Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

16 An-Naĥl ٱلنَّحْل

< Previous   128 Āyah   The Bee      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

16:1 أَتَىٰٓ أَمْرُ ٱللَّهِ فَلَا تَسْتَعْجِلُوهُ ۚ سُبْحَـٰنَهُۥ وَتَعَـٰلَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ
16:1
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله جو حُڪم پُھتو تنھنڪري ان جي تڪڙ نه ڪريو، الله پاڪ آھي ۽ انھيءَ شيءِ کان مٿان آھي جيڪا ساڻس شريڪ مقرّر ڪندا آھن.

16:2 يُنَزِّلُ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةَ بِٱلرُّوحِ مِنْ أَمْرِهِۦ عَلَىٰ مَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦٓ أَنْ أَنذِرُوٓا۟ أَنَّهُۥ لَآ إِلَـٰهَ إِلَّآ أَنَا۠ فَٱتَّقُونِ
16:2
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي پنھنجي ارادي سان ملائڪن کي وحيءَ سان ھن لاءِ نازل ڪندو آھي ته (ماڻھن کي) ڊيڄاريو (ته خدا ٿو فرمائي) ته مون کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري مون کان ڊڄو.

16:3 خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ بِٱلْحَقِّ ۚ تَعَـٰلَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ
16:3
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايائين، جيڪا شيءِ ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان اُھو پاڪ آھي.

16:4 خَلَقَ ٱلْإِنسَـٰنَ مِن نُّطْفَةٍ فَإِذَا هُوَ خَصِيمٌ مُّبِينٌ
16:4
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
آدميءَ کي منيءَ مان خلقيائين پوءِ اوچتوئي اُھو پڌرو جھڳڙالو ٿي پيو.

16:5 وَٱلْأَنْعَـٰمَ خَلَقَهَا ۗ لَكُمْ فِيهَا دِفْءٌ وَمَنَـٰفِعُ وَمِنْهَا تَأْكُلُونَ
16:5
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اوھان لاءِ ڍور خلقيائين انھن مان گرم پوشاڪون ۽ (ٻيا) فائدا آھن ۽ منجھائن ڪي کائيندا آھيو.

16:6 وَلَكُمْ فِيهَا جَمَالٌ حِينَ تُرِيحُونَ وَحِينَ تَسْرَحُونَ
16:6
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جنھن مھل (اُھي ڍور) سھڙائيندا ايندا آھيو ۽ جنھن مھل ڇيڙيندا آھيو (تنھن مھل) اوھان لاءِ سونھن آھي.

16:7 وَتَحْمِلُ أَثْقَالَكُمْ إِلَىٰ بَلَدٍ لَّمْ تَكُونُوا۟ بَـٰلِغِيهِ إِلَّا بِشِقِّ ٱلْأَنفُسِ ۚ إِنَّ رَبَّكُمْ لَرَءُوفٌ رَّحِيمٌ
16:7
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جنھن شھر ڏانھن اوھين پنھنجي جيءُ جي اوکائيءَ کانسواءِ پھچي نه سگھندا آھيو تنھن ڏانھن اوھان جو بار کڻندا آھن، ڇوته اوھان جو پالڻھار وڏو ٻاجھارو مھربان آھي.

16:8 وَٱلْخَيْلَ وَٱلْبِغَالَ وَٱلْحَمِيرَ لِتَرْكَبُوهَا وَزِينَةً ۚ وَيَخْلُقُ مَا لَا تَعْلَمُونَ
16:8
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ گھوڙا ۽ خچر ۽ گڏھ ھن لاءِ (بڻايائين) ته انھن تي اوھين چڙھو ۽ (انھن) کي زينت ڄاڻو، ۽ جيڪي شيون (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو سي (به) پيدا ڪندو آھي.

16:9 وَعَلَى ٱللَّهِ قَصْدُ ٱلسَّبِيلِ وَمِنْهَا جَآئِرٌ ۚ وَلَوْ شَآءَ لَهَدَىٰكُمْ أَجْمَعِينَ
16:9
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله ڏانھن سِڌو رستو پھچندو آھي ۽ اُن مان ڪي (رستا) مُڙيل آھن، ۽ جيڪڏھن (الله) گھري ھا ته اوھان مڙني کي سِڌو رستو ڏيکاري ھا.

16:10 هُوَ ٱلَّذِىٓ أَنزَلَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءً ۖ لَّكُم مِّنْهُ شَرَابٌ وَمِنْهُ شَجَرٌ فِيهِ تُسِيمُونَ
16:10
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اُھو (الله) آھي جنھن آسمان مان اوھان لاءِ پاڻي وسايو منجھانئس ڪجھ پئڻ جو آھي ۽ منجھانئس جھنگ (پيدا ٿيندو) آھي جنھن ۾ مال چاريندا آھيو.

16:11 يُنۢبِتُ لَكُم بِهِ ٱلزَّرْعَ وَٱلزَّيْتُونَ وَٱلنَّخِيلَ وَٱلْأَعْنَـٰبَ وَمِن كُلِّ ٱلثَّمَرَٰتِ ۗ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً لِّقَوْمٍ يَتَفَكَّرُونَ
16:11
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اُن سان پوک ۽ زيتون ۽ کجيون ۽ ڊاکون ۽ ھر جنس جا ميوا اوھان لاءِ ڄمائيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ پروڙيندڙ قوم لاءِ ضرور نشاني آھي.

16:12 وَسَخَّرَ لَكُمُ ٱلَّيْلَ وَٱلنَّهَارَ وَٱلشَّمْسَ وَٱلْقَمَرَ ۖ وَٱلنُّجُومُ مُسَخَّرَٰتٌۢ بِأَمْرِهِۦٓ ۗ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَـٰتٍ لِّقَوْمٍ يَعْقِلُونَ
16:12
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن سج ۽ چنڊ تابع ڪيائين، ۽ تارا سندس حُڪم سان تابع ڪيل آھن، بيشڪ اُن ۾ ڄاڻندڙ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.

16:13 وَمَا ذَرَأَ لَكُمْ فِى ٱلْأَرْضِ مُخْتَلِفًا أَلْوَٰنُهُۥٓ ۗ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً لِّقَوْمٍ يَذَّكَّرُونَ
16:13
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ قسمين قسمين رنگن جون (شيون ۽ جانور) جيڪي زمين ۾ پيدا ڪيائين سي به اوھان لاءِ آھن، بيشڪ اُن ۾ نصيحت وٺندڙ قوم لاءِ نشاني آھي.

16:14 وَهُوَ ٱلَّذِى سَخَّرَ ٱلْبَحْرَ لِتَأْكُلُوا۟ مِنْهُ لَحْمًا طَرِيًّا وَتَسْتَخْرِجُوا۟ مِنْهُ حِلْيَةً تَلْبَسُونَهَا وَتَرَى ٱلْفُلْكَ مَوَاخِرَ فِيهِ وَلِتَبْتَغُوا۟ مِن فَضْلِهِۦ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
16:14
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اُھو (الله) آھي جنھن درياء کي ھن لاءِ تابع ڪيو ته اوھين منجھانئس تازو گوشت (يعني مڇي) کائو ۽ منجھانئس اُھي زيور (يعني موتي) ڪڍو جيڪي اوھين ڍڪيندا آھيو، ۽ منجھس ترندڙ ٻيڙيون ڏسندو آھين ۽ انھيءَ لاءِ ته اوھين سندس فضل ڳوليو ۽ ته مانَ اوھين شڪر ڪريو.

16:15 وَأَلْقَىٰ فِى ٱلْأَرْضِ رَوَٰسِىَ أَن تَمِيدَ بِكُمْ وَأَنْهَـٰرًا وَسُبُلًا لَّعَلَّكُمْ تَهْتَدُونَ
16:15
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ زمين ۾ مُحڪم جبل کوڙيائين ته متان اُھا اوھان کي ڌوڏو ڏئي ۽ نديون ۽ رستا بڻايائين ته مانَ اوھين سِڌو رستو لھو.

16:16 وَعَلَـٰمَـٰتٍ ۚ وَبِٱلنَّجْمِ هُمْ يَهْتَدُونَ
16:16
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ نشان (پيدا ڪيائين)، ۽ تارن سان اُھي سِڌو رستو لھندا آھن.

16:17 أَفَمَن يَخْلُقُ كَمَن لَّا يَخْلُقُ ۗ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
16:17
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جيڪو پيدا ڪري سو اُنھيءَ جھڙو آھي ڇا جو (ڪي به) پيدا نه ڪري؟ پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟

16:18 وَإِن تَعُدُّوا۟ نِعْمَةَ ٱللَّهِ لَا تُحْصُوهَآ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ لَغَفُورٌ رَّحِيمٌ
16:18
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪڏھن اوھين الله جي نعمتن کي ڳڻيو ته انھن کي (ڪڏھن به) ڳڻي نه سگھندؤ، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

16:19 وَٱللَّهُ يَعْلَمُ مَا تُسِرُّونَ وَمَا تُعْلِنُونَ
16:19
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي.

