Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
55:1
ٱلرَّحْمَـٰنُ
55:1
ٻاجھاري (الله). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:2
عَلَّمَ ٱلْقُرْءَانَ
55:2
قرآن سيکاريو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:3
خَلَقَ ٱلْإِنسَـٰنَ
55:3
ماڻھو کي پيدا ڪيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:4
عَلَّمَهُ ٱلْبَيَانَ
55:4
ان کي پڌرو ڳالھائڻ سيکاريائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:5
ٱلشَّمْسُ وَٱلْقَمَرُ بِحُسْبَانٍ
55:5
سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:6
وَٱلنَّجْمُ وَٱلشَّجَرُ يَسْجُدَانِ
55:6
۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:7
وَٱلسَّمَآءَ رَفَعَهَا وَوَضَعَ ٱلْمِيزَانَ
55:7
۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:8
أَلَّا تَطْغَوْا۟ فِى ٱلْمِيزَانِ
55:8
ھن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:9
وَأَقِيمُوا۟ ٱلْوَزْنَ بِٱلْقِسْطِ وَلَا تُخْسِرُوا۟ ٱلْمِيزَانَ
55:9
۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:10
وَٱلْأَرْضَ وَضَعَهَا لِلْأَنَامِ
55:10
ماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:11
فِيهَا فَـٰكِهَةٌ وَٱلنَّخْلُ ذَاتُ ٱلْأَكْمَامِ
55:11
منجھس (ھر جنس) جو ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:12
وَٱلْحَبُّ ذُو ٱلْعَصْفِ وَٱلرَّيْحَانُ
55:12
۽ بُھ وارو اَنُّ ۽ سرھاڻيون (به اُن ۾) آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:13
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:13
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي رب جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:14
خَلَقَ ٱلْإِنسَـٰنَ مِن صَلْصَـٰلٍ كَٱلْفَخَّارِ
55:14
ماڻھوءَ کي ٽِڪر جھڙي وڄندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:15
وَخَلَقَ ٱلْجَآنَّ مِن مَّارِجٍ مِّن نَّارٍ
55:15
۽ جنّ کي باھ جي الانبي مان بڻايائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:16
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:16
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:17
رَبُّ ٱلْمَشْرِقَيْنِ وَرَبُّ ٱلْمَغْرِبَيْنِ
55:17
جو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار آھي ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:18
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:18
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:19
مَرَجَ ٱلْبَحْرَيْنِ يَلْتَقِيَانِ
55:19
ٻن دريائن (کاري ۽ مٺيءَ) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:20
بَيْنَهُمَا بَرْزَخٌ لَّا يَبْغِيَانِ
55:20
انھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نه ڪندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:21
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:21
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:22
يَخْرُجُ مِنْهُمَا ٱللُّؤْلُؤُ وَٱلْمَرْجَانُ
55:22
انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:23
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:23
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:24
وَلَهُ ٱلْجَوَارِ ٱلْمُنشَـَٔاتُ فِى ٱلْبَحْرِ كَٱلْأَعْلَـٰمِ
55:24
۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُچا الله جا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:25
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:25
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:26
كُلُّ مَنْ عَلَيْهَا فَانٍ
55:26
جيڪو به زمين تي آھي سو سڀ ناس ٿيندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:27
وَيَبْقَىٰ وَجْهُ رَبِّكَ ذُو ٱلْجَلَـٰلِ وَٱلْإِكْرَامِ
55:27
۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ذات باقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:28
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:28
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:29
يَسْـَٔلُهُۥ مَن فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ كُلَّ يَوْمٍ هُوَ فِى شَأْنٍ
55:29
جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو ڪم ۾ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:30
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:30
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:31
سَنَفْرُغُ لَكُمْ أَيُّهَ ٱلثَّقَلَانِ
55:31
اي جنّو ۽ ماڻھؤ (اسين واندا ٿي) اوھان ڏانھن جلد متوجه ٿينداسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:32
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:32
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:33
يَـٰمَعْشَرَ ٱلْجِنِّ وَٱلْإِنسِ إِنِ ٱسْتَطَعْتُمْ أَن تَنفُذُوا۟ مِنْ أَقْطَارِ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ فَٱنفُذُوا۟ ۚ لَا تَنفُذُونَ إِلَّا بِسُلْطَـٰنٍ
55:33
اي جِنّن ۽ ماڻھن جي ٽولي جيڪڏھن اوھين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاھر نڪري سگھندا آھيو ته نڪرو، وڏي ھمت کانسواءِ ٻي طرح نڪري نه سگھندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:34
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:34
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:35
يُرْسَلُ عَلَيْكُمَا شُوَاظٌ مِّن نَّارٍ وَنُحَاسٌ فَلَا تَنتَصِرَانِ
55:35
اوھان تي باھ جو اُلنبو ۽ دُونھون موڪلبو جو مقابلو ڪري نه سگھندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:36
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:36
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:37
فَإِذَا ٱنشَقَّتِ ٱلسَّمَآءُ فَكَانَتْ وَرْدَةً كَٱلدِّهَانِ
55:37
پوءِ جڏھن آسمان ڦاٽندو تڏھن اڌوڙ وانگر گلابي ٿيندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:38
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:38
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:39
فَيَوْمَئِذٍ لَّا يُسْـَٔلُ عَن ذَنۢبِهِۦٓ إِنسٌ وَلَا جَآنٌّ
55:39
پوءِ اُن ڏينھن نڪي ماڻھو ۽ نڪي جن پنھنجي گناھ بابت پُڇبا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:40
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:40
