Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

51 Adh-Dhāriyāt ٱلذَّارِيَات

< Previous   60 Āyah   The Winnowing Winds      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

51:1 وَٱلذَّٰرِيَـٰتِ ذَرْوًا
51:1 قسم آھي اُڏائڻ وارن (وائن) جو (خاڪ کي) اُڏائڻ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:2 فَٱلْحَـٰمِلَـٰتِ وِقْرًا
51:2 پوءِ (پاڻي جي) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:3 فَٱلْجَـٰرِيَـٰتِ يُسْرًا
51:3 پوءِ آسانيءَ سان ھلندڙين (ٻيڙين) جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:4 فَٱلْمُقَسِّمَـٰتِ أَمْرًا
51:4 پوءِ ڪم وراھڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:5 إِنَّمَا تُوعَدُونَ لَصَادِقٌ
51:5 ته بيشڪ جيڪو اوھان سان انجام ڪجي ٿو سو سچ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:6 وَإِنَّ ٱلدِّينَ لَوَٰقِعٌ
51:6 ۽ بيشڪ (عملن جو) بدلو ضرور ٿيڻو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:7 وَٱلسَّمَآءِ ذَاتِ ٱلْحُبُكِ
51:7 واٽن واري آسمان جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:8 إِنَّكُمْ لَفِى قَوْلٍ مُّخْتَلِفٍ
51:8 ته (اوھين) پاڻ ۾ تڪرار واريء ھڪ ڳالھ ۾ (پيل) آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:9 يُؤْفَكُ عَنْهُ مَنْ أُفِكَ
51:9 قرآن کان اُھو ڦيرايو ويندو آھي جيڪو (ازل) ۾ ڦيرايل آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:10 قُتِلَ ٱلْخَرَّٰصُونَ
51:10 اُنھن ڪوڙ ھڻندڙن کي لعنت ڪئي ويئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:11 ٱلَّذِينَ هُمْ فِى غَمْرَةٍ سَاهُونَ
51:11 جيڪي اَڻ ڄاڻائي ۾ وسارڻ وارا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:12 يَسْـَٔلُونَ أَيَّانَ يَوْمُ ٱلدِّينِ
51:12 پُڇندا آھن ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:13 يَوْمَ هُمْ عَلَى ٱلنَّارِ يُفْتَنُونَ
51:13 (ھائو) اُنھي ڏينھن جو اُنھن کي باھ ۾ عذاب ڪبو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:14 ذُوقُوا۟ فِتْنَتَكُمْ هَـٰذَا ٱلَّذِى كُنتُم بِهِۦ تَسْتَعْجِلُونَ
51:14 (چئبو ته ھيُ) پنھنجو عذاب چکو، ھيُ اُھو آھي جنھن کي اوھين جلد گھرندا ھئو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:15 إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى جَنَّـٰتٍ وَعُيُونٍ
51:15 بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:16 ءَاخِذِينَ مَآ ءَاتَىٰهُمْ رَبُّهُمْ ۚ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ قَبْلَ ذَٰلِكَ مُحْسِنِينَ
51:16 جيڪي سندن پالڻھار کين ڏنو سو وٺڻ وارا ھوندا، بيشڪ اُھي ھن کان اڳ چڱائي ڪندڙ ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:17 كَانُوا۟ قَلِيلًا مِّنَ ٱلَّيْلِ مَا يَهْجَعُونَ
51:17 رات جو ٿورو سمھندا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:18 وَبِٱلْأَسْحَارِ هُمْ يَسْتَغْفِرُونَ
51:18 ۽ اُھي اَسرن جو بخشش گھرندا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:19 وَفِىٓ أَمْوَٰلِهِمْ حَقٌّ لِّلسَّآئِلِ وَٱلْمَحْرُومِ
