Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

52 Aţ-Ţūr ٱلطُّور

< Previous   49 Āyah   The Mount      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

52:1 وَٱلطُّورِ
52:1
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(جبل) طُور جو قسم آھي.

52:2 وَكِتَـٰبٍ مَّسْطُورٍ
52:2
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ لکيل ڪتاب جو (قسم) آھي.

52:3 فِى رَقٍّ مَّنشُورٍ
52:3
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جو کُليل ورقن ۾ (لکيل) آھي.

52:4 وَٱلْبَيْتِ ٱلْمَعْمُورِ
52:4
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ آباد گھر جو (قسم) آھي.

52:5 وَٱلسَّقْفِ ٱلْمَرْفُوعِ
52:5
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ مٿاھينءَ ڇت جو (قسم) آھي.

52:6 وَٱلْبَحْرِ ٱلْمَسْجُورِ
52:6
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اُڀامندڙ درياءَ جو (قسم) آھي.

52:7 إِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ لَوَٰقِعٌ
52:7
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ته بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب ضرور ٿيڻو آھي.

52:8 مَّا لَهُۥ مِن دَافِعٍ
52:8
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اُن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونھي.

52:9 يَوْمَ تَمُورُ ٱلسَّمَآءُ مَوْرًا
52:9
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جنھن ڏينھن آسمان موج ھڻي چُرندو.

52:10 وَتَسِيرُ ٱلْجِبَالُ سَيْرًا
52:10
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جبل چڱيءَ طرح ھلندا.

52:11 فَوَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
52:11
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
تنھن ڏينھن اُنھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

52:12 ٱلَّذِينَ هُمْ فِى خَوْضٍ يَلْعَبُونَ
52:12
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جيڪي اَجاين ڳالھين ۾ راند ڪندا آھن.

52:13 يَوْمَ يُدَعُّونَ إِلَىٰ نَارِ جَهَنَّمَ دَعًّا
52:13
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جنھن ڏينھن دوزخ جي باھ ڏانھن ڌڪا ڏيئي روانا ڪبا.

52:14 هَـٰذِهِ ٱلنَّارُ ٱلَّتِى كُنتُم بِهَا تُكَذِّبُونَ
52:14
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(تنھن ڏينھن چئبن ته) ھي اُھا باھ آھي جنھن کي ڪُوڙ ڀائندا ھئو.

52:15 أَفَسِحْرٌ هَـٰذَآ أَمْ أَنتُمْ لَا تُبْصِرُونَ
52:15
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ھيءُ جادو آھي ڇا يا اوھين نه ٿا ڏسو؟

52:16 ٱصْلَوْهَا فَٱصْبِرُوٓا۟ أَوْ لَا تَصْبِرُوا۟ سَوَآءٌ عَلَيْكُمْ ۖ إِنَّمَا تُجْزَوْنَ مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
52:16
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ان ۾ گھڙو پوءِ صبر ڪريو يا صبر نه ڪريو، (ته) اوھان لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، جيڪي اوھين ڪندا ھئو رڳو تنھنجو بدلو اوھان کي ڏنو ويندو.

52:17 إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى جَنَّـٰتٍ وَنَعِيمٍ
52:17
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ ھوندا.

52:18 فَـٰكِهِينَ بِمَآ ءَاتَىٰهُمْ رَبُّهُمْ وَوَقَىٰهُمْ رَبُّهُمْ عَذَابَ ٱلْجَحِيمِ
52:18
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جيڪا (نعمت) کين سندن پالڻھار ڏني تنھن سان خوش ھوندا، ۽ (اُنھي ڪري به خوش ھوندا جو) سندن پالڻھار کين دوزخ جي عذاب کان بچايو.

52:19 كُلُوا۟ وَٱشْرَبُوا۟ هَنِيٓـًٔۢا بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
52:19
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(چئبن ته) انھي ڪري جو (چڱا) ڪم ڪندا ھئو مزي سان کائو ۽ پيئو.

52:20 مُتَّكِـِٔينَ عَلَىٰ سُرُرٍ مَّصْفُوفَةٍ ۖ وَزَوَّجْنَـٰهُم بِحُورٍ عِينٍ
52:20
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ھڪ ٻئي جي برابر وڇايلن تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا، ۽ کين وڏين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسون.

