Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
91:1
وَٱلشَّمْسِ وَضُحَىٰهَا
91:1
سج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
91:2
وَٱلْقَمَرِ إِذَا تَلَىٰهَا
91:2
۽ چنڊ جوقسم آھي جڏھن ان جي پوئتان اچي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
91:3
وَٱلنَّهَارِ إِذَا جَلَّىٰهَا
91:3
۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
91:4
وَٱلَّيْلِ إِذَا يَغْشَىٰهَا
91:4
۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
91:5
وَٱلسَّمَآءِ وَمَا بَنَىٰهَا
91:5
۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
91:6
وَٱلْأَرْضِ وَمَا طَحَىٰهَا
91:6
۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
91:7
وَنَفْسٍ وَمَا سَوَّىٰهَا
91:7
۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
91:8
فَأَلْهَمَهَا فُجُورَهَا وَتَقْوَىٰهَا
91:8
پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
91:9
قَدْ أَفْلَحَ مَن زَكَّىٰهَا
91:9
جنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
91:10
وَقَدْ خَابَ مَن دَسَّىٰهَا
91:10
۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
91:11
كَذَّبَتْ ثَمُودُ بِطَغْوَىٰهَآ
91:11
(قوم) ثمود پنھنجي سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
91:12
إِذِ ٱنۢبَعَثَ أَشْقَىٰهَا
91:12
جڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
91:13
فَقَالَ لَهُمْ رَسُولُ ٱللَّهِ نَاقَةَ ٱللَّهِ وَسُقْيَـٰهَا
91:13
پوءِ الله جي پيغمبر کين چيو ته الله جي ڏاچي ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه ٿيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
91:14
فَكَذَّبُوهُ فَعَقَرُوهَا فَدَمْدَمَ عَلَيْهِمْ رَبُّهُم بِذَنۢبِهِمْ فَسَوَّىٰهَا
91:14
پوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون، پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني) تي ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
91:15
وَلَا يَخَافُ عُقْبَـٰهَا
91:15
۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نه ٿو ڊڄي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)