51:19 ۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙ مُحتاج جو حصّو ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:20 وَفِى ٱلْأَرْضِ ءَايَـٰتٌ لِّلْمُوقِنِينَ
51:20 ۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:21 وَفِىٓ أَنفُسِكُمْ ۚ أَفَلَا تُبْصِرُونَ
51:21 ۽ اوھان جي جندن ۾ به، پوءِ نٿا ڏسو ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:22 وَفِى ٱلسَّمَآءِ رِزْقُكُمْ وَمَا تُوعَدُونَ
51:22 ۽ اوھان جي روزي آسمان ۾ آھي ۽ اُھو (به) جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:23 فَوَرَبِّ ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ إِنَّهُۥ لَحَقٌّ مِّثْلَ مَآ أَنَّكُمْ تَنطِقُونَ
51:23 پوءِ آسمان ۽ زمين جي پالڻھار جو قسم آھي ته اھا خبر سچي آھي جھڙي طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:24 هَلْ أَتَىٰكَ حَدِيثُ ضَيْفِ إِبْرَٰهِيمَ ٱلْمُكْرَمِينَ
51:24 اِبراھيم جي سڳورن مھمانن جي خبر تو وٽ (نه) آئي آھي ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:25 إِذْ دَخَلُوا۟ عَلَيْهِ فَقَالُوا۟ سَلَـٰمًا ۖ قَالَ سَلَـٰمٌ قَوْمٌ مُّنكَرُونَ
51:25 جڏھن اُھي وٽس آيا تڏھن سلام چيائين، ھن (به) سلام چيو، (دل ۾ ڄاتائين ته ھي) اوپرا ماڻھو آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:26 فَرَاغَ إِلَىٰٓ أَهْلِهِۦ فَجَآءَ بِعِجْلٍ سَمِينٍ
51:26 پوءِ پنھنجي گھر وارن ڏانھن تکو ھليو ۽ ٿلھو گابو (پچائي) آندائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:27 فَقَرَّبَهُۥٓ إِلَيْهِمْ قَالَ أَلَا تَأْكُلُونَ
51:27 پوءِ اھو انھن کي ويجھو ڪيائين چيائين ته ڇونه ٿا کائو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:28 فَأَوْجَسَ مِنْهُمْ خِيفَةً ۖ قَالُوا۟ لَا تَخَفْ ۖ وَبَشَّرُوهُ بِغُلَـٰمٍ عَلِيمٍ
51:28 پوءِ کائن دل ۾ ڊپ رکيائين، چيائون ته نه ڊڄ، ۽ اُن کي ھڪ داناءَ نينگر جي مبارڪ ڏنائون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:29 فَأَقْبَلَتِ ٱمْرَأَتُهُۥ فِى صَرَّةٍ فَصَكَّتْ وَجْهَهَا وَقَالَتْ عَجُوزٌ عَقِيمٌ
51:29 پوءِ سنديس زال دانھن ڪندي سامھون آئي پوءِ پنھنجو منھن ڪٽيائين ۽ چيائين ته ٻڍڙي سنڍ (ڄڻيندي ڇا؟). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:30 قَالُوا۟ كَذَٰلِكِ قَالَ رَبُّكِ ۖ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْحَكِيمُ ٱلْعَلِيمُ
51:30 چيائون ته ائين ئي تنھنجي پالڻھار فرمايو آھي، ڇوته اُھو حِڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:31 ۞ قَالَ فَمَا خَطْبُكُمْ أَيُّهَا ٱلْمُرْسَلُونَ
51:31 (ابراھيم) چيو ته اي قاصد‍ؤ اوھان جو ڪھڙو غرض آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:32 قَالُوٓا۟ إِنَّآ أُرْسِلْنَآ إِلَىٰ قَوْمٍ مُّجْرِمِينَ
51:32 چيائون ته بيشڪ اسين ھڪڙي ڏوھاري قوم ڏانھن موڪليا ويا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:33 لِنُرْسِلَ عَلَيْهِمْ حِجَارَةً مِّن طِينٍ
51:33 ته مٿن پڪي مٽيءَ جون گليليون وسايون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:34 مُّسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ لِلْمُسْرِفِينَ