52:21 وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَٱتَّبَعَتْهُمْ ذُرِّيَّتُهُم بِإِيمَـٰنٍ أَلْحَقْنَا بِهِمْ ذُرِّيَّتَهُمْ وَمَآ أَلَتْنَـٰهُم مِّنْ عَمَلِهِم مِّن شَىْءٍ ۚ كُلُّ ٱمْرِئٍۭ بِمَا كَسَبَ رَهِينٌ
52:21
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان ۾ سندن رستو ھليا تن سان سندن اولاد کي ملائينداسون ۽ کين سندن عملن مان ڪجھ به نه گھٽائينداسون، سڀڪنھن مڙس جيڪي ڪمايو تنھن ۾ (اُھو پاڻ) ڳه ٿيل آھي.

52:22 وَأَمْدَدْنَـٰهُم بِفَـٰكِهَةٍ وَلَحْمٍ مِّمَّا يَشْتَهُونَ
52:22
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ انھن کي ميوو ۽ گوشت جنھن (قسم) مان گھرندا (تنھن مان) پيا ڏينداسون.

52:23 يَتَنَـٰزَعُونَ فِيهَا كَأْسًا لَّا لَغْوٌ فِيهَا وَلَا تَأْثِيمٌ
52:23
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اُتي شراب جا پيالا ھڪ ٻئي کان پيا وٺندا جنھن ۾ نڪي بڪ بڪ ۽ نڪو گناھ ۾ پوڻ ھوندو.

52:24 ۞ وَيَطُوفُ عَلَيْهِمْ غِلْمَانٌ لَّهُمْ كَأَنَّهُمْ لُؤْلُؤٌ مَّكْنُونٌ
52:24
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ وٽن اھڙا نينگر سندن آس پاس (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا جو ڄڻڪ اُھي ڍڪيل موتي آھن.

52:25 وَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ يَتَسَآءَلُونَ
52:25
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اُنھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن پاڻ ۾ پڇا ڪرڻ ڪرڻ لاءِ مُنھن ڪندا.

52:26 قَالُوٓا۟ إِنَّا كُنَّا قَبْلُ فِىٓ أَهْلِنَا مُشْفِقِينَ
52:26
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
چوندا ته بيشڪ اسين ھن کان اڳ پنھنجي گھر وارن ۾ ڊڄندڙ ھئاسون.

52:27 فَمَنَّ ٱللَّهُ عَلَيْنَا وَوَقَىٰنَا عَذَابَ ٱلسَّمُومِ
52:27
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايائين.

52:28 إِنَّا كُنَّا مِن قَبْلُ نَدْعُوهُ ۖ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْبَرُّ ٱلرَّحِيمُ
52:28
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بيشڪ اسين ھن کان اڳ کيس سڏيندا ھواسون، بيشڪ اُھوئي اِحسان ڪندڙ مھربان آھي.

52:29 فَذَكِّرْ فَمَآ أَنتَ بِنِعْمَتِ رَبِّكَ بِكَاهِنٍ وَلَا مَجْنُونٍ
52:29
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ (اي پيغمبر کين) نصيحت ڪر جو تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان نڪي ڀُوپُو آھين ۽ نڪي چريو آھين.

52:30 أَمْ يَقُولُونَ شَاعِرٌ نَّتَرَبَّصُ بِهِۦ رَيْبَ ٱلْمَنُونِ
52:30
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بلڪ چوندا آھن ڇا ته شاعر آھي (۽ اسين) سندس حق ۾ زماني جي ڦير گھير اچڻ جا منتظر آھيون.

52:31 قُلْ تَرَبَّصُوا۟ فَإِنِّى مَعَكُم مِّنَ ٱلْمُتَرَبِّصِينَ
52:31
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(انھن ڪافرن کي) چؤ ته اوھين به انتظار ڪڍو جو بيشڪ آءٌ به اوھان سان انتظار ڪڍندڙ آھيان.

52:32 أَمْ تَأْمُرُهُمْ أَحْلَـٰمُهُم بِهَـٰذَآ ۚ أَمْ هُمْ قَوْمٌ طَاغُونَ
52:32
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
کين سندن عقل اھو ڏس ڏيندا آھن ڇا يا اُھي شرارتي قوم آھي.

52:33 أَمْ يَقُولُونَ تَقَوَّلَهُۥ ۚ بَل لَّا يُؤْمِنُونَ
52:33
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
چوندا آھن ڇا ته ھِن قرآن کي پاڻون بڻايو اٿس، بلڪ ايمان نه ٿا آڻين.

52:34 فَلْيَأْتُوا۟ بِحَدِيثٍ مِّثْلِهِۦٓ إِن كَانُوا۟ صَـٰدِقِينَ
52:34
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ (کين) جڳائي ته جيڪڏھن سچا آھن ته اُن جھڙو ڪو سخن (بڻائي) آڻين.