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙن نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:41
يُعْرَفُ ٱلْمُجْرِمُونَ بِسِيمَـٰهُمْ فَيُؤْخَذُ بِٱلنَّوَٰصِى وَٱلْأَقْدَامِ
55:41
ڏوھاري پنھنجي شڪلين مان پيا سڃاتا ويندا ۽ پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:42
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:42
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:43
هَـٰذِهِۦ جَهَنَّمُ ٱلَّتِى يُكَذِّبُ بِهَا ٱلْمُجْرِمُونَ
55:43
(چئبو ته) ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي گنھگارن ڪوڙ ڀانيو ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:44
يَطُوفُونَ بَيْنَهَا وَبَيْنَ حَمِيمٍ ءَانٍ
55:44
انھيءَ (دوزخ) ۾ ۽ تَتي ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ پيا ايندا ويندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:45
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:45
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:46
وَلِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِۦ جَنَّتَانِ
55:46
۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھڻ کان ڊنو تنھن لاءِ ٻه باغ آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:47
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:47
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:48
ذَوَاتَآ أَفْنَانٍ
55:48
ٻئي باغ گھاٽا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:49
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:49
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:50
فِيهِمَا عَيْنَانِ تَجْرِيَانِ
55:50
انھن (ٻن باغن) ۾ ٻه چشما وھن ٿا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:51
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:51
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:52
فِيهِمَا مِن كُلِّ فَـٰكِهَةٍ زَوْجَانِ
55:52
انھن ٻنھي (باغن) ۾ سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه جنسون آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:53
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:53
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:54
مُتَّكِـِٔينَ عَلَىٰ فُرُشٍۭ بَطَآئِنُهَا مِنْ إِسْتَبْرَقٍ ۚ وَجَنَى ٱلْجَنَّتَيْنِ دَانٍ
55:54
اھڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ھوندا جنھن جو استر اِسۡتَبۡرق پٽ مان ھوندو، ۽ انھن ٻنھي باغن جو ميوو ويجھو ھوندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:55
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:55
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:56
فِيهِنَّ قَـٰصِرَٰتُ ٱلطَّرْفِ لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إِنسٌ قَبْلَهُمْ وَلَا جَآنٌّ
55:56
اُنھن (باغن جي ماڙين) ۾ (شرم ڪري) ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون (حُورون) ھونديون جن کي اُنھن کان اڳ نڪي ڪنھن ماڻھو ۽ جنّ ڇھيو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:57
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:57
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:58
كَأَنَّهُنَّ ٱلْيَاقُوتُ وَٱلْمَرْجَانُ
55:58
اُھي (حُورون) ڄڻڪ ياقُوت ۽ مَرجان آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:59
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:59
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:60
هَلْ جَزَآءُ ٱلْإِحْسَـٰنِ إِلَّا ٱلْإِحْسَـٰنُ
55:60
چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:61
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:61
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھارجي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:62
وَمِن دُونِهِمَا جَنَّتَانِ
55:62
۽ اُنھن ٻن (باغن) کانسواءِ ٻيا ٻه باغ به آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:63
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:63
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:64
مُدْهَآمَّتَانِ
55:64
ٻئي ڏاڍا ساوا چھچ آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:65
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:65
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:66
فِيهِمَا عَيْنَانِ نَضَّاخَتَانِ
55:66
اُنھن ٻنھي (باغن) ۾ ڦوھاري وانگر جوش سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:67
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:67
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:68
فِيهِمَا فَـٰكِهَةٌ وَنَخْلٌ وَرُمَّانٌ
55:68
انھن ٻنھي باغن ۾ (ھر جنس جو) ميوو ۽ کجيون ۽ ڏاڙھون ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:69
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:69
پوءِ (ي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:70
فِيهِنَّ خَيْرَٰتٌ حِسَانٌ
55:70
انھن (باغن) ۾ سڳوريون سھڻيون زالون ھونديون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:71
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:71
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:72
حُورٌ مَّقْصُورَٰتٌ فِى ٱلْخِيَامِ
55:72
حُورون تنبن منجھ پردہ نشين ھونديون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:73
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:73
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:74
لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إِنسٌ قَبْلَهُمْ وَلَا جَآنٌّ
55:74
انھن کي انھن (بھشتين) کان اڳ نڪي ماڻھو ۽ نڪي ڪنھن جنّ ڇھيو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:75
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:75
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:76
مُتَّكِـِٔينَ عَلَىٰ رَفْرَفٍ خُضْرٍ وَعَبْقَرِىٍّ حِسَانٍ
55:76
ساون وھاڻن ۽ سھڻن پٿراڻين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:77
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
55:77
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
55:78
تَبَـٰرَكَ ٱسْمُ رَبِّكَ ذِى ٱلْجَلَـٰلِ وَٱلْإِكْرَامِ
55:78
تنھنجي پالڻھار عزت واري جو نالو وڏي برڪت وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)