Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
89:1
وَٱلْفَجْرِ
89:1
پرھ جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:2
وَلَيَالٍ عَشْرٍ
89:2
۽ ڏھن راتين جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:3
وَٱلشَّفْعِ وَٱلْوَتْرِ
89:3
۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:4
وَٱلَّيْلِ إِذَا يَسْرِ
89:4
۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:5
هَلْ فِى ذَٰلِكَ قَسَمٌ لِّذِى حِجْرٍ
89:5
ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:6
أَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ
89:6
نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:7
إِرَمَ ذَاتِ ٱلْعِمَادِ
89:7
(جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:8
ٱلَّتِى لَمْ يُخْلَقْ مِثْلُهَا فِى ٱلْبِلَـٰدِ
89:8
جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:9
وَثَمُودَ ٱلَّذِينَ جَابُوا۟ ٱلصَّخْرَ بِٱلْوَادِ
89:9
۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:10
وَفِرْعَوْنَ ذِى ٱلْأَوْتَادِ
89:10
۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:11
ٱلَّذِينَ طَغَوْا۟ فِى ٱلْبِلَـٰدِ
89:11
انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:12
فَأَكْثَرُوا۟ فِيهَا ٱلْفَسَادَ
89:12
پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:13
فَصَبَّ عَلَيْهِمْ رَبُّكَ سَوْطَ عَذَابٍ
89:13
تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:14
إِنَّ رَبَّكَ لَبِٱلْمِرْصَادِ
89:14
بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:15
فَأَمَّا ٱلْإِنسَـٰنُ إِذَا مَا ٱبْتَلَىٰهُ رَبُّهُۥ فَأَكْرَمَهُۥ وَنَعَّمَهُۥ فَيَقُولُ رَبِّىٓ أَكْرَمَنِ
89:15
پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:16
وَأَمَّآ إِذَا مَا ٱبْتَلَىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهُۥ فَيَقُولُ رَبِّىٓ أَهَـٰنَنِ
89:16
۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:17
كَلَّا ۖ بَل لَّا تُكْرِمُونَ ٱلْيَتِيمَ
89:17
(ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:18
وَلَا تَحَـٰٓضُّونَ عَلَىٰ طَعَامِ ٱلْمِسْكِينِ
89:18
۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:19
وَتَأْكُلُونَ ٱلتُّرَاثَ أَكْلًا لَّمًّا
89:19
۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:20
وَتُحِبُّونَ ٱلْمَالَ حُبًّا جَمًّا
89:20
۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:21
كَلَّآ إِذَا دُكَّتِ ٱلْأَرْضُ دَكًّا دَكًّا
89:21
ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:22
وَجَآءَ رَبُّكَ وَٱلْمَلَكُ صَفًّا صَفًّا
89:22
۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:23
وَجِا۟ىٓءَ يَوْمَئِذٍۭ بِجَهَنَّمَ ۚ يَوْمَئِذٍ يَتَذَكَّرُ ٱلْإِنسَـٰنُ وَأَنَّىٰ لَهُ ٱلذِّكْرَىٰ
89:23
۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:24
يَقُولُ يَـٰلَيْتَنِى قَدَّمْتُ لِحَيَاتِى
89:24
چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:25
فَيَوْمَئِذٍ لَّا يُعَذِّبُ عَذَابَهُۥٓ أَحَدٌ
89:25
پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:26
وَلَا يُوثِقُ وَثَاقَهُۥٓ أَحَدٌ
89:26
۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:27
يَـٰٓأَيَّتُهَا ٱلنَّفْسُ ٱلْمُطْمَئِنَّةُ
89:27
(مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:28
ٱرْجِعِىٓ إِلَىٰ رَبِّكِ رَاضِيَةً مَّرْضِيَّةً
89:28
تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:29
فَٱدْخُلِى فِى عِبَـٰدِى
89:29
تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
89:30
وَٱدْخُلِى جَنَّتِى
89:30
۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)