16:20 وَٱلَّذِينَ يَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ لَا يَخْلُقُونَ شَيْـًٔا وَهُمْ يُخْلَقُونَ
16:20
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي ڪا شيء خلقي نه سگھندا آھن ۽ اُھي (پاڻ) خلقيا ويا آھن.

16:21 أَمْوَٰتٌ غَيْرُ أَحْيَآءٍ ۖ وَمَا يَشْعُرُونَ أَيَّانَ يُبْعَثُونَ
16:21
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بي جان مُردا آھن، ۽ نه ڄاڻندا آھن ته ڪڏھن کڙا ڪيا ويندا.

16:22 إِلَـٰهُكُمْ إِلَـٰهٌ وَٰحِدٌ ۚ فَٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْـَٔاخِرَةِ قُلُوبُهُم مُّنكِرَةٌ وَهُم مُّسْتَكْبِرُونَ
16:22
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اوھان جو معبود ھڪڙو خُدا آھي، پوءِ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون مڃڻ واريون نه آھن ۽ اُھي وڏائي ڪندڙ آھن.

16:23 لَا جَرَمَ أَنَّ ٱللَّهَ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّونَ وَمَا يُعْلِنُونَ ۚ إِنَّهُۥ لَا يُحِبُّ ٱلْمُسْتَكْبِرِينَ
16:23
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(ڪافر) جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي (ھو) پڌرو ڪندا آھن سو بلاشڪ الله ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو وڏائي ڪندڙن کي پيار نه ڪندو آھي.

16:24 وَإِذَا قِيلَ لَهُم مَّاذَآ أَنزَلَ رَبُّكُمْ ۙ قَالُوٓا۟ أَسَـٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ
16:24
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جڏھن اُنھن کي چئبو آھي ته اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي؟ (تڏھن) چوندا آھن ته اڳين جون اکاڻيون.

16:25 لِيَحْمِلُوٓا۟ أَوْزَارَهُمْ كَامِلَةً يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ ۙ وَمِنْ أَوْزَارِ ٱلَّذِينَ يُضِلُّونَهُم بِغَيْرِ عِلْمٍ ۗ أَلَا سَآءَ مَا يَزِرُونَ
16:25
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اھو سندن چوڻ) ھن لاءِ آھي جو قيامت جي ڏينھن پنھنجو پورو بار کڻندا ۽ جن کي اڻ ڄاڻائيءَ سان گمراہ ڪندا آھن تن جو (به) ڪجھ بار کڻندا، خبردار جيڪو (به) بار کڻندا سو بڇڙو آھي.

16:26 قَدْ مَكَرَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ فَأَتَى ٱللَّهُ بُنْيَـٰنَهُم مِّنَ ٱلْقَوَاعِدِ فَخَرَّ عَلَيْهِمُ ٱلسَّقْفُ مِن فَوْقِهِمْ وَأَتَىٰهُمُ ٱلْعَذَابُ مِنْ حَيْثُ لَا يَشْعُرُونَ
16:26
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جيڪي کائن اڳ ھوا تن بيشڪ فريب ڪيو پوءِ الله جو حُڪم سندن اڏاوتن کي پيڙھي کان پٽيو ۽ انھن تي مٿانئن ڇت اچي ڪري ۽ کين عذاب اُتان پُھتو جتان ڄاتائون ئي نه ٿي.

16:27 ثُمَّ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ يُخْزِيهِمْ وَيَقُولُ أَيْنَ شُرَكَآءِىَ ٱلَّذِينَ كُنتُمْ تُشَـٰٓقُّونَ فِيهِمْ ۚ قَالَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْعِلْمَ إِنَّ ٱلْخِزْىَ ٱلْيَوْمَ وَٱلسُّوٓءَ عَلَى ٱلْكَـٰفِرِينَ
16:27
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
وري قيامت جي ڏينھن کين خوار ڪندو ۽ چوندو ته (اوھان جا) مون سان ٺھرايل شريڪ جن جي بابت اوھين تڪرار ڪندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ جن کي عِلم ڏنو ويو سي چوندا ته اَڄ انھن ڪافرن تي خواري ۽ بڇڙائي آھي.

16:28 ٱلَّذِينَ تَتَوَفَّىٰهُمُ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ ظَالِمِىٓ أَنفُسِهِمْ ۖ فَأَلْقَوُا۟ ٱلسَّلَمَ مَا كُنَّا نَعْمَلُ مِن سُوٓءٍۭ ۚ بَلَىٰٓ إِنَّ ٱللَّهَ عَلِيمٌۢ بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
16:28
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جن جو ملائڪ اھڙيءَ حالت ۾ ساہ ڪڍندا آھن جو پاڻ تي ظالم ھوا، اُھي صُلح پيش ڪندا (۽ چوندا ته) اسان ڪا بڇڙائي نه ڪئي ھئي، (ملائڪ چوندا ته) ھائو! جيڪي اوھين ڪندا ھيؤ سو الله ڄاڻندڙ آھي.

16:29 فَٱدْخُلُوٓا۟ أَبْوَٰبَ جَهَنَّمَ خَـٰلِدِينَ فِيهَا ۖ فَلَبِئْسَ مَثْوَى ٱلْمُتَكَبِّرِينَ
16:29
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ ھجو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي.

16:30 ۞ وَقِيلَ لِلَّذِينَ ٱتَّقَوْا۟ مَاذَآ أَنزَلَ رَبُّكُمْ ۚ قَالُوا۟ خَيْرًا ۗ لِّلَّذِينَ أَحْسَنُوا۟ فِى هَـٰذِهِ ٱلدُّنْيَا حَسَنَةٌ ۚ وَلَدَارُ ٱلْـَٔاخِرَةِ خَيْرٌ ۚ وَلَنِعْمَ دَارُ ٱلْمُتَّقِينَ
16:30
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ پرھيزگارن کي چيو ويندو ته ته اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي، چوندا ته چڱائي، جن ھن دنيا ۾ چڱائي ڪئي تن لاءِ چڱائي آھي، ۽ آخرت جو گھر ضرور ڀلو آھي، ۽ پرھيزگارن جو گھر ضرور ڀلو آھي.

16:31 جَنَّـٰتُ عَدْنٍ يَدْخُلُونَهَا تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَـٰرُ ۖ لَهُمْ فِيهَا مَا يَشَآءُونَ ۚ كَذَٰلِكَ يَجْزِى ٱللَّهُ ٱلْمُتَّقِينَ
16:31
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جو ھميشه جي رھڻ وارا باغ آھن اُن ۾ گھڙندا انھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس آھي، اھڙي طرح الله پرھيزگارن کي بدلو ڏيندو.

16:32 ٱلَّذِينَ تَتَوَفَّىٰهُمُ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ طَيِّبِينَ ۙ يَقُولُونَ سَلَـٰمٌ عَلَيْكُمُ ٱدْخُلُوا۟ ٱلْجَنَّةَ بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
16:32
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اِھي اُھي آھن) جن کي ملائڪ پاڪ حالت ۾ ماريندا آھن (ملائڪ) چوندا آھن اَلسّلامُ عليڪم جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن سببان بھشت ۾ گھِڙو.

16:33 هَلْ يَنظُرُونَ إِلَّآ أَن تَأْتِيَهُمُ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ أَوْ يَأْتِىَ أَمْرُ رَبِّكَ ۚ كَذَٰلِكَ فَعَلَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ ۚ وَمَا ظَلَمَهُمُ ٱللَّهُ وَلَـٰكِن كَانُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ
16:33
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ڪافر (موت جي) ملائڪن جي پاڻ وٽ اچڻ يا تنھنجي پالڻھار (جي عذاب) جي حُڪم اچڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪو انتظار نه ڪندا آھن، جيڪي کائن اڳ ھوا تن به اھڙي طرح ڪيو ھو، ۽ الله مٿن ظلم نه ڪيو پر اُھي پاڻ تي ظلم ڪندا ھوا.

16:34 فَأَصَابَهُمْ سَيِّـَٔاتُ مَا عَمِلُوا۟ وَحَاقَ بِهِم مَّا كَانُوا۟ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ
16:34
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ کين سندن ڪرتوتن جي بڇڙائي پھتي ۽ جنھن لاءِ ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين ويڙھي ويئي.

16:35 وَقَالَ ٱلَّذِينَ أَشْرَكُوا۟ لَوْ شَآءَ ٱللَّهُ مَا عَبَدْنَا مِن دُونِهِۦ مِن شَىْءٍ نَّحْنُ وَلَآ ءَابَآؤُنَا وَلَا حَرَّمْنَا مِن دُونِهِۦ مِن شَىْءٍ ۚ كَذَٰلِكَ فَعَلَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ ۚ فَهَلْ عَلَى ٱلرُّسُلِ إِلَّا ٱلْبَلَـٰغُ ٱلْمُبِينُ
16:35
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ مُشرڪ چوندا آھن ته جيڪڏھن الله گھري ھا ته اُن ڌاران ڪا شيء نڪي اسين پوڄيون ھا ۽ نڪي اسان جا ابا ڏاڏا (پوڄين ھا) ۽ نڪي اُن جي حُڪم کانسواءِ ڪا شيء حرام ڪريون ھا، اھڙي طرح جيڪي کائن اڳ ھوا تن به ڪيو ھو، پوءِ پيغمبرن تي پڌري (پيغام) پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي لازم) نه آھي.