51:34 جي حد کان لنگھندڙن لاءِ تنھنجي پالڻھار وٽ نشان ڪيل آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:35 فَأَخْرَجْنَا مَن كَانَ فِيهَا مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ
51:35 پوءِ مؤمنن مان اتي جيڪو ھو تنھن کي ٻاھر ڪڍيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:36 فَمَا وَجَدْنَا فِيهَا غَيْرَ بَيْتٍ مِّنَ ٱلْمُسْلِمِينَ
51:36 پوءِ اُتي مسلمانن جي ھڪ گھر کانسواءِ (ٻيو ڪو گھر) نه ڏٺوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:37 وَتَرَكْنَا فِيهَآ ءَايَةً لِّلَّذِينَ يَخَافُونَ ٱلْعَذَابَ ٱلْأَلِيمَ
51:37 ۽ جيڪي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڊڄندا آھن تن لاءِ اُتي (عبرت لاءِ) نشاني ڇڏي سون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:38 وَفِى مُوسَىٰٓ إِذْ أَرْسَلْنَـٰهُ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ بِسُلْطَـٰنٍ مُّبِينٍ
51:38 ۽ مُوسىٰ (جي قصّي) ۾ (به عِبرت آھي) جڏھن کيس پڌري دليل سان فرعون ڏانھن موڪليوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:39 فَتَوَلَّىٰ بِرُكْنِهِۦ وَقَالَ سَـٰحِرٌ أَوْ مَجْنُونٌ
51:39 پوءِ ھن پنھنجي لشڪر سميت منھن موڙيو چيائين ته (ھي) جادوگر يا چريو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:40 فَأَخَذْنَـٰهُ وَجُنُودَهُۥ فَنَبَذْنَـٰهُمْ فِى ٱلْيَمِّ وَهُوَ مُلِيمٌ
51:40 تنھنڪري اُن کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيوسون پوءِ اُن کي ملامت وارو ڪري سمنڊ ۾ اُڇليوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:41 وَفِى عَادٍ إِذْ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمُ ٱلرِّيحَ ٱلْعَقِيمَ
51:41 ۽ عاد جي (قصي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن اھڙو بي برڪتو واءُ موڪليوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:42 مَا تَذَرُ مِن شَىْءٍ أَتَتْ عَلَيْهِ إِلَّا جَعَلَتْهُ كَٱلرَّمِيمِ
51:42 جو جنھن شيء تي اچي پھچي تنھن کي ڳريل ھڏي وانگر ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:43 وَفِى ثَمُودَ إِذْ قِيلَ لَهُمْ تَمَتَّعُوا۟ حَتَّىٰ حِينٍ
51:43 ۽ ثمود (جي قصّي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن کين چيو ويو ته ھڪ مُدت تائين مزا ماڻيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:44 فَعَتَوْا۟ عَنْ أَمْرِ رَبِّهِمْ فَأَخَذَتْهُمُ ٱلصَّـٰعِقَةُ وَهُمْ يَنظُرُونَ
51:44 پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (مڃڻ) کان ھٺ ڪيائون تنھنڪري سندن ڏسندي کين (ھڪ) سخت ڪڙڪي ورتو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:45 فَمَا ٱسْتَطَـٰعُوا۟ مِن قِيَامٍ وَمَا كَانُوا۟ مُنتَصِرِينَ
51:45 پوءِ نڪي اُٿي سگھيا ۽ نڪي وير وٺڻ وارا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:46 وَقَوْمَ نُوحٍ مِّن قَبْلُ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ قَوْمًا فَـٰسِقِينَ
51:46 ۽ (ھن کان) اڳ نوح جي قوم (کي ھلاڪ ڪيوسون) بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:47 وَٱلسَّمَآءَ بَنَيْنَـٰهَا بِأَيْي۟دٍ وَإِنَّا لَمُوسِعُونَ
