Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

75 Al-Qiyāmah ٱلْقِيَامَة

< Previous   40 Āyah   The Resurrection      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

75:1 لَآ أُقْسِمُ بِيَوْمِ ٱلْقِيَـٰمَةِ
75:1 قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:2 وَلَآ أُقْسِمُ بِٱلنَّفْسِ ٱللَّوَّامَةِ
75:2 ۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:3 أَيَحْسَبُ ٱلْإِنسَـٰنُ أَلَّن نَّجْمَعَ عِظَامَهُۥ
75:3 ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:4 بَلَىٰ قَـٰدِرِينَ عَلَىٰٓ أَن نُّسَوِّىَ بَنَانَهُۥ
75:4 ھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:5 بَلْ يُرِيدُ ٱلْإِنسَـٰنُ لِيَفْجُرَ أَمَامَهُۥ
75:5 بلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:6 يَسْـَٔلُ أَيَّانَ يَوْمُ ٱلْقِيَـٰمَةِ
75:6 پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:7 فَإِذَا بَرِقَ ٱلْبَصَرُ
75:7 پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:8 وَخَسَفَ ٱلْقَمَرُ
75:8 ۽ چنڊ گرھبو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:9 وَجُمِعَ ٱلشَّمْسُ وَٱلْقَمَرُ
75:9 ۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:10 يَقُولُ ٱلْإِنسَـٰنُ يَوْمَئِذٍ أَيْنَ ٱلْمَفَرُّ
75:10 (تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:11 كَلَّا لَا وَزَرَ
75:11 نه نه! ڪا واھ ڪانھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:12 إِلَىٰ رَبِّكَ يَوْمَئِذٍ ٱلْمُسْتَقَرُّ
75:12 تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:13 يُنَبَّؤُا۟ ٱلْإِنسَـٰنُ يَوْمَئِذٍۭ بِمَا قَدَّمَ وَأَخَّرَ
75:13 اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:14 بَلِ ٱلْإِنسَـٰنُ عَلَىٰ نَفْسِهِۦ بَصِيرَةٌ
75:14 بلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:15 وَلَوْ أَلْقَىٰ مَعَاذِيرَهُۥ
75:15 توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:16 لَا تُحَرِّكْ بِهِۦ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهِۦٓ
75:16 (اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:17 إِنَّ عَلَيْنَا جَمْعَهُۥ وَقُرْءَانَهُۥ
75:17 ڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:18 فَإِذَا قَرَأْنَـٰهُ فَٱتَّبِعْ قُرْءَانَهُۥ
75:18 پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:19 ثُمَّ إِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهُۥ
75:19 وري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:20 كَلَّا بَلْ تُحِبُّونَ ٱلْعَاجِلَةَ
75:20 نه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:21 وَتَذَرُونَ ٱلْـَٔاخِرَةَ
75:21 ۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:22 وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ نَّاضِرَةٌ
75:22 ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:23 إِلَىٰ رَبِّهَا نَاظِرَةٌ
75:23 پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:24 وَوُجُوهٌ يَوْمَئِذٍۭ بَاسِرَةٌ
75:24 ۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:25 تَظُنُّ أَن يُفْعَلَ بِهَا فَاقِرَةٌ
75:25 ڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:26 كَلَّآ إِذَا بَلَغَتِ ٱلتَّرَاقِىَ
75:26 نه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:27 وَقِيلَ مَنْ ۜ رَاقٍ
75:27 ۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:28 وَظَنَّ أَنَّهُ ٱلْفِرَاقُ
75:28 ۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:29 وَٱلْتَفَّتِ ٱلسَّاقُ بِٱلسَّاقِ
75:29 ۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:30 إِلَىٰ رَبِّكَ يَوْمَئِذٍ ٱلْمَسَاقُ
75:30 اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:31 فَلَا صَدَّقَ وَلَا صَلَّىٰ
75:31 پوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:32 وَلَـٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰ
75:32 پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:33 ثُمَّ ذَهَبَ إِلَىٰٓ أَهْلِهِۦ يَتَمَطَّىٰٓ
75:33 وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:34 أَوْلَىٰ لَكَ فَأَوْلَىٰ
75:34 توتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:35 ثُمَّ أَوْلَىٰ لَكَ فَأَوْلَىٰٓ
75:35 وري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:36 أَيَحْسَبُ ٱلْإِنسَـٰنُ أَن يُتْرَكَ سُدًى
75:36 ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:37 أَلَمْ يَكُ نُطْفَةً مِّن مَّنِىٍّ يُمْنَىٰ
75:37 (اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:38 ثُمَّ كَانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوَّىٰ
75:38 وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:39 فَجَعَلَ مِنْهُ ٱلزَّوْجَيْنِ ٱلذَّكَرَ وَٱلْأُنثَىٰٓ
75:39 پوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

75:40 أَلَيْسَ ذَٰلِكَ بِقَـٰدِرٍ عَلَىٰٓ أَن يُحْـِۧىَ ٱلْمَوْتَىٰ
75:40 اھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)