52:35 أَمْ خُلِقُوا۟ مِنْ غَيْرِ شَىْءٍ أَمْ هُمُ ٱلْخَـٰلِقُونَ
52:35
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اھي بي سبب (پاڻھي) پيدا ٿي پيا آھن ڇا يا اُھي (پاڻ) پيدا ڪندڙ آھن؟

52:36 أَمْ خَلَقُوا۟ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ ۚ بَل لَّا يُوقِنُونَ
52:36
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
آسمانن ۽ زمين کي بڻايو اٿن ڇا، بلڪ اُھي يقين نه ٿا آڻين.

52:37 أَمْ عِندَهُمْ خَزَآئِنُ رَبِّكَ أَمْ هُمُ ٱلْمُصَۣيْطِرُونَ
52:37
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
تنھنجي پالڻھار جا خزانا انھن وٽ آھن ڇا يا اُھي داروغا آھن؟

52:38 أَمْ لَهُمْ سُلَّمٌ يَسْتَمِعُونَ فِيهِ ۖ فَلْيَأْتِ مُسْتَمِعُهُم بِسُلْطَـٰنٍ مُّبِينٍ
52:38
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
کين ڪا ڏاڪڻ آھي ڇا جنھن تي (چڙھي) ڪن ڏئي ٻڌندا آھن؟ پوءِ جڳائي ته اُنھن مان ٻُڌندڙ ڪو پڌرو دليل آڻي.

52:39 أَمْ لَهُ ٱلْبَنَـٰتُ وَلَكُمُ ٱلْبَنُونَ
52:39
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله کي ڌيئر آھن ڇا ۽ اوھان کي پُٽ؟

52:40 أَمْ تَسْـَٔلُهُمْ أَجْرًا فَهُم مِّن مَّغْرَمٍ مُّثْقَلُونَ
52:40
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اُنھن کان مزوري گھرين ٿو ڇا؟ جو اُھي (اُنھيءَ) چٽيءَ کان ڳوري بار (ھيٺ) ٿيا آھن.

52:41 أَمْ عِندَهُمُ ٱلْغَيْبُ فَهُمْ يَكْتُبُونَ
52:41
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اُنھن وٽ ڳُجھ جو علم آھي ڇا جو اُھي لکندا آھن.

52:42 أَمْ يُرِيدُونَ كَيْدًا ۖ فَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ هُمُ ٱلْمَكِيدُونَ
52:42
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ڪا بڇڙي رٿ ڪرڻ گھرندا آھن ڇا؟ پوءِ جن ڪُفر ڪيو سي ئي فريب ۾ پيل آھن.

52:43 أَمْ لَهُمْ إِلَـٰهٌ غَيْرُ ٱللَّهِ ۚ سُبْحَـٰنَ ٱللَّهِ عَمَّا يُشْرِكُونَ
52:43
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
انھن لاءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق آھي ڇا؟ (ساڻس) جيڪو شريڪ مقرر ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.

52:44 وَإِن يَرَوْا۟ كِسْفًا مِّنَ ٱلسَّمَآءِ سَاقِطًا يَقُولُوا۟ سَحَابٌ مَّرْكُومٌ
52:44
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسندا ته چوندا ته گھاٽو ڪَڪر آھي.

52:45 فَذَرْهُمْ حَتَّىٰ يُلَـٰقُوا۟ يَوْمَهُمُ ٱلَّذِى فِيهِ يُصْعَقُونَ
52:45
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن کي ايستائين ڇڏي ڏي جيستائين پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن ۾ بيھوش ڪيو ويندن.

52:46 يَوْمَ لَا يُغْنِى عَنْهُمْ كَيْدُهُمْ شَيْـًٔا وَلَا هُمْ يُنصَرُونَ
52:46
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جنھن سندن فريب ڪجھ به نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي.

52:47 وَإِنَّ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ عَذَابًا دُونَ ذَٰلِكَ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
52:47
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ھن کانسواءِ ٻيو عذاب (به) آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.

52:48 وَٱصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعْيُنِنَا ۖ وَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ حِينَ تَقُومُ
52:48
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ڇوته تون اسان جي نظر ھيٺ آھين ۽ جنھن مھل تون اُٿين (تنھن مھل) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان پاڪائي بيان ڪر

52:49 وَمِنَ ٱلَّيْلِ فَسَبِّحْهُ وَإِدْبَـٰرَ ٱلنُّجُومِ
52:49
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ڪجھ رات جو (به) سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ ستارن جي لھڻ کانپوءِ (به).