16:36 وَلَقَدْ بَعَثْنَا فِى كُلِّ أُمَّةٍ رَّسُولًا أَنِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ وَٱجْتَنِبُوا۟ ٱلطَّـٰغُوتَ ۖ فَمِنْهُم مَّنْ هَدَى ٱللَّهُ وَمِنْهُم مَّنْ حَقَّتْ عَلَيْهِ ٱلضَّلَـٰلَةُ ۚ فَسِيرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ فَٱنظُرُوا۟ كَيْفَ كَانَ عَـٰقِبَةُ ٱلْمُكَذِّبِينَ
16:36
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ بيشڪ سڀڪنھن ٽولي ۾ (ھڪ) پيغمبر موڪليوسون ته الله جي عبادت ڪريو ۽ بتن (جي پوڄا) کان پري ٿيو، پوءِ منجھائن ڪي اھڙا آھن جن کي الله ھدايت ڪئي ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جن تي گمراھي ثابت ٿي، پوءِ مُلڪن ۾ گھُمو وري ڏسو ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟

16:37 إِن تَحْرِصْ عَلَىٰ هُدَىٰهُمْ فَإِنَّ ٱللَّهَ لَا يَهْدِى مَن يُضِلُّ ۖ وَمَا لَهُم مِّن نَّـٰصِرِينَ
16:37
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اي پيغمبر) جيڪڏھن ھنن کي ھدايت ڪرڻ لاءِ حرص ڪندين (ته منجھائن ڪوبه فائدو نه آھي) ڇوته الله جنھن کي گمراھ ڪندو آھي تنھن کي ھدايت نه ڪندو آھي ۽ انھن جو ڪوبه مددگار نه آھي.

16:38 وَأَقْسَمُوا۟ بِٱللَّهِ جَهْدَ أَيْمَـٰنِهِمْ ۙ لَا يَبْعَثُ ٱللَّهُ مَن يَمُوتُ ۚ بَلَىٰ وَعْدًا عَلَيْهِ حَقًّا وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
16:38
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله جو پڪي طرح قسم کنيائون ته جيڪو مرندو تنھن کي الله وري نه جياريندو، ھائو! (وري جياريندو) اُن ڳالھ تي پڪ وعدو ٿي چڪو آھي مگر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.

16:39 لِيُبَيِّنَ لَهُمُ ٱلَّذِى يَخْتَلِفُونَ فِيهِ وَلِيَعْلَمَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ أَنَّهُمْ كَانُوا۟ كَـٰذِبِينَ
16:39
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ھن لاءِ (وري جياريندو) ته جنھن بابت تڪرار ڪندا آھن سو انھن کي پڌرو ڪري ٻڌائي ۽ ته ڪافر ڄاڻن ته اُھي (پاڻ) ڪُوڙا ھوا.

16:40 إِنَّمَا قَوْلُنَا لِشَىْءٍ إِذَآ أَرَدْنَـٰهُ أَن نَّقُولَ لَهُۥ كُن فَيَكُونُ
16:40
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ڪنھن به شيءِ لاءِ اسان جو چوڻ ھن (چوڻ) کانسواءِ نه آھي ته جڏھن اسين اُنکي پيدا ڪرڻ گھرندا آھيون ته اُن لاءِ چوندا آھيون ته ٿيءُ ته ٿي پوندي آھي.

16:41 وَٱلَّذِينَ هَاجَرُوا۟ فِى ٱللَّهِ مِنۢ بَعْدِ مَا ظُلِمُوا۟ لَنُبَوِّئَنَّهُمْ فِى ٱلدُّنْيَا حَسَنَةً ۖ وَلَأَجْرُ ٱلْـَٔاخِرَةِ أَكْبَرُ ۚ لَوْ كَانُوا۟ يَعْلَمُونَ
16:41
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جن پاڻ تي ظلم ٿيڻ کانپوءِ الله (جي واٽ) ۾ وطن ڇڏيو تن کي ضرور دنيا ۾ چڱي جاءِ ڏيندا آھيون، ۽ ضرور آخرت جو اجر تمام وڏو آھي، جيڪڏھن ڄاڻن ھا.

16:42 ٱلَّذِينَ صَبَرُوا۟ وَعَلَىٰ رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُونَ
16:42
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اُھي نعمتون انھن کي آھن) جن صبر ڪيو ۽ (جي) پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪن ٿا.

16:43 وَمَآ أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ إِلَّا رِجَالًا نُّوحِىٓ إِلَيْهِمْ ۚ فَسْـَٔلُوٓا۟ أَهْلَ ٱلذِّكْرِ إِن كُنتُمْ لَا تَعْلَمُونَ
16:43
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ (ڪو پيغمبر) مَردن کان کانسواءِ نه موڪليو اٿون انھن ڏانھن وحي ٿي ڪيوسون پوءِ (اي ماڻھو) جيڪڏھن اوھين نه ڄاڻندا آھيو ته ڪتاب وارن کان پڇو.

16:44 بِٱلْبَيِّنَـٰتِ وَٱلزُّبُرِ ۗ وَأَنزَلْنَآ إِلَيْكَ ٱلذِّكْرَ لِتُبَيِّنَ لِلنَّاسِ مَا نُزِّلَ إِلَيْهِمْ وَلَعَلَّهُمْ يَتَفَكَّرُونَ
16:44
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
دليلن ۽ ڪتابن سان (موڪلياسون)، ۽ اسان توڏانھن قرآن ھن لاءِ نازل ڪيو ته جيڪي ماڻھن ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي سو اُنھن کي بيان ڪري ٻڌائين ۽ مانَ اُھي پروڙين.

16:45 أَفَأَمِنَ ٱلَّذِينَ مَكَرُوا۟ ٱلسَّيِّـَٔاتِ أَن يَخْسِفَ ٱللَّهُ بِهِمُ ٱلْأَرْضَ أَوْ يَأْتِيَهُمُ ٱلْعَذَابُ مِنْ حَيْثُ لَا يَشْعُرُونَ
16:45
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جن بڇڙي رٿ رٿي سي (ھن کان) بي ڀوا ٿيا آھن ڇا ته الله کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏي يا جتان نه ڄاڻندا ھُجن اُتان مٿن عذاب اچي.

16:46 أَوْ يَأْخُذَهُمْ فِى تَقَلُّبِهِمْ فَمَا هُم بِمُعْجِزِينَ
16:46
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
يا اُنھن کي سندن گھمڻ ڦرڻ ۾ پڪڙي پوءِ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نه آھن.

16:47 أَوْ يَأْخُذَهُمْ عَلَىٰ تَخَوُّفٍ فَإِنَّ رَبَّكُمْ لَرَءُوفٌ رَّحِيمٌ
16:47
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
يا ڀوائتيءَ حالت ۾ کين پڪڙي، پوءِ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو مھربان آھي.

16:48 أَوَلَمْ يَرَوْا۟ إِلَىٰ مَا خَلَقَ ٱللَّهُ مِن شَىْءٍ يَتَفَيَّؤُا۟ ظِلَـٰلُهُۥ عَنِ ٱلْيَمِينِ وَٱلشَّمَآئِلِ سُجَّدًا لِّلَّهِ وَهُمْ دَٰخِرُونَ
16:48
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله جيڪي شيون خلقيون تن ڏانھن ڇونه ڏسندا آھن جو سندن پاڇا سڄي ۽ کٻي (پاسي) الله کي سجدو ڪندڙ ٿي لڙندا آھن ۽ اُھي عاجزي ڪندڙ آھن.

16:49 وَلِلَّهِ يَسْجُدُ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ مِن دَآبَّةٍ وَٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُونَ
16:49
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھن سي ۽ جيڪي جانور زمين ۾ آھن سي ۽ ملائڪ الله کي سجدو ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن.

16:50 يَخَافُونَ رَبَّهُم مِّن فَوْقِهِمْ وَيَفْعَلُونَ مَا يُؤْمَرُونَ ۩
16:50
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(ملائڪ) پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن جو سندن مٿان غالب آھي ۽ جيڪي حُڪم ڪبو اٿن سو ڪندا آھن.

16:51 ۞ وَقَالَ ٱللَّهُ لَا تَتَّخِذُوٓا۟ إِلَـٰهَيْنِ ٱثْنَيْنِ ۖ إِنَّمَا هُوَ إِلَـٰهٌ وَٰحِدٌ ۖ فَإِيَّـٰىَ فَٱرْهَبُونِ
16:51
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله فرمايو آھي ته اوھين ٻه خدا ڪري نه وٺو، اُن ھڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي، تنھنڪري اوھين خاص مون کان ڊڄندا رھو.

16:52 وَلَهُۥ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَلَهُ ٱلدِّينُ وَاصِبًا ۚ أَفَغَيْرَ ٱللَّهِ تَتَّقُونَ
16:52
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي ۽ اُن جي عبادت سدائين (لازم) آھي، پوءِ الله کانسواءِ ٻـين کان ڇو ڊڄندا آھيو؟

16:53 وَمَا بِكُم مِّن نِّعْمَةٍ فَمِنَ ٱللَّهِ ۖ ثُمَّ إِذَا مَسَّكُمُ ٱلضُّرُّ فَإِلَيْهِ تَجْـَٔرُونَ
16:53
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪا نعمت اوھان تي ٿيل آھي سا الله جي پار کان آھي پوءِ جڏھن اوھان تي سختي پھچي ٿي ته ڏانھس دانھون ڪندا آھيو.

