Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

78 An-Naba' ٱلنَّبَأ

< Previous   40 Āyah   The Tidings      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

78:1 عَمَّ يَتَسَآءَلُونَ
78:1
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا.

78:2 عَنِ ٱلنَّبَإِ ٱلْعَظِيمِ
78:2
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت.

78:3 ٱلَّذِى هُمْ فِيهِ مُخْتَلِفُونَ
78:3
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن.

78:4 كَلَّا سَيَعْلَمُونَ
78:4
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.

78:5 ثُمَّ كَلَّا سَيَعْلَمُونَ
78:5
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.

78:6 أَلَمْ نَجْعَلِ ٱلْأَرْضَ مِهَـٰدًا
78:6
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟

78:7 وَٱلْجِبَالَ أَوْتَادًا
78:7
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جبلن کي ميخون؟

78:8 وَخَلَقْنَـٰكُمْ أَزْوَٰجًا
78:8
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون.

78:9 وَجَعَلْنَا نَوْمَكُمْ سُبَاتًا
78:9
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون.

78:10 وَجَعَلْنَا ٱلَّيْلَ لِبَاسًا
78:10
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون.

78:11 وَجَعَلْنَا ٱلنَّهَارَ مَعَاشًا
78:11
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون.

78:12 وَبَنَيْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعًا شِدَادًا
78:12
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون.

78:13 وَجَعَلْنَا سِرَاجًا وَهَّاجًا
78:13
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون.

78:14 وَأَنزَلْنَا مِنَ ٱلْمُعْصِرَٰتِ مَآءً ثَجَّاجًا
78:14
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون.

78:15 لِّنُخْرِجَ بِهِۦ حَبًّا وَنَبَاتًا
78:15
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون.

78:16 وَجَنَّـٰتٍ أَلْفَافًا
78:16
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ گھاٽاباغ (به).

78:17 إِنَّ يَوْمَ ٱلْفَصْلِ كَانَ مِيقَـٰتًا
78:17
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي.

78:18 يَوْمَ يُنفَخُ فِى ٱلصُّورِ فَتَأْتُونَ أَفْوَاجًا
78:18
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.

78:19 وَفُتِحَتِ ٱلسَّمَآءُ فَكَانَتْ أَبْوَٰبًا
78:19
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو.

78:20 وَسُيِّرَتِ ٱلْجِبَالُ فَكَانَتْ سَرَابًا
78:20
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا.

78:21 إِنَّ جَهَنَّمَ كَانَتْ مِرْصَادًا
78:21
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي.

78:22 لِّلطَّـٰغِينَ مَـَٔابًا
78:22
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي.

78:23 لَّـٰبِثِينَ فِيهَآ أَحْقَابًا
78:23
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا.

78:24 لَّا يَذُوقُونَ فِيهَا بَرْدًا وَلَا شَرَابًا
78:24
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا.

78:25 إِلَّا حَمِيمًا وَغَسَّاقًا
78:25
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ.

78:26 جَزَآءً وِفَاقًا
78:26
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي.

78:27 إِنَّهُمْ كَانُوا۟ لَا يَرْجُونَ حِسَابًا
78:27
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا.

78:28 وَكَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا كِذَّابًا
78:28
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا.

78:29 وَكُلَّ شَىْءٍ أَحْصَيْنَـٰهُ كِتَـٰبًا
78:29
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون.

78:30 فَذُوقُوا۟ فَلَن نَّزِيدَكُمْ إِلَّا عَذَابًا
78:30
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون.

78:31 إِنَّ لِلْمُتَّقِينَ مَفَازًا
78:31
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي.

78:32 حَدَآئِقَ وَأَعْنَـٰبًا
78:32
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جو باغ ۽ ڊاکون.

78:33 وَكَوَاعِبَ أَتْرَابًا
78:33
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ھم عمر نوجوان زالون.

78:34 وَكَأْسًا دِهَاقًا
78:34
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به).

78:35 لَّا يَسْمَعُونَ فِيهَا لَغْوًا وَلَا كِذَّٰبًا
78:35
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا.

78:36 جَزَآءً مِّن رَّبِّكَ عَطَآءً حِسَابًا
78:36
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي.

78:37 رَّبِّ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ٱلرَّحْمَـٰنِ ۖ لَا يَمْلِكُونَ مِنْهُ خِطَابًا
78:37
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو.

78:38 يَوْمَ يَقُومُ ٱلرُّوحُ وَٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ صَفًّا ۖ لَّا يَتَكَلَّمُونَ إِلَّا مَنْ أَذِنَ لَهُ ٱلرَّحْمَـٰنُ وَقَالَ صَوَابًا
78:38
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا.

78:39 ذَٰلِكَ ٱلْيَوْمُ ٱلْحَقُّ ۖ فَمَن شَآءَ ٱتَّخَذَ إِلَىٰ رَبِّهِۦ مَـَٔابًا
78:39
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي.

78:40 إِنَّآ أَنذَرْنَـٰكُمْ عَذَابًا قَرِيبًا يَوْمَ يَنظُرُ ٱلْمَرْءُ مَا قَدَّمَتْ يَدَاهُ وَيَقُولُ ٱلْكَافِرُ يَـٰلَيْتَنِى كُنتُ تُرَٰبًۢا
78:40
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا.