچو ڪيو، ۽ (الله) مون سان تڏھن بيشڪ احسان ڪيو جڏھن مون کي قيد مان ٻاھر ڪڍيائين ۽ منھنجي ۽ منھنجي ڀائرن جي وچ ۾ شيطان جھيڙو وڌو تنھن کانپوءِ اوھان کي ٻھراڙيءَ کان (شھر) ۾ آندائين، ڇوته منھنجو پالڻھار جنھن لاءِ وڻيس تنھن تي احسان ڪندڙ آھي، سچ آھي ته اُھو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:101
۞ رَبِّ قَدْ ءَاتَيْتَنِى مِنَ ٱلْمُلْكِ وَعَلَّمْتَنِى مِن تَأْوِيلِ ٱلْأَحَادِيثِ ۚ فَاطِرَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ أَنتَ وَلِىِّۦ فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْـَٔاخِرَةِ ۖ تَوَفَّنِى مُسْلِمًا وَأَلْحِقْنِى بِٱلصَّـٰلِحِينَ
12:101
(يُوسف چيو ته) اي منھنجا پالڻھار بيشڪ مون کي بادشاھي ڏني اٿئي ۽ مون کي خوابن جو تعبير سيکاريو اٿئي، اي آسمانن ۽ زمين جا بڻائيندڙ، تون دُنيا ۽ آخرت ۾ منھنجو وارث آھين، مون کي مسلمان ڪري مار ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:102
ذَٰلِكَ مِنْ أَنۢبَآءِ ٱلْغَيْبِ نُوحِيهِ إِلَيْكَ ۖ وَمَا كُنتَ لَدَيْهِمْ إِذْ أَجْمَعُوٓا۟ أَمْرَهُمْ وَهُمْ يَمْكُرُونَ
12:102
(اي پيغمبر) اھو (قصو) ڳُجھين خبرن مان آھي جو تو ڏانھن وحي ڪريون ٿا، انھن جڏھن فريب ڪندڙ ٿي پنھنجي ڪم جو پڪو ارادو ڪيائون تڏھن تون وٽن ڪونه ھئين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:103
وَمَآ أَكْثَرُ ٱلنَّاسِ وَلَوْ حَرَصْتَ بِمُؤْمِنِينَ
12:103
۽ (اي پيغمبر) جيتوڻيڪ حرص ڪرين ته به گھڻا ماڻھو ايمان آڻيندڙ نه آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:104
وَمَا تَسْـَٔلُهُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ ۚ إِنْ هُوَ إِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعَـٰلَمِينَ
12:104
۽ (تون) اُن (قرآن جي پُھچائڻ) تي کانئن ڪو اُجورو نه گھرندو آھين، اُھو (قرآن) جھانن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:105
وَكَأَيِّن مِّنْ ءَايَةٍ فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ يَمُرُّونَ عَلَيْهَا وَهُمْ عَنْهَا مُعْرِضُونَ
12:105
۽ ڪيتريون ئي نشانيون آسمانن ۽ زمين ۾ آھن جن تان لنگھندا آھن ۽ اُھي (ڏِسي ڪري) اُنھن (تي ڌيان ڏيڻ) کان مُنھن موڙيندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:106
وَمَا يُؤْمِنُ أَكْثَرُهُم بِٱللَّهِ إِلَّا وَهُم مُّشْرِكُونَ
12:106
۽ منجھانئن گھڻا الله تي ايمان نه آڻيندا آھن پر اُھي (الله سان) شريڪ بڻائيندڙ آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:107
أَفَأَمِنُوٓا۟ أَن تَأْتِيَهُمْ غَـٰشِيَةٌ مِّنْ عَذَابِ ٱللَّهِ أَوْ تَأْتِيَهُمُ ٱلسَّاعَةُ بَغْتَةً وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
12:107
(اُھي) الله جي عذاب مان پاڻ وٽ ڇِپ اچڻ کان يا قيامت جي اوچتي اچڻ کان بي ڀَوَا ٿيا آھن ڇا؟ جو اُھي نه ڄاڻندا ھُجن؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:108
قُلْ هَـٰذِهِۦ سَبِيلِىٓ أَدْعُوٓا۟ إِلَى ٱللَّهِ ۚ عَلَىٰ بَصِيرَةٍ أَنَا۠ وَمَنِ ٱتَّبَعَنِى ۖ وَسُبْحَـٰنَ ٱللَّهِ وَمَآ أَنَا۠ مِنَ ٱلْمُشْرِكِينَ
12:108
(اي پيغمبر) چؤ ته ھيءُ منھنجي واٽ آھي پڌري حُجّت سان الله ڏانھن سڏيان ٿو آءٌ ۽ منھنجا تابعدار به (سڏيندا آھن)، ۽ الله پاڪ آھي ۽ مان مشرڪن مان نه آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:109
وَمَآ أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ إِلَّا رِجَالًا نُّوحِىٓ إِلَيْهِم مِّنْ أَهْلِ ٱلْقُرَىٰٓ ۗ أَفَلَمْ يَسِيرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ فَيَنظُرُوا۟ كَيْفَ كَانَ عَـٰقِبَةُ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ ۗ وَلَدَارُ ٱلْـَٔاخِرَةِ خَيْرٌ لِّلَّذِينَ ٱتَّقَوْا۟ ۗ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
12:109
۽ (اي پيغمبر) اسان توکان اڳ شھر وارن مان مڙسن کانسواءِ ٻيو ڪونه موڪليوسون جن ڏانھن وحي ڪيوسون، پوءِ ڇونه زمين ۾ گھمي ڏسندا آھن ته جيڪي کانئن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي؟ ۽ آخرت جو گھر انھن لاءِ ڀلو آھي جيڪي ڊڄندا آھن، پوءِ ڇونه ڄاڻندا آھيو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:110
حَتَّىٰٓ إِذَا ٱسْتَيْـَٔسَ ٱلرُّسُلُ وَظَنُّوٓا۟ أَنَّهُمْ قَدْ كُذِبُوا۟ جَآءَهُمْ نَصْرُنَا فَنُجِّىَ مَن نَّشَآءُ ۖ وَلَا يُرَدُّ بَأْسُنَا عَنِ ٱلْقَوْمِ ٱلْمُجْرِمِينَ
12:110
(ايستائين ڍر ڏنيسون) جيستائين پيغمبر (مدد پھچڻ کان) نا اميد ٿيڻ لڳا ۽ (سندين قوم) ڀانيو ته انھن سان ڪوڙو انجام ڪيو ويو آھي وٽن اسان جي مدد پھتي پوءِ جنھن کي گھريوسون تنھن کي ڇوٽڪارو ڏنو ويو، ۽ گنھگار قوم کان اسان جو عذاب نه ٽاريو ويندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
12:111
لَقَدْ كَانَ فِى قَصَصِهِمْ عِبْرَةٌ لِّأُو۟لِى ٱلْأَلْبَـٰبِ ۗ مَا كَانَ حَدِيثًا يُفْتَرَىٰ وَلَـٰكِن تَصْدِيقَ ٱلَّذِى بَيْنَ يَدَيْهِ وَتَفْصِيلَ كُلِّ شَىْءٍ وَهُدًى وَرَحْمَةً لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
12:111
بيشڪ ڌيان وارن لاءِ انھن (پيغمبرن) جي قِصّن ۾ عِبرت آھي، (ھي قرآن) بڻاوتي آکاڻي نه آھي پر جيڪي (ڪتاب) کانئس اڳ آھن تن کي سچو ڪندڙ آھي ۽ سڀڪنھن شيء لاءِ نکيڙ آھي ۽ ايمان واري قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)