Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

84 Al-'Inshiqāq ٱلْإِنْشِقَاق

< Previous   25 Āyah   The Sundering      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

84:1 إِذَا ٱلسَّمَآءُ ٱنشَقَّتْ
84:1 جڏھن آسمان ڦاٽندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:2 وَأَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ
84:2 ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:3 وَإِذَا ٱلْأَرْضُ مُدَّتْ
84:3 ۽ جڏھن زمين پکيڙبي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:4 وَأَلْقَتْ مَا فِيهَا وَتَخَلَّتْ
84:4 ۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:5 وَأَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ
84:5 ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:6 يَـٰٓأَيُّهَا ٱلْإِنسَـٰنُ إِنَّكَ كَادِحٌ إِلَىٰ رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلَـٰقِيهِ
84:6 اي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:7 فَأَمَّا مَنْ أُوتِىَ كِتَـٰبَهُۥ بِيَمِينِهِۦ
84:7 پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:8 فَسَوْفَ يُحَاسَبُ حِسَابًا يَسِيرًا
84:8 تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:9 وَيَنقَلِبُ إِلَىٰٓ أَهْلِهِۦ مَسْرُورًا
84:9 ۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:10 وَأَمَّا مَنْ أُوتِىَ كِتَـٰبَهُۥ وَرَآءَ ظَهْرِهِۦ
84:10 ۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:11 فَسَوْفَ يَدْعُوا۟ ثُبُورًا
84:11 سو سگھوئي موت کي سڏيندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:12 وَيَصْلَىٰ سَعِيرًا
84:12 ۽ دوزخ ۾ گھڙندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:13 إِنَّهُۥ كَانَ فِىٓ أَهْلِهِۦ مَسْرُورًا
84:13 ڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:14 إِنَّهُۥ ظَنَّ أَن لَّن يَحُورَ
84:14 بيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:15 بَلَىٰٓ إِنَّ رَبَّهُۥ كَانَ بِهِۦ بَصِيرًا
84:15 ھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:16 فَلَآ أُقْسِمُ بِٱلشَّفَقِ
84:16 پوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:17 وَٱلَّيْلِ وَمَا وَسَقَ
84:17 ۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:18 وَٱلْقَمَرِ إِذَا ٱتَّسَقَ
84:18 ۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:19 لَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ
84:19 ته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:20 فَمَا لَهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ
84:20 پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:21 وَإِذَا قُرِئَ عَلَيْهِمُ ٱلْقُرْءَانُ لَا يَسْجُدُونَ ۩
84:21 ۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:22 بَلِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ يُكَذِّبُونَ
84:22 بلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:23 وَٱللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا يُوعُونَ
84:23 ۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:24 فَبَشِّرْهُم بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
84:24 پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

84:25 إِلَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ لَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍۭ
84:25 پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)