16:54 ثُمَّ إِذَا كَشَفَ ٱلضُّرَّ عَنكُمْ إِذَا فَرِيقٌ مِّنكُم بِرَبِّهِمْ يُشْرِكُونَ
16:54
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
وري جڏھن اوھان کان ڏک لاھي (تڏھن) جھٽ پٽ اوھان مان ڪا ٽولي پنھنجي پالڻھار سان شريڪ مُقرّر ڪندي آھي.

16:55 لِيَكْفُرُوا۟ بِمَآ ءَاتَيْنَـٰهُمْ ۚ فَتَمَتَّعُوا۟ ۖ فَسَوْفَ تَعْلَمُونَ
16:55
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ھن لاءِ ته کين جيڪي ڏنوسون تنھن جي بي شڪري ڪن، پوءِ دنيا ۾ خوش گذاريو، پوءِ سِگھو ڄاڻندؤ.

16:56 وَيَجْعَلُونَ لِمَا لَا يَعْلَمُونَ نَصِيبًا مِّمَّا رَزَقْنَـٰهُمْ ۗ تَٱللَّهِ لَتُسْـَٔلُنَّ عَمَّا كُنتُمْ تَفْتَرُونَ
16:56
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪي کين ڏنوسون تنھن مان (ڪافر) اُنھن (بُتن) لاءِ حصّو مُقرّر ڪندا آھن جي نه ڄاڻندا آھن، الله جو قسم آھي ته جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھيو تنھن بابت ضرور پڇيا ويندؤ.

16:57 وَيَجْعَلُونَ لِلَّهِ ٱلْبَنَـٰتِ سُبْحَـٰنَهُۥ ۙ وَلَهُم مَّا يَشْتَهُونَ
16:57
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله لاءِ ڌيئرون مُقرّر ڪندا آھن اُھو پاڪ آھي ۽ پاڻ لاءِ جيڪي وڻندو اٿن (يعني پُٽ سو مُقرّر ڪندا آھن).

16:58 وَإِذَا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِٱلْأُنثَىٰ ظَلَّ وَجْهُهُۥ مُسْوَدًّا وَهُوَ كَظِيمٌ
16:58
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جڏھن منجھائن ڪنھن ھڪ کي ڌيءُ (ڄمڻ) جي خبر ڏبي آھي (تڏھن) سندس مُنھن ڪارو ٿي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريل ھوندو آھي.

16:59 يَتَوَٰرَىٰ مِنَ ٱلْقَوْمِ مِن سُوٓءِ مَا بُشِّرَ بِهِۦٓ ۚ أَيُمْسِكُهُۥ عَلَىٰ هُونٍ أَمْ يَدُسُّهُۥ فِى ٱلتُّرَابِ ۗ أَلَا سَآءَ مَا يَحْكُمُونَ
16:59
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جيڪا کيس بڇڙي خبر ڏني وئي تنھنجي ناراضپي سببان قوم کان پيو لڪندو آھي، (ڳڻتي ۾ پوندو آھي ته) اُن ڌيءُ کي خواريءَ ۾ رکي يا اُن کي مٽيءَ ۾ دٻي ڇڏي، خبردار اُھي جيڪي نبيرو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.

16:60 لِلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْـَٔاخِرَةِ مَثَلُ ٱلسَّوْءِ ۖ وَلِلَّهِ ٱلْمَثَلُ ٱلْأَعْلَىٰ ۚ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
16:60
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جو مثال بڇڙو آھي، ۽ الله جو مثال مٿاھون آھي، ۽ اھو غالب حڪمت وارو آھي.

16:61 وَلَوْ يُؤَاخِذُ ٱللَّهُ ٱلنَّاسَ بِظُلْمِهِم مَّا تَرَكَ عَلَيْهَا مِن دَآبَّةٍ وَلَـٰكِن يُؤَخِّرُهُمْ إِلَىٰٓ أَجَلٍ مُّسَمًّى ۖ فَإِذَا جَآءَ أَجَلُهُمْ لَا يَسْتَـْٔخِرُونَ سَاعَةً ۖ وَلَا يَسْتَقْدِمُونَ
16:61
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪڏھن الله ماڻھن کي سندن ظلم سببان پڪڙي ته ڪنھن چرندڙ کي زمين تي نه ڇڏي پر اُنھن کي ٺھرايل مدّت تائين مُھلت ڏني اٿس، پوءِ جنھن مھل سندن مھلت پھچندي (تنھن مھل) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا.

16:62 وَيَجْعَلُونَ لِلَّهِ مَا يَكْرَهُونَ وَتَصِفُ أَلْسِنَتُهُمُ ٱلْكَذِبَ أَنَّ لَهُمُ ٱلْحُسْنَىٰ ۖ لَا جَرَمَ أَنَّ لَهُمُ ٱلنَّارَ وَأَنَّهُم مُّفْرَطُونَ
16:62
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله لاءِ اُھا شيء مقرر ڪندا آھن جيڪا (پاڻ) ناپسند ڪندا آھن ۽ سندن زبانون ڪوڙ بڪنديون آھن ته سندن لاءِ (ڇوٽڪاري جي) جي چڱائي آھي، بلاشڪ اُنھن لاءِ (دوزخ جي) باھ آھي ۽ اُھي حد کان لنگھي ويل آھن.

16:63 تَٱللَّهِ لَقَدْ أَرْسَلْنَآ إِلَىٰٓ أُمَمٍ مِّن قَبْلِكَ فَزَيَّنَ لَهُمُ ٱلشَّيْطَـٰنُ أَعْمَـٰلَهُمْ فَهُوَ وَلِيُّهُمُ ٱلْيَوْمَ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
16:63
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله جو قسم آھي ته بيشڪ توکان اڳ اُمّتن ڏانھن (پيغمبر) موڪلياسون پوءِ کين شيطان سندن عمل چڱا ڪري ڏيکاريا پوءِ اُھو اڄ سندن دوست آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

16:64 وَمَآ أَنزَلْنَا عَلَيْكَ ٱلْكِتَـٰبَ إِلَّا لِتُبَيِّنَ لَهُمُ ٱلَّذِى ٱخْتَلَفُوا۟ فِيهِ ۙ وَهُدًى وَرَحْمَةً لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
16:64
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ (اي پيغمبر) توتي ڪتاب ھن کانسواءِ نازل نه ڪيوسون ته جن بابت تڪرار ڪيو تن کي تون بيان ڪرين ۽ (پڻ) مؤمن قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي.

16:65 وَٱللَّهُ أَنزَلَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءً فَأَحْيَا بِهِ ٱلْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَآ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً لِّقَوْمٍ يَسْمَعُونَ
16:65
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله آسمانن کان (مينھن جو) پاڻي وسايو پوءِ اُن سان زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪيائين، بيشڪ اُن ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشاني آھي.

16:66 وَإِنَّ لَكُمْ فِى ٱلْأَنْعَـٰمِ لَعِبْرَةً ۖ نُّسْقِيكُم مِّمَّا فِى بُطُونِهِۦ مِنۢ بَيْنِ فَرْثٍ وَدَمٍ لَّبَنًا خَالِصًا سَآئِغًا لِّلشَّـٰرِبِينَ
16:66
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ بيشڪ ڍورن ۾ اوھان لاءِ عبرت آھي، جيڪي سندن پيٽن ۾ آھي تنھن مان ڇيڻن ۽ رت جي وچون نج کير اوھان کي پيارينديون آھن جو پيئندڙن کي وڻندڙ آھي.

16:67 وَمِن ثَمَرَٰتِ ٱلنَّخِيلِ وَٱلْأَعْنَـٰبِ تَتَّخِذُونَ مِنْهُ سَكَرًا وَرِزْقًا حَسَنًا ۗ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً لِّقَوْمٍ يَعْقِلُونَ
16:67
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ کجين جي ۽ ڊاکن جي ڦرن مان ڪو (اھڙو قسم) آھي جو اُن مان شراب ۽ سٺي روزي بڻائيندا آھيو، بيشڪ اُن ۾ ڄاڻندڙ قوم لاءِ نشاني آھي.

16:68 وَأَوْحَىٰ رَبُّكَ إِلَى ٱلنَّحْلِ أَنِ ٱتَّخِذِى مِنَ ٱلْجِبَالِ بُيُوتًا وَمِنَ ٱلشَّجَرِ وَمِمَّا يَعْرِشُونَ
16:68
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار ماکيءَ جي مَک ڏانھن الھام ڪيو ته ڪن جبلن ۾ ۽ وڻن ۾ ۽ جن شين مان (ماڻھو گھرن جون) ڇتيون جوڙيندا آھن تن ۾ گھر بڻاءِ.

