Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

80 `Abasa عَبَسَ

< Previous   42 Āyah   He Frowned      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

80:1 عَبَسَ وَتَوَلَّىٰٓ
80:1 مُنھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:2 أَن جَآءَهُ ٱلْأَعْمَىٰ
80:2 ھن ڪري جو وٽس نابين آيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:3 وَمَا يُدْرِيكَ لَعَلَّهُۥ يَزَّكَّىٰٓ
80:3 ۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:4 أَوْ يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ ٱلذِّكْرَىٰٓ
80:4 يا نصيحت ٻڌي ھا پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:5 أَمَّا مَنِ ٱسْتَغْنَىٰ
80:5 پر جنھن بي پرواھي ڪئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:6 فَأَنتَ لَهُۥ تَصَدَّىٰ
80:6 پوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:7 وَمَا عَلَيْكَ أَلَّا يَزَّكَّىٰ
80:7 ھن ۾ توتي (ڪا ميار) ڪانھي ته اُھو نه سُڌرجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:8 وَأَمَّا مَن جَآءَكَ يَسْعَىٰ
80:8 ۽ جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:9 وَهُوَ يَخْشَىٰ
80:9 ۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄي ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:10 فَأَنتَ عَنْهُ تَلَهَّىٰ
80:10 پوءِ تنھن کان تون ويسلو ٿئين ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:11 كَلَّآ إِنَّهَا تَذْكِرَةٌ
80:11 ائين نه آھي بيشڪ اھي (قرآن جون آيتون) ھڪ نصيحت آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:12 فَمَن شَآءَ ذَكَرَهُۥ
80:12 پوءِ جيڪو گھُري سو قرآن ياد رکي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:13 فِى صُحُفٍ مُّكَرَّمَةٍ
80:13 (بيشڪ قرآن جون آيتون) تعظيم وارن ورقن ۾ لکيل آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:14 مَّرْفُوعَةٍ مُّطَهَّرَةٍۭ
80:14 جي مٿاھان ۽ پاڪ آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:15 بِأَيْدِى سَفَرَةٍ
80:15 لکندڙن جي ھٿن ۾. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:16 كِرَامٍۭ بَرَرَةٍ
80:16 جي سڳورا ڀلارا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:17 قُتِلَ ٱلْإِنسَـٰنُ مَآ أَكْفَرَهُۥ
80:17 ماڻھو ماريو وڃي جو ڪھڙو نه بي شُڪر آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:18 مِنْ أَىِّ شَىْءٍ خَلَقَهُۥ
80:18 (ڌيان ڪري ته الله) ڪھڙي شيءَ مان پيدا ڪيس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:19 مِن نُّطْفَةٍ خَلَقَهُۥ فَقَدَّرَهُۥ
80:19 مني جي ڦڙي مان، خلقيائينس پوءِ اندازو مقرر ڪيائينس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:20 ثُمَّ ٱلسَّبِيلَ يَسَّرَهُۥ
80:20 وري (نڪرڻ جي) واٽ سنھنجي ڪيائينس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:21 ثُمَّ أَمَاتَهُۥ فَأَقْبَرَهُۥ
80:21 وري ماريائينس پوءِ قبر ۾ رکايائينس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:22 ثُمَّ إِذَا شَآءَ أَنشَرَهُۥ
80:22 وري جڏھن گھرندو تڏھن اُن کي جيئرو ڪندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:23 كَلَّا لَمَّا يَقْضِ مَآ أَمَرَهُۥ
80:23 ائين نه آھي جيڪي فرمايائينس سو پورو نه ڪيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:24 فَلْيَنظُرِ ٱلْإِنسَـٰنُ إِلَىٰ طَعَامِهِۦٓ
80:24 پوءِ جڳائي ته ماڻھو پنھنجي کاڌي ڏانھن نھاري ڏسي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:25 أَنَّا صَبَبْنَا ٱلْمَآءَ صَبًّا
80:25 ته اسان پاڻي کي چڱيءَ طرح آسمان کان پلٽيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:26 ثُمَّ شَقَقْنَا ٱلْأَرْضَ شَقًّا
80:26 وري زمين کي پوري طرح چيريوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:27 فَأَنۢبَتْنَا فِيهَا حَبًّا
80:27 پوءِ منجھس اَن ڄمايوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:28 وَعِنَبًا وَقَضْبًا
80:28 ۽ ڊاکون ۽ ترڪاريون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:29 وَزَيْتُونًا وَنَخْلًا
80:29 ۽ زيتون ۽ کجيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:30 وَحَدَآئِقَ غُلْبًا
80:30 ۽ گھاٽا باغ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:31 وَفَـٰكِهَةً وَأَبًّا
80:31 ۽ ميوو ۽ گاھ (به). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:32 مَّتَـٰعًا لَّكُمْ وَلِأَنْعَـٰمِكُمْ
80:32 اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن لاءِ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:33 فَإِذَا جَآءَتِ ٱلصَّآخَّةُ
80:33 پوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:34 يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ
80:34 انھي ڏينھن آدمي پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:35 وَأُمِّهِۦ وَأَبِيهِ
80:35 ۽ (پڻ) پنھنجي ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:36 وَصَـٰحِبَتِهِۦ وَبَنِيهِ
80:36 ۽ پنھنجي گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:37 لِكُلِّ ٱمْرِئٍ مِّنْهُمْ يَوْمَئِذٍ شَأْنٌ يُغْنِيهِ
80:37 انھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:38 وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ مُّسْفِرَةٌ
80:38 ڪيترائي منھن اُن ڏينھن روشن ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:39 ضَاحِكَةٌ مُّسْتَبْشِرَةٌ
80:39 کِلندڙ ۽ (تمام) سرھا ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:40 وَوُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ عَلَيْهَا غَبَرَةٌ
80:40 ۽ ڪيترائي منھن (ھوندا) جن تي اُن ڏينھن رئي پيل ھوندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:41 تَرْهَقُهَا قَتَرَةٌ
80:41 جن کي ڪارنھن ويڙھي ويندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

80:42 أُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْكَفَرَةُ ٱلْفَجَرَةُ
80:42 اھي ئي مُنڪر بدڪار آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)