51:47 ۽ آسمان کي (پنھنجيءَ) قوت سان بڻايوسون ۽ بيشڪ اسين سگھارا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:48 وَٱلْأَرْضَ فَرَشْنَـٰهَا فَنِعْمَ ٱلْمَـٰهِدُونَ
51:48 ۽ زمين کي پکيڙيوسون جو چڱا پکيڙيندڙ آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:49 وَمِن كُلِّ شَىْءٍ خَلَقْنَا زَوْجَيْنِ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ
51:49 ۽ سڀڪنھن شيءَ مان جوڙو جوڙو بڻايوسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:50 فَفِرُّوٓا۟ إِلَى ٱللَّهِ ۖ إِنِّى لَكُم مِّنْهُ نَذِيرٌ مُّبِينٌ
51:50 پوءِ الله ڏانھن ڀڄو، بيشڪ آءٌ سندس طرف کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:51 وَلَا تَجْعَلُوا۟ مَعَ ٱللَّهِ إِلَـٰهًا ءَاخَرَ ۖ إِنِّى لَكُم مِّنْهُ نَذِيرٌ مُّبِينٌ
51:51 ۽ الله سان (ٻيو) ڪو معبُود نه ٺھرايو، بيشڪ آءٌ سندس پار کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:52 كَذَٰلِكَ مَآ أَتَى ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِم مِّن رَّسُولٍ إِلَّا قَالُوا۟ سَاحِرٌ أَوْ مَجْنُونٌ
51:52 اھڙي طرح جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن وٽ ڪوبه پيغمبر نه آيو پر چيائون ته جادوگر يا چريو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:53 أَتَوَاصَوْا۟ بِهِۦ ۚ بَلْ هُمْ قَوْمٌ طَاغُونَ
51:53 ان (چوڻ) جي ھڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آيا آھن ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نافرمان قوم آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:54 فَتَوَلَّ عَنْهُمْ فَمَآ أَنتَ بِمَلُومٍ
51:54 تنھنڪري (اي پيغمبر) کائن منھن موڙ ھاڻي تون ميار وارو نه آھين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:55 وَذَكِّرْ فَإِنَّ ٱلذِّكْرَىٰ تَنفَعُ ٱلْمُؤْمِنِينَ
51:55 ۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ ڇوته سمجھائڻ مؤمنن کي نفعو ڏيندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:56 وَمَا خَلَقْتُ ٱلْجِنَّ وَٱلْإِنسَ إِلَّا لِيَعْبُدُونِ
51:56 ۽ جِنّن ۽ ماڻھن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:57 مَآ أُرِيدُ مِنْهُم مِّن رِّزْقٍ وَمَآ أُرِيدُ أَن يُطْعِمُونِ
51:57 نڪي کائن ڪا روزي ٿو گھران ۽ نڪي گھران ٿو ته مون کي کارائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:58 إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلرَّزَّاقُ ذُو ٱلْقُوَّةِ ٱلْمَتِينُ
51:58 بيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ آھي جو تمام سگھارو زبردست آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:59 فَإِنَّ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ ذَنُوبًا مِّثْلَ ذَنُوبِ أَصْحَـٰبِهِمْ فَلَا يَسْتَعْجِلُونِ
51:59 پوءِ بيشڪ جن ظلم ڪيو تن لاءِ سندن يارن جي سزا جھڙو عذاب (جو ڀاڱو) آھي پوءِ مون کان جلد (عذاب) نه گُھرن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

51:60 فَوَيْلٌ لِّلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِن يَوْمِهِمُ ٱلَّذِى يُوعَدُونَ
51:60 پوءِ ڪافرن لاءِ اُن سندن ڏينھن کان خرابي آھي جنھن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)