16:69 ثُمَّ كُلِى مِن كُلِّ ٱلثَّمَرَٰتِ فَٱسْلُكِى سُبُلَ رَبِّكِ ذُلُلًا ۚ يَخْرُجُ مِنۢ بُطُونِهَا شَرَابٌ مُّخْتَلِفٌ أَلْوَٰنُهُۥ فِيهِ شِفَآءٌ لِّلنَّاسِ ۗ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً لِّقَوْمٍ يَتَفَكَّرُونَ
16:69
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
وري ھر ڪنھن جنس جي ميون مان کاءُ پوءِ پنھنجي پالڻھار جي واٽن تي عاجزيءَ سان ھل، سندس پيٽن مان رنگارنگ پئڻ جي شيء (يعني ماکي) نڪرندي آھي منجھس ماڻھن لاءِ شفا آھي، بيشڪ اُن ۾ سوچ ڪندڙ قوم لاءِ عبرت آھي.

16:70 وَٱللَّهُ خَلَقَكُمْ ثُمَّ يَتَوَفَّىٰكُمْ ۚ وَمِنكُم مَّن يُرَدُّ إِلَىٰٓ أَرْذَلِ ٱلْعُمُرِ لِكَىْ لَا يَعْلَمَ بَعْدَ عِلْمٍ شَيْـًٔا ۚ إِنَّ ٱللَّهَ عَلِيمٌ قَدِيرٌ
16:70
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله اوھان کي خلقيو ۽ وري اوھان کي ماريندو ۽ اوھان مان نڪميءَ عُمر ڏانھن ھن لاءِ موٽايو ويندو آھي ته ڄاڻڻ کانپوءِ ڪُجھ نه ڄاڻي، ڇوته الله ڄاڻندڙ وس وارو آھي.

16:71 وَٱللَّهُ فَضَّلَ بَعْضَكُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ فِى ٱلرِّزْقِ ۚ فَمَا ٱلَّذِينَ فُضِّلُوا۟ بِرَآدِّى رِزْقِهِمْ عَلَىٰ مَا مَلَكَتْ أَيْمَـٰنُهُمْ فَهُمْ فِيهِ سَوَآءٌ ۚ أَفَبِنِعْمَةِ ٱللَّهِ يَجْحَدُونَ
16:71
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڌيڪ روزي ڏني آھي، پوءِ اُھي وڌ ڏنل روزيءَ وارا پنھنجي روزيءَ کي پنھنجن ٻانھن تي موٽائڻ وارا نه آھن ته اُھي (سڀ) منجھس برابر ھُجن، پوءِ الله جي نعمتن جو ڇو انڪار ڪندا آھن؟

16:72 وَٱللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِّنْ أَنفُسِكُمْ أَزْوَٰجًا وَجَعَلَ لَكُم مِّنْ أَزْوَٰجِكُم بَنِينَ وَحَفَدَةً وَرَزَقَكُم مِّنَ ٱلطَّيِّبَـٰتِ ۚ أَفَبِٱلْبَـٰطِلِ يُؤْمِنُونَ وَبِنِعْمَتِ ٱللَّهِ هُمْ يَكْفُرُونَ
16:72
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله اوھان لاءِ اوھان جي جنس مان زالون پيدا ڪيون ۽ اوھان جي زالن مان پُٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين، پوءِ ڇو ڪوڙ کي مڃيندا آھن ۽ اُھي ڇو الله جي نعمتن جو انڪار ڪندا آھن.

16:73 وَيَعْبُدُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ مَا لَا يَمْلِكُ لَهُمْ رِزْقًا مِّنَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ شَيْـًٔا وَلَا يَسْتَطِيعُونَ
16:73
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله ڌاران انھن جي عبادت ڪندا آھن جيڪي آسمانن ۽ زمين مان کين روزي ڏيڻ جو ڪجھ اختيار نه رکندا آھن ۽ نڪي (ڪجھ ڪري) سگھندا آھن.

16:74 فَلَا تَضْرِبُوا۟ لِلَّهِ ٱلْأَمْثَالَ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ يَعْلَمُ وَأَنتُمْ لَا تَعْلَمُونَ
16:74
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ الله لاءِ (بڇڙا) مثال بيان نه ڪريو، ڇوته الله ڄاڻندڙ آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.

16:75 ۞ ضَرَبَ ٱللَّهُ مَثَلًا عَبْدًا مَّمْلُوكًا لَّا يَقْدِرُ عَلَىٰ شَىْءٍ وَمَن رَّزَقْنَـٰهُ مِنَّا رِزْقًا حَسَنًا فَهُوَ يُنفِقُ مِنْهُ سِرًّا وَجَهْرًا ۖ هَلْ يَسْتَوُۥنَ ۚ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ۚ بَلْ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
16:75
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله ھڪ خريد ٿيل ٻانھي جو مثال بيان ڪري ٿو جنھن جو ڪنھن شيءِ تي وس نه ھُجي ۽ (ٻيو) اُھو جنھن کي پاڻ وٽان چڱي روزي ڏنيسون پوءِ اُھو اُن سان (اسان جي واٽ ۾) ڳجھو ۽ پڌرو خرچ ڪري، (اھي ٻئي پاڻ ۾) برابر آھن ڇا؟ سڀ ساراھ الله کي جڳائي، پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.

16:76 وَضَرَبَ ٱللَّهُ مَثَلًا رَّجُلَيْنِ أَحَدُهُمَآ أَبْكَمُ لَا يَقْدِرُ عَلَىٰ شَىْءٍ وَهُوَ كَلٌّ عَلَىٰ مَوْلَىٰهُ أَيْنَمَا يُوَجِّههُّ لَا يَأْتِ بِخَيْرٍ ۖ هَلْ يَسْتَوِى هُوَ وَمَن يَأْمُرُ بِٱلْعَدْلِ ۙ وَهُوَ عَلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ
16:76
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله ٻن مڙسن جو (ٻيو) مثال بيان ڪري ٿو جن ٻنھي مان ھڪڙو گنگو ھجي ڪنھن شيء تي وس ڪونه ھجيس ۽ اُھو پنھنجي مالڪ تي بار ھجي جيڏانھن موڪليس اُتان ڪا ڀَلائي نه آڻي اُھو اُنھيءَ جي برابر آھي ڇا جيڪو انصاف جو حُڪم ڏئي ۽ اُھو سڌيءِ واٽ تي ھُجي.

16:77 وَلِلَّهِ غَيْبُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ وَمَآ أَمْرُ ٱلسَّاعَةِ إِلَّا كَلَمْحِ ٱلْبَصَرِ أَوْ هُوَ أَقْرَبُ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ
16:77
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ الله کي (معلوم) آھي، ۽ قيامت (آڻڻ) جو ڪم (سندس اڳيان) رڳي اک ڇنڀ (جي دير) جھڙو آھي بلڪ اُھو انھيءَ کان به وڌيڪ نزديڪ آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.

16:78 وَٱللَّهُ أَخْرَجَكُم مِّنۢ بُطُونِ أُمَّهَـٰتِكُمْ لَا تَعْلَمُونَ شَيْـًٔا وَجَعَلَ لَكُمُ ٱلسَّمْعَ وَٱلْأَبْصَـٰرَ وَٱلْأَفْـِٔدَةَ ۙ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
16:78
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله اوھان کي اوھان جي مائن جي پيٽن مان ڪڍيو جو ڪُجھ نه ڄاڻندا ھيؤ ۽ اوھان جا ڪنّ ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.

16:79 أَلَمْ يَرَوْا۟ إِلَى ٱلطَّيْرِ مُسَخَّرَٰتٍ فِى جَوِّ ٱلسَّمَآءِ مَا يُمْسِكُهُنَّ إِلَّا ٱللَّهُ ۗ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَـٰتٍ لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
16:79
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
آسمانن جي ھوا ۾ تابع ڪيل پکين ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ انھن کي الله کانسواءِ ڪونه جھليندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آھن.

16:80 وَٱللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِّنۢ بُيُوتِكُمْ سَكَنًا وَجَعَلَ لَكُم مِّن جُلُودِ ٱلْأَنْعَـٰمِ بُيُوتًا تَسْتَخِفُّونَهَا يَوْمَ ظَعْنِكُمْ وَيَوْمَ إِقَامَتِكُمْ ۙ وَمِنْ أَصْوَافِهَا وَأَوْبَارِهَا وَأَشْعَارِهَآ أَثَـٰثًا وَمَتَـٰعًا إِلَىٰ حِينٍ
16:80
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله اوھان جي گھرن مان اوھان لاءِ آرام (جو ھنڌ) بڻايو ۽ ڍورن جي چمڙن مان اوھان لاءِ گھر بڻايائين جن کي اوھين پنھنجي مسافريءَ جي ڏينھن ۽ پنھنجي ھڪ ھنڌ رھڻ جي ڏينھن ۾ ھلڪو ڄاڻندا آھيو ۽ سندين اُنّن ۽ سندين ملسن ۽ سندين ڏاسن مان (گھر جو) اسباب ۽ فائدي جو سامان بڻايو ٿا (جوڳچ) مُدّت تائين (ڪم ڏئي ٿو).

16:81 وَٱللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِّمَّا خَلَقَ ظِلَـٰلًا وَجَعَلَ لَكُم مِّنَ ٱلْجِبَالِ أَكْنَـٰنًا وَجَعَلَ لَكُمْ سَرَٰبِيلَ تَقِيكُمُ ٱلْحَرَّ وَسَرَٰبِيلَ تَقِيكُم بَأْسَكُمْ ۚ كَذَٰلِكَ يُتِمُّ نِعْمَتَهُۥ عَلَيْكُمْ لَعَلَّكُمْ تُسْلِمُونَ
16:81
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله پنھنجين خلقيل شين مان اوھان لاءِ ڇانئون بڻايون ۽ جبلن مان اوھان لاءِ چُرون بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ڪپڙا بڻايائين جي اوھان کي گرميءَ (۽ سرديءَ) کان بچائيندا آھن، اھڙي طرح اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪندو آھي ته مانَ اوھين فرمانبرداري ڪريو.

16:82 فَإِن تَوَلَّوْا۟ فَإِنَّمَا عَلَيْكَ ٱلْبَلَـٰغُ ٱلْمُبِينُ
16:82
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ جيڪڏھن ڦرندا ته (اي پيغمبر) توتي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي.

16:83 يَعْرِفُونَ نِعْمَتَ ٱللَّهِ ثُمَّ يُنكِرُونَهَا وَأَكْثَرُهُمُ ٱلْكَـٰفِرُونَ
16:83
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله جي نعمت ڄاڻندا آھن وري اُن کي نه مڃيندا آھن ۽ اُنھن مان گھڻا ڪافر آھن.

16:84 وَيَوْمَ نَبْعَثُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهِيدًا ثُمَّ لَا يُؤْذَنُ لِلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَلَا هُمْ يُسْتَعْتَبُونَ
16:84
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جنھن ڏينھن ھر ڪنھن ٽوليءَ مان (ھڪ) شاھد کڙو ڪنداسون اُنھي ڏينھن ڪافرن کي (عُذر ڪرڻ لاءِ) موڪل نه ڏبي ۽ نڪي اُنھن جا عُذر قبول ڪيا ويندا.

16:85 وَإِذَا رَءَا ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ ٱلْعَذَابَ فَلَا يُخَفَّفُ عَنْهُمْ وَلَا هُمْ يُنظَرُونَ
16:85
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جڏھن ظالم عذاب ڏسندا تڏھن کائن (عذاب) نڪي ھلڪو ڪبو ۽ نڪي اُنھن کي مُھلت ڏبي.

16:86 وَإِذَا رَءَا ٱلَّذِينَ أَشْرَكُوا۟ شُرَكَآءَهُمْ قَالُوا۟ رَبَّنَا هَـٰٓؤُلَآءِ شُرَكَآؤُنَا ٱلَّذِينَ كُنَّا نَدْعُوا۟ مِن دُونِكَ ۖ فَأَلْقَوْا۟ إِلَيْهِمُ ٱلْقَوْلَ إِنَّكُمْ لَكَـٰذِبُونَ
16:86
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جڏھن مشرڪ پنھنجن شريڪن کي ڏسندا (تڏھن) چوندا ته اي اسان جا پالڻھار ھيء اسان جا اُھي شريڪ آھن جن کي توکانسواءِ سڏيندا ھواسين، پوءِ اُھي (بُت) انھن کي ورندي ڏيندا ته اوھين ڪُوڙا آھيو.

16:87 وَأَلْقَوْا۟ إِلَى ٱللَّهِ يَوْمَئِذٍ ٱلسَّلَمَ ۖ وَضَلَّ عَنْهُم مَّا كَانُوا۟ يَفْتَرُونَ
16:87
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ انھيءَ ڏينھن الله جي آڏو عاجزي ڪندا ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کائن ڀُلجي ويندو.

16:88 ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَصَدُّوا۟ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ زِدْنَـٰهُمْ عَذَابًا فَوْقَ ٱلْعَذَابِ بِمَا كَانُوا۟ يُفْسِدُونَ
16:88
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جن انڪار ڪيو ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليو تن کي عذاب جي مٿان عذاب انھيءَ سببان وڌائينداسون جو (ھو) فساد ڪندا ھوا.

16:89 وَيَوْمَ نَبْعَثُ فِى كُلِّ أُمَّةٍ شَهِيدًا عَلَيْهِم مِّنْ أَنفُسِهِمْ ۖ وَجِئْنَا بِكَ شَهِيدًا عَلَىٰ هَـٰٓؤُلَآءِ ۚ وَنَزَّلْنَا عَلَيْكَ ٱلْكِتَـٰبَ تِبْيَـٰنًا لِّكُلِّ شَىْءٍ وَهُدًى وَرَحْمَةً وَبُشْرَىٰ لِلْمُسْلِمِينَ
16:89
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اُن ڏينھن سڀڪنھن ٽوليءَ ۾ سندين جنس مان مٿن شاھد کڙا ڪنداسون ۽ (اي پيغمبر) توکي ھنن (يعني اُمّت) تي شاھد آڻينداسون، ۽ ھر شيء جي پڌرائيءَ لاءِ ۽ مُسلمانن جي ھدايت ۽ ٻاجھ ۽ خوشخبري ڏيڻ لاءِ توتي ڪتاب نازل ڪيوسون.

16:90 ۞ إِنَّ ٱللَّهَ يَأْمُرُ بِٱلْعَدْلِ وَٱلْإِحْسَـٰنِ وَإِيتَآئِ ذِى ٱلْقُرْبَىٰ وَيَنْهَىٰ عَنِ ٱلْفَحْشَآءِ وَٱلْمُنكَرِ وَٱلْبَغْىِ ۚ يَعِظُكُمْ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ
16:90
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بيشڪ الله انصاف ۽ ڀلائي (ڪرڻ) ۽ مائٽي وارن کي ڏيڻ جو حُڪم ڪري ٿو ۽ بي حيائي ۽ مدائي ۽ زبردستي کان جھلي ٿو، اوھان کي نصيحت ڏئي ٿو ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.

16:91 وَأَوْفُوا۟ بِعَهْدِ ٱللَّهِ إِذَا عَـٰهَدتُّمْ وَلَا تَنقُضُوا۟ ٱلْأَيْمَـٰنَ بَعْدَ تَوْكِيدِهَا وَقَدْ جَعَلْتُمُ ٱللَّهَ عَلَيْكُمْ كَفِيلًا ۚ إِنَّ ٱللَّهَ يَعْلَمُ مَا تَفْعَلُونَ
16:91
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جڏھن اوھين (الله جو نالو وٺي) پاڻ ۾ انجام ڪريو (تڏھن) الله جو انجام پاڙيو ۽ اوھين قَسمن کي سندن پڪي ڪرڻ کانپوءِ نه ڀڃو جو بيشڪ الله کي پاڻ تي نگھبان ڪيو اٿوَ، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي.

16:92 وَلَا تَكُونُوا۟ كَٱلَّتِى نَقَضَتْ غَزْلَهَا مِنۢ بَعْدِ قُوَّةٍ أَنكَـٰثًا تَتَّخِذُونَ أَيْمَـٰنَكُمْ دَخَلًۢا بَيْنَكُمْ أَن تَكُونَ أُمَّةٌ هِىَ أَرْبَىٰ مِنْ أُمَّةٍ ۚ إِنَّمَا يَبْلُوكُمُ ٱللَّهُ بِهِۦ ۚ وَلَيُبَيِّنَنَّ لَكُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ مَا كُنتُمْ فِيهِ تَخْتَلِفُونَ
16:92
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اُن زال وانگر نه ٿيو جنھن پنھنجو سُٽ ڪتيل پڪي ڪرڻ کانپوءِ ڇني ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڇڏيو، اوھين قسمن کي ھن لاءِ پاڻ ۾ حيلو بڻايو ٿا ته (ھڪ) ٽولي ٻي ٽوليءَ کان وڌيڪ ٿئي، الله ته اوھان کي رڳو اُن سان پرکيندو آھي، ۽ جنھن بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو سو قيامت جي ڏينھن اوھان جي لاءِ ضرور بيان ڪندو.

16:93 وَلَوْ شَآءَ ٱللَّهُ لَجَعَلَكُمْ أُمَّةً وَٰحِدَةً وَلَـٰكِن يُضِلُّ مَن يَشَآءُ وَيَهْدِى مَن يَشَآءُ ۚ وَلَتُسْـَٔلُنَّ عَمَّا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
16:93
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته اوھان کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر جنھن لاءِ وڻندو اٿس تنھن کي گمراھ ڪندو آھي ۽ جنھن لاءِ وڻندو اٿس تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن بابت اوھين ضرور پُڇبؤ.

16:94 وَلَا تَتَّخِذُوٓا۟ أَيْمَـٰنَكُمْ دَخَلًۢا بَيْنَكُمْ فَتَزِلَّ قَدَمٌۢ بَعْدَ ثُبُوتِهَا وَتَذُوقُوا۟ ٱلسُّوٓءَ بِمَا صَدَدتُّمْ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ ۖ وَلَكُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ
16:94
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اوھين پنھنجن قسمن کي پاڻ ۾ ٺڳي نه بڻايو نه ته اُنھن جي پڪي ڪرڻ کانپوءِ اوھان جا پيرَ ترڪندا ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھلڻ سببان سزا چکندؤ، ۽ اوھان کي وڏو عذاب ٿيندو.

16:95 وَلَا تَشْتَرُوا۟ بِعَهْدِ ٱللَّهِ ثَمَنًا قَلِيلًا ۚ إِنَّمَا عِندَ ٱللَّهِ هُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ
16:95
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله جي انجام کي ٿوري مُلھ سان نه وِڪڻو، ڇوته جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته جيڪي الله وٽ آھي سو اوھان جي لاءِ چڱو آھي.

16:96 مَا عِندَكُمْ يَنفَدُ ۖ وَمَا عِندَ ٱللَّهِ بَاقٍ ۗ وَلَنَجْزِيَنَّ ٱلَّذِينَ صَبَرُوٓا۟ أَجْرَهُم بِأَحْسَنِ مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
16:96
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جيڪي اوھان وٽ آھي سو کپي ويندو ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ھميشہ رھڻ وارو آھي، ۽ جن صبر ڪيو تن کي سندن عملن جو بلڪل چڱي طرح بدلو ڏينداسون.

16:97 مَنْ عَمِلَ صَـٰلِحًا مِّن ذَكَرٍ أَوْ أُنثَىٰ وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَلَنُحْيِيَنَّهُۥ حَيَوٰةً طَيِّبَةً ۖ وَلَنَجْزِيَنَّهُمْ أَجْرَهُم بِأَحْسَنِ مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
16:97
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جنھن چڱو عمل ڪيو (پوءِ) اُھو مڙس ھُجي يا زال ۽ اُھو مؤمن ھوندو ته ضرور کيس چڱي حياتي ڏئي جيئرو ڪنداسون، ۽ جيڪي ڪندا ھوا تنھنجو بدلو کين تمام چڱيءَ طرح ڏينداسون.

16:98 فَإِذَا قَرَأْتَ ٱلْقُرْءَانَ فَٱسْتَعِذْ بِٱللَّهِ مِنَ ٱلشَّيْطَـٰنِ ٱلرَّجِيمِ
16:98
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ (اي پيغمبر) جڏھن قرآن پڙھين تڏھن تڙيل شيطان (جي شر) کان الله جي سام پؤ.

16:99 إِنَّهُۥ لَيْسَ لَهُۥ سُلْطَـٰنٌ عَلَى ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَلَىٰ رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُونَ
16:99
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ان کي ايمان وارن تي ۽ جي پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن تن تي ڪو غلبو نه آھي.

16:100 إِنَّمَا سُلْطَـٰنُهُۥ عَلَى ٱلَّذِينَ يَتَوَلَّوْنَهُۥ وَٱلَّذِينَ هُم بِهِۦ مُشْرِكُونَ
16:100
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
سندس غلبو رڳو اُنھن تي آھي جيڪي کيس دوست رکندا آھن ۽ (انھن تي به) جيڪي الله سان شريڪ (مقرّر) ڪندا آھن.

16:101 وَإِذَا بَدَّلْنَآ ءَايَةً مَّكَانَ ءَايَةٍ ۙ وَٱللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا يُنَزِّلُ قَالُوٓا۟ إِنَّمَآ أَنتَ مُفْتَرٍۭ ۚ بَلْ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
16:101
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جڏھن ھڪڙي آيت جي جاءِ تي ٻي آيت مٽائي آڻيندا آھيون ۽ الله جيڪي نازل ڪندو آھي سو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي (تڏھن) چوندا آھن ته تون رڳو پاڻون بڻائيندڙ آھين، (نه!) بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.

16:102 قُلْ نَزَّلَهُۥ رُوحُ ٱلْقُدُسِ مِن رَّبِّكَ بِٱلْحَقِّ لِيُثَبِّتَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَهُدًى وَبُشْرَىٰ لِلْمُسْلِمِينَ
16:102
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اي پيغمبر) کين چؤ ته اُھو قرآن تنھنجي پالڻھار وٽان جبرئيل سچ سان ھن لاءِ نازل ڪيو آھي ته مؤمنن کي ثابت رکي ۽ مُسلمانن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري ھجي.

16:103 وَلَقَدْ نَعْلَمُ أَنَّهُمْ يَقُولُونَ إِنَّمَا يُعَلِّمُهُۥ بَشَرٌ ۗ لِّسَانُ ٱلَّذِى يُلْحِدُونَ إِلَيْهِ أَعْجَمِىٌّ وَهَـٰذَا لِسَانٌ عَرَبِىٌّ مُّبِينٌ
16:103
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون ته اُھي چوندا آھن ته اُن (پيغمبر) کي ڪو ماڻھو سيکاريندو آھي، جنھن ڏانھن اھا نسبت ڪندا آھن تنھن جي ٻولي عجمي آھي ۽ ھي (قرآن) پڌري عربي ٻوليءَ ۾ آھي.

16:104 إِنَّ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِـَٔايَـٰتِ ٱللَّهِ لَا يَهْدِيهِمُ ٱللَّهُ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
16:104
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نه مڃيندا آھن تن کي الله سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

16:105 إِنَّمَا يَفْتَرِى ٱلْكَذِبَ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِـَٔايَـٰتِ ٱللَّهِ ۖ وَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْكَـٰذِبُونَ
16:105
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ڪوڙو ٺاھ انھن کان سواءِ ڪونه ٺاھيندو آھي جيڪي الله جي آيتن کي نه مڃيندا آھن، ۽ اُھي (پاڻ) ڪُوڙا آھن.

16:106 مَن كَفَرَ بِٱللَّهِ مِنۢ بَعْدِ إِيمَـٰنِهِۦٓ إِلَّا مَنْ أُكْرِهَ وَقَلْبُهُۥ مُطْمَئِنٌّۢ بِٱلْإِيمَـٰنِ وَلَـٰكِن مَّن شَرَحَ بِٱلْكُفْرِ صَدْرًا فَعَلَيْهِمْ غَضَبٌ مِّنَ ٱللَّهِ وَلَهُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ
16:106
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جنھن کي (ايمان کان ڦرڻ جو) زور ڪيو وڃي (اُھو زبان سان ڪي چوي) ۽ سندس دل ايمان سان آراميل ھجي اُن کانسواءِ جيڪو پنھنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ الله جو انڪار ڪري بلڪ ڪُفر سان سينو ويڪرو ڪري (يعني راضي ٿئي) اھڙن تي الله جو ڏمر آھي، ۽ انھن تي وڏو عذاب آھي.

16:107 ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمُ ٱسْتَحَبُّوا۟ ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا عَلَى ٱلْـَٔاخِرَةِ وَأَنَّ ٱللَّهَ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلْكَـٰفِرِينَ
16:107
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اھو ھن ڪري آھي جو انھن دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان زيادہ پسند ڪيو آھي ۽ (انھيءَ ڪري) ته الله ڪافرن جي قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.

16:108 أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ طَبَعَ ٱللَّهُ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ وَسَمْعِهِمْ وَأَبْصَـٰرِهِمْ ۖ وَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْغَـٰفِلُونَ
16:108
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اِھي اُھي آھن جو سندين دلين ۽ سندن ڪَنن ۽ سندن اکين تي الله مُھر ھنئي، ۽ اُھي بي خبر آھن.

16:109 لَا جَرَمَ أَنَّهُمْ فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ هُمُ ٱلْخَـٰسِرُونَ
16:109
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بلاشڪ اُھي ئي آخرت ۾ ڇيئي وارا آھن.

16:110 ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذِينَ هَاجَرُوا۟ مِنۢ بَعْدِ مَا فُتِنُوا۟ ثُمَّ جَـٰهَدُوا۟ وَصَبَرُوٓا۟ إِنَّ رَبَّكَ مِنۢ بَعْدِهَا لَغَفُورٌ رَّحِيمٌ
16:110
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
وري بيشڪ تنھنجو پالڻھار انھن کي (بخشي ٿو) جيڪي (ڪفر جي ڪلمي چوڻ لاءِ ڪافرن جي ھٿان) ايذايا ويا پوءِ وطن ڇڏيائون وري جھاد ڪيائون ۽ صبر ڪيائون بيشڪ تنھنجو پالڻھار ان کانپوءِ ضرور بخشڻھار مھربان آھي.

16:111 ۞ يَوْمَ تَأْتِى كُلُّ نَفْسٍ تُجَـٰدِلُ عَن نَّفْسِهَا وَتُوَفَّىٰ كُلُّ نَفْسٍ مَّا عَمِلَتْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ
16:111
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
انھيءَ ڏينھن سڀڪو جيءُ پنھنجي طرفان جھيڙو ڪندو ايندو ۽ سڀڪنھن نفس جيڪي ڪمايو تنھنجو کيس پورو بدلو ڏبو ۽ انھن سان ظلم نه ڪبو.

16:112 وَضَرَبَ ٱللَّهُ مَثَلًا قَرْيَةً كَانَتْ ءَامِنَةً مُّطْمَئِنَّةً يَأْتِيهَا رِزْقُهَا رَغَدًا مِّن كُلِّ مَكَانٍ فَكَفَرَتْ بِأَنْعُمِ ٱللَّهِ فَأَذَٰقَهَا ٱللَّهُ لِبَاسَ ٱلْجُوعِ وَٱلْخَوْفِ بِمَا كَانُوا۟ يَصْنَعُونَ
16:112
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله ھڪ ڳوٺ جو (ھڪ) قِصو بيان ڪيو جو بي ڀئو آراميل ھو ان کي سندس روزي سڀڪنھن ھنڌان سوکائيءَ سان ايندي ھئي پوءِ الله جي نعمتن جي بي شڪرائي ڪيائون پوءِ جيڪي ڪندا ھوا تنھن سببان الله کين بُک ۽ ڀؤ جي پوشاڪ چکائي.

16:113 وَلَقَدْ جَآءَهُمْ رَسُولٌ مِّنْهُمْ فَكَذَّبُوهُ فَأَخَذَهُمُ ٱلْعَذَابُ وَهُمْ ظَـٰلِمُونَ
16:113
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ بيشڪ منجھائن (ھڪ) پيغمبر وٽن آيو پوءِ کيس ڪُوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين عذاب پڪڙيو ۽ اُھي ظالم ھوا.

16:114 فَكُلُوا۟ مِمَّا رَزَقَكُمُ ٱللَّهُ حَلَـٰلًا طَيِّبًا وَٱشْكُرُوا۟ نِعْمَتَ ٱللَّهِ إِن كُنتُمْ إِيَّاهُ تَعْبُدُونَ
16:114
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ الله اوھان کي جيڪا حلال (۽) سُٺي روزي ڪري ڏني تنھن مان کائو، ۽ جيڪڏھن اُھين خاص الله جي عبادت ڪندا آھيو ته سندس نعمتن جو شڪرانو ڪريو.

16:115 إِنَّمَا حَرَّمَ عَلَيْكُمُ ٱلْمَيْتَةَ وَٱلدَّمَ وَلَحْمَ ٱلْخِنزِيرِ وَمَآ أُهِلَّ لِغَيْرِ ٱللَّهِ بِهِۦ ۖ فَمَنِ ٱضْطُرَّ غَيْرَ بَاغٍ وَلَا عَادٍ فَإِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
16:115
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
مئل ڍور ۽ رت ۽ سوئر جو ماس ۽ جنھن شيء کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي تنھن کانسواءِ ٻيو (ڪي به) اوھان تي حرام نه ڪيائين، پوءِ جيڪو نافرماني ڪندڙ نه ھجي ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿي لاچار ٿئي (۽ کائي) ته بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.

16:116 وَلَا تَقُولُوا۟ لِمَا تَصِفُ أَلْسِنَتُكُمُ ٱلْكَذِبَ هَـٰذَا حَلَـٰلٌ وَهَـٰذَا حَرَامٌ لِّتَفْتَرُوا۟ عَلَى ٱللَّهِ ٱلْكَذِبَ ۚ إِنَّ ٱلَّذِينَ يَفْتَرُونَ عَلَى ٱللَّهِ ٱلْكَذِبَ لَا يُفْلِحُونَ
16:116
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جن شين کي اوھان جون زبانون ڪوڙ سان بيان ڪنديون آھن تن لاءِ (ھنڪري) نه چئو ته ھي حلال آھي ۽ ھيءُ حرام آھي ته الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيو، بيشڪ جيڪي الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيندا آھن سي (ڪڏھن) نه ڇٽندا.

16:117 مَتَـٰعٌ قَلِيلٌ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
16:117
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(۽ ھيءُ حياتي) ٿوري وَٿ آھي، ۽ اُنھن لاءِ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

16:118 وَعَلَى ٱلَّذِينَ هَادُوا۟ حَرَّمْنَا مَا قَصَصْنَا عَلَيْكَ مِن قَبْلُ ۖ وَمَا ظَلَمْنَـٰهُمْ وَلَـٰكِن كَانُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ
16:118
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪي توتي ھن کان اڳ بيان ڪيوسون سو يھودين تي حرام ڪيو ھوسون، ۽ اسان مٿن ظلم نه ڪيو پر (ھو) پاڻ تي ظلم ڪندا ھوا.

16:119 ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذِينَ عَمِلُوا۟ ٱلسُّوٓءَ بِجَهَـٰلَةٍ ثُمَّ تَابُوا۟ مِنۢ بَعْدِ ذَٰلِكَ وَأَصْلَحُوٓا۟ إِنَّ رَبَّكَ مِنۢ بَعْدِهَا لَغَفُورٌ رَّحِيمٌ
16:119
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
وري جن بي سمجھائي سان بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کانپوءِ توبه ڪيائون ۽ پاڻ سڌاريائون تن لاءِ تنھنجو پالڻھار اُن (توبه) کانپوءِ بلڪل بخشڻھار مھربان آھي.

16:120 إِنَّ إِبْرَٰهِيمَ كَانَ أُمَّةً قَانِتًا لِّلَّهِ حَنِيفًا وَلَمْ يَكُ مِنَ ٱلْمُشْرِكِينَ
16:120
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ابراھيمؑ ھڪ طرفو ٿيل الله جي عبادت ڪندڙ امام ھو، ۽ مُشرڪن مان نه ھو.

16:121 شَاكِرًا لِّأَنْعُمِهِ ۚ ٱجْتَبَىٰهُ وَهَدَىٰهُ إِلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ
16:121
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله جي نعمتن جو شُڪر ڪندڙ ھو، (الله) کيس سڳورو ڪيو ۽ سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪيائينس.

16:122 وَءَاتَيْنَـٰهُ فِى ٱلدُّنْيَا حَسَنَةً ۖ وَإِنَّهُۥ فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ لَمِنَ ٱلصَّـٰلِحِينَ
16:122
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ دنيا ۾ کيس چڱائي ڏني سون، ۽ بيشڪ اُھو آخرت ۾ ڀلارن مان آھي.

16:123 ثُمَّ أَوْحَيْنَآ إِلَيْكَ أَنِ ٱتَّبِعْ مِلَّةَ إِبْرَٰهِيمَ حَنِيفًا ۖ وَمَا كَانَ مِنَ ٱلْمُشْرِكِينَ
16:123
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اي پيغمبر اُن کان) پوءِ توڏانھن وحي ڪيوسون ته ھڪ مُھاڙي دين ابراھيم جي تابعداري ڪر، ۽ ابراھيم مشرڪن مان نه ھو.

16:124 إِنَّمَا جُعِلَ ٱلسَّبْتُ عَلَى ٱلَّذِينَ ٱخْتَلَفُوا۟ فِيهِ ۚ وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَحْكُمُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ فِيمَا كَانُوا۟ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ
16:124
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جن ڇنڇر بابت تڪرار ڪيو تن کانسواءِ ٻـين تي اُن (جي تعظيم) جو حُڪم لازم نه ڪيو ويو، ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ ضرور نبيرو ڪندو جنھن ۾ تڪرار ڪندا آھن.

16:125 ٱدْعُ إِلَىٰ سَبِيلِ رَبِّكَ بِٱلْحِكْمَةِ وَٱلْمَوْعِظَةِ ٱلْحَسَنَةِ ۖ وَجَـٰدِلْهُم بِٱلَّتِى هِىَ أَحْسَنُ ۚ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِۦ ۖ وَهُوَ أَعْلَمُ بِٱلْمُهْتَدِينَ
16:125
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اي پيغمبر) حڪمت ۽ چڱي نصيحت سان پنھنجي پالڻھار جي واٽ ڏانھن (ماڻھن کي) سڏ ۽ چڱي طرح کين الزام ڏي، تحقيق جيڪو الله جي واٽ کان گمراھ ٿيو تنھنکي تنھنجو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي ۽ اُھو ھدايت وارن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي.

16:126 وَإِنْ عَاقَبْتُمْ فَعَاقِبُوا۟ بِمِثْلِ مَا عُوقِبْتُم بِهِۦ ۖ وَلَئِن صَبَرْتُمْ لَهُوَ خَيْرٌ لِّلصَّـٰبِرِينَ
16:126
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪڏھن (ڪافرن کان) بدلو وٺو ته جيترو ايذايا ويا ھجو اوترو انھن کي ايذايو، ۽ جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ته اُھو صابرن لاءِ ڀلو آھي.

16:127 وَٱصْبِرْ وَمَا صَبْرُكَ إِلَّا بِٱللَّهِ ۚ وَلَا تَحْزَنْ عَلَيْهِمْ وَلَا تَكُ فِى ضَيْقٍ مِّمَّا يَمْكُرُونَ
16:127
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ (اي پيغمبر) صبر ڪر ۽ تنھنجو صبر الله ئي جي توفيق سان آھي ۽ جيڪو فريب ڪندا آھن تنھن بابت نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ نڪي خفي رہ.

16:128 إِنَّ ٱللَّهَ مَعَ ٱلَّذِينَ ٱتَّقَوا۟ وَّٱلَّذِينَ هُم مُّحْسِنُونَ
16:128
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جيڪي پرھيزگاري ڪندڙ آھن ۽ جيڪي ڀلارا آھن تن سان الله گڏ آھي.